ڪراچي (عوامي آواز نيوز) سنڌ جي اسپتالن ۾ عام طور تي علاج جون سهولتون نه هجڻ جي برابر هجن ٿيون، مختلف بيمارين ۾ ورتل معصوم ٻارڙا پريشان ٿين ٿا، انهن جا والدين اسپتالن ڏانهن وڃن ٿا، خانگي اسپتالن جو رخ ڪن ٿا ۽ ڳرا بل ڀرڻ تي مجبور ٿين ٿا، هتي ٻڌايون ته سرڪاري اسپتالن جي اندر اصل ۾ ٿئي ڇا ٿو، ڇا سرڪاري اسپتالن جي اندر هڪ علاج جي لاءِ ويندڙ مريض يا معصوم ٻار اتان 10 ٻيون بيماريون کڻي اچي ٿو، رپورٽن موجب ايئن ئي اسپتالن ۾ ٿي رهيو آهي ۽ نظر اچي رهيو آهي، رتيديري کان پوءِ گمبٽ ۾ به ايڇ آءِ وي جا ڪيس رپورٽ ٿيا، هاڻ وري وليڪا اسپتال ڪراچي جي ڳالهه ڪجي ته اتي پڻ هڪڙو ان قسم جو اسڪينڊل سامهون آيو آهي، جنهن ۾ 78 ٻارڙا ايڇ آءِ وي ايڊز جو شڪار ٿيا، چار ٻار فوت ٿيا آهن، صورتحال ڳڻتي جوڳي بڻيل آهي، جاچ ڪميٽي ويٺي، جاچ ڪميٽي 37 آفيسرن ۽ عملي کي معطل به ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ ذريعن وٽان مليل ڄاڻ موجب دوائن جي خريداري لاءِ ايم ايس مريضن کي ڪڇي گلي اماڻيندو هو، ڪڇي گلي غير معياري دوائن لاءِ بدنام آهي، ذريعن موجب هڪ سرنج جي بار بار استعمال سبب ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي ايڊز پکڙجي وئي، 4 ٻار ايڊز وگهي ٿي ويا آهن، ساڃاهه وند ۽ سڄاڻ ڌريون سوال ڪن ٿيون ته وليڪا اسپتال ۾ 78 ٻار ايڇ آءِ وي جو نشانو ڪيئن بڻيا، ايڊز وگهي 4 ٻارن جي موت جا ذميوار ڪير آهن، ذريعن موجب ڊاڪٽر نائلا ظهير جي سربراهي ۾ انڪوائري ڪميٽي پڻ رپورٽ ڏئي ڇڏي، ٻارن تي بار بار ساڳي سرنج استعمال ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو ويو، گڏ ڪيل ڄاڻ موجب هي ليبر کاتي جي ماتحت اداري جي اسپتال آهي ڪلثوم ٻائي وليڪا اسپتال جيڪا بنارس ۾ آهي، هن اسپتال ۾ غريب پورهيت جيڪي آهن انهن جي ٻارن جو علاج ٿيندو آهي، ليبر کاتي جي مجبوري صورتحال تي ڳالهه ڪئي وڃي ته تمام گهڻيون ڪرپشن جون ڪهاڻيون سامهون اچي ٿيون، وليڪا اسپتال ۾ هڪ نه، ٻه نه پر 78 ٻار ايڇ آءِ وي ايڊز ۾ مبتلا ٿي ويا، ذريعن موجب انڪوائري ڪميٽي جي رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون آيا، انڪوائري رپورٽ ۾ واضح ٿي ويو ته ٻارن تي هڪ سرنج بار بار استعمال ٿي، جنهن سبب ٻار هن خطرناڪ مرض ۾ مبتلا ٿي ويا، انڪوائري ڪميٽي آڏو انتظامي آفيسرن، ڊاڪٽرن توڙي ٻئي عملي هڪٻئي خلاف بيان ڏنا، ذريعن موجب انڪوائري ڪميٽي ۾ هڪ ملازم بيان ڏنو ته ايم ايس سرنجون پنهنجي آفيس ۾ رکي ڇڏيندو هو ۽ اتان صرف ڪجهه سرنجون ملنديون هيون، ان لاءِ انهن وٽ ڪو ٻيو آپشن ئي نه هو، ڪميٽي آڏو ايم ايس خلاف هڪ ٻئي ملازم بيان ڏنو ته ايم ايس دوائن جي جيڪا لوڪل پرچيز دوائون ڪندا آهن مقامي سطح تي خريداري ڪندا آهن اهي دوائون خريد ڪرڻ لاءِ انهن کي ڪڇي گلي موڪليو ويندو هو، جيڪا لياري ۾ آهي، ڪڇي گلي غير معياري دوائن جي حوالي سان بدنام آهي، ذريعن موجب ايم ايس به ڪميٽي آڏو بيان ۾ سڄو ملبو عملي تي ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي، سرنج جي بار بار استعمال سبب 78 ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي ٿي، چار ٻار جيڪي آهن ان ۾ فوت ٿي ويا، وليڪا اسپتال معاملي تي ذميوارن خلاف ڪارروائي جاري آهي.
وليڪا اسپتال ۾ ايڇ آءِ وي ڪيسن تي ٻه ڊاڪٽر معطل
ڪراچي(رپورٽر) ڪراچي سائيٽ ايريا ۾ بائي وليڪا اسپتال ۾ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي وبا جي ڪيس ۾ غفلت تي ٻن ڊاڪٽرن کي معطل ڪيو ويو آهي ۽ 37 ملازمن کي سبب ڄاڻايو نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن. رپورٽ موجب ڪراچي ۾ ڪلثوم وليڪا اسپتال ۾ ٻارن ۾ ايڇ آءِ وي جي وبا جي سنگين ڪيس ۾ آخرڪار کاتي جي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. شروعاتي جاچ جي روشني ۾ سنڌ ايمپلائيز سوشل سيڪيورٽي انسٽيٽيوشن (ايس ايس آءِ ايس) ٻن ڊاڪٽرن کي معطل ڪيو آهي ۽ هڪ ڊسپينسر کي انهن جي عهدن تان هٽايو آهي، جڏهن ته ڊاڪٽر، نرسون ۽ ٻيا طبي ۽ انتظامي عملو سميت ڪل 37 ملازمن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيا ويا آهن ۽ 14 ڏينهن اندر انهن کان جواب طلب ڪيو ويو آهي.