ٺٽو(رپورٽ: منصور جلالاڻي) عوامي تحريڪ جي سربراھ رسول بخش پليجو جي ورسي جي جلسي عام واري گرائونڊ جي قبضي ٿيل حصي تان قبضو ختم ڪرائڻ ۽ رسول بخش پليجو جي تصويرن وارا پينافلڪس ڦاڙيندڙ قبضاگيرن جي گرفتاري لاءِ عوامي تحريڪ پاران مڪلي کان ٺٽي تائين 5 ڪلوميٽر تائين پيادل مارچ، زوردار نعريبازي. عوامي تحريڪ پاران مڪلي پبلڪ کان ريلي ڪڍي وئي، ريلي قومي شاھراھ جو گشت ڪندي رڪشا اسٽاپ تي پھتي، جتي احتجاجي مظاھرو ڪري ڌرڻو ھنيو ويو. ان موقعي تي عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، سنڌياڻي تحريڪ جي مرڪزي صدر عمره سمون، نور احمد ڪاتيار،لال جروار،عبدالقادر رانٽو، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو، ايڊووڪيٽ اسماعيل خاصخيلي، ڪاشف ملاح، نور نبي پليجو، خالق گنڌرو،دريا خان زئور، عبدالرزاق چانڊيو، ايڊوڪيٽ اياز ڪلوئي، ايڊووڪيٽ آصف کوسو، ايڊوڪيٽ اياز ڪلوئي، سلميٰ لاشاري، ساجدہ پرهياڙ، افشين ميمڻ، ايڊووڪيٽ نويد عباس ڪلهوڙو، مٺا خان لاشاري، شاھ محمد چانگ ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته عوامي تحريڪ جي قائد رسول بخش پليجو ملڪ ۾ جمهوريت جي بحالي لاءِ تاريخي جدوجهدن جي اڳواڻي ڪئي.رسول بخش پليجو جي تصويرن جا پينافليڪس ڦاڙڻ سنڌ جي قومي اثاثي تي حملو آهي. رسول بخش پليجو جي ورسي جي جلسي گاھ جي پلاٽ جي انچ تي به قبضو سنڌ جو عوام ڪنھن به صورت برداشت ڪونه ڪندو. رسول بخش پليجو ملڪ ۾ جمهوري، آئيني ۽ قومي جدوجهد جي علامت آهي. هنن چيو ته عدالتي حڪم باوجود پوليس قبضي جي خاتمي لاءِ ڪا به ڪارروائي ناهي ڪئي، جيڪو افسوسناڪ آهي. رسول بخش پليجو جي مزار واري پلاٽ ۽ جلسي گاھ تي قبضو ڪندڙ فوج جي حاضر سروس ملازم کي گرفتار نٿو ڪيو وڃي. حاضر سروس ملازم اشفاق پليجو مٿان ڪرمنل ڪيس داخل آهي، ان باوجود پوليس ان کي گرفتار ڪرڻ لاءِ تيار ناهي. هو آزاد گهمي ڦري سرڪاري سرپرستي هيٺ قبضاگيري ڪري رهيو آهي. ٻه پوليس اهلڪار قبضاگيري ۽ دهشتگردي ۾ ملوث آهن، ان باوجود ايس ايس پي ٺٽو اهلڪارن خلاف ڪا به ڊپارٽمينٽنل ڪاروائي ناهي ڪئي، نه ئي وري ڪا جاچ ڪميٽي جوڙي آهي،