ڪراچي (ارباب چانڊيو)سنڌ ۾ ڪڻڪ جو وڏو بحران پيدا ٿي ويو آهي، جنهن کان پوءِ سنڌ جي پوري ڪابينا گڏجي ويهڻ تي مجبور ٿي وئي آهي. صوبي ۾ ڪڻڪ جي بمپر فصل (بهترين پيداوار) ٿيڻ جي باوجود سرڪاري گودام خالي آهن، جنهن ڪري اوپن مارڪيٽ ۾ اٽي جي قيمتن ۾ اڳواٽ ئي وڏو اضافو ٿي چڪو آهي.ذريعن موجب، سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ پيش ڪيل تازن انگن اکرن ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته مالي سال 2026-27 دوران سنڌ ۾ مجموعي طور تي 15 لک 90 هزار ٽن ڪڻڪ جي وڏي کوٽ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.سرڪار ناڪام، ذخيرو ڪندڙ ۽ آڙتين فائدو کڻي ويا، رپورٽ موجب، سنڌ حڪومت پاران آبادگارن لاءِ ڪڻڪ جو سرڪاري اگهه 3500 رپيا في مڻ مقرر ڪيو ويو هو، پر ان جي مقابلي ۾ وڏن ذخيرو ڪندڙن ۽ آڙتين کليل مارڪيٽ مان 4000 رپيا في مڻ جي حساب سان ڪڻڪ خريد ڪري پنهنجا گودام ڀري ڇڏيا. نتيجي ۾، سنڌ حڪومت پنهنجو گهربل هدف پورو ڪرڻ ۾ مڪمل طور تي ناڪام رهي آهي ۽ هاڻي ڪڻڪ جو پورو ڪنٽرول حڪومت جي هٿن مان نڪري ذخيرو ڪندڙن جي هٿن ۾ هليو ويو آهي، جيڪي هاڻي پنهنجي مرضيءَ جا اگهھ مقرر ڪري رهيا آهن. ڪڻڪ جي نئين فصل مارڪيٽ ۾ اچڻ جي باوجود، شروعاتي مهينن ۾ ئي اٽي جي قيمتن کي پر لڳي ويا آهن. اڄ جي مارڪيٽ جي صورتحال موجب، 5 ڪلو اٽي جي ٿيلهي تي 70 کان 100 رپيا جڏهن ته چڪي جي اٽي تي في ڪلو 20 رپيا اضافو ٿي چڪو آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته نئون فصل اچڻ ۾ اڃا 9 کان 10 مهينا باقي آهن، تنهنڪري اڳتي هلي اٽي جون قيمتون آسمان سان ڳالهيون ڪنديون. ان ڏس ۾ اهو به واضح ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن پيٽرول جي قيمت هڪ رپيو في ليٽر به ٿي وڃي، تڏهن به اٽي جي قيمت گهٽ نه ٿيندي، ڇاڪاڻ ته ڪڻڪ مهانگي اگهه تي ذخيرو ڪئي وئي آهي. هن سنگين صورتحال ۽ انتظامي ناڪامي کان پوءِ، سنڌ حڪومت قانون، زراعت ۽ آبپاشي کاتي جي سيڪريٽرين تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي. ڪميٽي کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو هن بحران جو فوري ڪو حل ڳولي ڪڍن. تنهن هوندي به تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته معاملو هاڻي حڪومت جي ڪنٽرول کان ٻاهر نڪري چڪو آهي ۽ ذخيرو ڪندڙن پاران سنڌ جي ڪروڙين عوام جي کيسن تي اربين رپين جو وڏو ڌاڙو هنيو پيو وڃي، جنهن کي روڪڻ ۾ سرڪار بي بس نظر اچي رهي آهي.