اسلام آباد (بيورو) حڪومت طرفان پيٽرول تي 80 رپيا ليوي وصول ڪرڻ جو اعتراف ڪيو ويو آهي، پيٽروليم واري وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو آهي ته حڪومت پيٽرول تي تقريبن 80 رپيا ۽ ڊيزل تي 70 رپيا ليوي وصول ڪري رهي آهي، جيڪڏهن پيٽروليم شين تي لاڳو ليوي ختم ڪئي وڃي ته ٻارڻ جون قيمتون نمايان گهٽجي سگهن ٿيون، پر ليوي ختم ڪرڻ سان حڪومتي آمدني لاءِ متبادل بندوبست ڪرڻو پوندو، قومي اسيمبلي جي پيٽروليم بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته حڪومت جا خرچ يا ته ليوي ذريعي پورا ڪيا وڃن ٿا يا وري مهانگائي جو بار برداشت ڪرڻو پوي ٿو، ڪچو تيل سستو ٿيڻ سان پيٽرول لازمي سستو ناهي ٿيندو، آمريڪا، اسرائيل ۽ ايران جي جنگ دوران حڪومت ڏکيا پر ضروري فيصلا ڪيا، جيڪڏهن ڪنهن هڪ پيٽرول پمپ تي به ٻارڻ ختم ٿي وڃي ها ته سنگين صورتحال پيدا ٿي سگهي ٿي، جڏهن ته ڪيترن ملڪن ۾ ٻارڻ جي بحران دوران فوج به مقرر ڪرڻي پئي، ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي وزير پيٽروليم چيو ته حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ ٿيندڙ گهٽتائي جو پورو فائدو عوام تائين منتقل ڪرڻ لاءِ پرعزم آهي.