قومي عوامي تحريڪ پاران پاڻي کوٽ، ڪرپشن ۽ نياڻين جي اغوا خلاف احتجاج جاري

حيدرآباد /شھدادپور(پ ر)سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، سنڌو درياھ تي ڌاڙي، 28ھين ترميم، ڪرپشن، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش، اجالا پروين ۽ پريا ڪماري جي اغوا، ڪاروڪاري سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف  متحد ۽ مضبوط سنڌ جي عنوان سان 28ھين ڏينھن به سنڌ جي مختلف شهرن ۾ پيادل مارچ ۽ ڪارنر گڏجاڻي منعقد ڪئي وئي.ان ڏس ۾ شھدادپور ۾ مارچ جي اڳواڻي سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي آرگنائيزر شازيه احمداڻي، نصرت خاصخيلي،ھيمي ڀيل، بختاور کوسو، زبير ماڪوڙاڻي، ايڊووڪيٽ صدام کوسو، محمود رخشاڻي، حضور بخش ڏاھري،آتم  ڀيل، نارو ڀيل، سڄڻ کوسو، رئوف باگراڻي، گلشير باگراڻي، نواب ڏاھري،عامر سنڌي ۽ ٻين ڪئي.ھوسڙي ڀرسان ڳوٺ درياھ خان سولنگي ۾ نظير بليدي، نورحسن جمالي، خير محمد چانڊيو، جمن سولنگي، بابو ميمڻ ۽ ٻين ڪارنر گڏجاڻي کي خطاب ڪيو.ان موقعي تي شازيا احمداڻي خطاب ڪندي چيو ته وسيلن جو سودو ڪندڙ حڪمران وحدت لاءِ خطرو بڻجي ويا آھن. پاڻي کوٽ، نقلي ٻج، نقلي دوائن جي ڪري زرعي معيشت شديد بحران جو شڪار آھي. سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھنيا پيا وڃن. ميرٽ قتل ڪري نوڪرين جي منڊي لڳائي وئي آھي. ڪرپٽ حڪمران نوجوانن جي اميدن ۽ حوصلن جا قتل ڪري رھيا آھن. قبيلائي تڪرار ۽ انتھاپسندي وڌائي سنڌ جي ماڻھن کي ھڪٻئي سان ويڙھايو پيو وڃي. عامر سنڌي چيو ته  سنڌ جا ضلعا وڏيرن کي جاگيرون بنائي ڏنا ويا آھن، قانون جي حڪمراني بدران وڏيرا پنھنجي عدالت لڳايو ويٺا آھن. انصاف ناھي. ڪرپشن، لاقانونيت جو راڄ آھي. حضور بخش ڏاھري چيو ته  سنڌ جي زراعت کي ھٿ وٺي تباھ ڪري آبادگارن ۽ ھارين جو معاشي قتل ڪيو ويو آھي. هوڏانهن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو ته  سنڌ جي وسيلن تي قبضي ۽ وحدت تي وار ڪرڻ جون سازشون ڪيون پيون وڃن. هن چيو ته  جيڪڏهن ڪنهن شهر يا علائقي ۾ مسئلا آهن ته انهن کي مقامي سطح تي، اڳواٽ موجود بااختيار ادارن ذريعي حل ڪري سگهجي ٿو، نه ڪي ڌرتي کي ٽوڙي.اياز لطيف پليجو چيو تہ سنڌ جي عوام کي خبردار رهڻ گهرجي ته ورهاست جون ڳالهيون اڪثر سياسي مفادن، وسيلن تي قبضي ۽ طاقت جي سياست سان لاڳاپيل هونديون آهن

 

You might also like