چين مان هميشه سٺيون خبرون اينديون رهن ٿيون. تازي خبر چيني دانشور ڊاڪٽر وڪٽر گاؤ جي بيان جي آهي، جنهن ۾ هن اهڙو رستو تجويز ڪيو آهي، جنهن تي عمل ڪندي ڀارت کي سنڌ طاس معاهدي تي عمل ڪرائڻ ممڪن بڻائي سگهجي ٿو. پنهنجي نوعيت جي لحاظ کان هي تجويز غيرمعمولي آهي ۽ هڪ لحاظ کان خيالي به محسوس ٿئي ٿي. ان جو سبب اهو آهي ته ڀارت، اسرائيل وانگر، نه گڏيل قومن جي فيصلن کي مڃي ٿو ۽ نه ئي عالمي انصاف واري عدالت جي فيصلن کي ڪا اهميت ڏئي ٿو. حقيقت ۾ ڀارت هڪ استعماري سوچ رکندڙ ملڪ آهي، جيڪو پنهنجي جسامت ۽ طاقت جي غرور ۾ پاڙيسري ملڪن تي بالادستي قائم ڪرڻ چاهي ٿو. گذريل اسي سالن جي تاريخ به انهيءَ حقيقت جي شاهدي ڏئي ٿي.
ڀارت پنهنجي سڀني پاڙيسري ملڪن سان اهڙو ئي رويو اختيار ڪيو آهي، جنهن جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته نيپال سميت سندس ڪو به پاڙيسري ملڪ ان کان خوش ناهي. سٺ واري ڏهاڪي ۾ پاڪستان جي فوجي حڪمران ايوب خان ۽ ڀارت جي وزيراعظم پنڊت جواهر لعل نهرو عالمي بئنڪ جي ثالثيءَ سان پاڻيءَ جي ورڇ بابت جيڪو معاهدو ڪيو، اهو تاريخ ۾ غيرمعمولي اهميت رکي ٿو. ان معاهدي کي هڪ مثالي معاهدو قرار ڏنو ويو، جنهن پاڻيءَ جي تڪرارن سبب ٻن پاڙيسري ملڪن وچ ۾ امڪاني جنگين جو رستو روڪي ڇڏيو. ان معاهدي تي ايوب خان ۽ نهرو کي عالمي سطح تي ساراهيو ويو ۽ سندن ڏاهپ جي واکاڻ ڪئي وئي. بيشڪ اهو معاهدو تعريف جوڳو هو، پر وقت گذرڻ سان گڏ ڀارت جون نيتون بدلجنديون ويون.
گذريل ٻن ٽن ڏهاڪن دوران دنيا بار بار اهي خبرون ٻڌيون ته ڀارت پاڪستان جي حصي ۾ ايندڙ دريائن تي آبي منصوبا تعمير ڪري رهيو آهي. پاڪستان هميشه اهي معاملا لاڳاپيل عالمي فورمن تي اٿاريندو رهيو. نيٺ ثالثي عدالت به ڀارتي منصوبن کي معاهدي جي خلاف قرار ڏنو. عالمي برادري ۽ پاڻيءَ جي شعبي جا ڪيترائي ماهر پڻ انهن منصوبن کي نه رڳو غلط، پر علائقائي امن لاءِ خطرو قرار ڏين ٿا. ان جي باوجود ڀارت پنهنجي موقف تان نه هٽيو. گذريل سال پاڪستان خلاف چئن ڏينهن واري جنگ ۾ شڪست کان پوءِ ڀارت هڪ طرفي طور سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪري ڇڏيو، جنهن کي عالمي برادري امن خلاف قدم قرار ڏنو، جڏهن ته ثالثي عدالت پاڪستان جي موقف جي حمايت ڪندي واضح ڪيو ته ڀارت هڪ طرفي طور معاهدو ختم نٿو ڪري سگهي ۽ معاهدي جون شرطون اڃا به لاڳو آهن. تنهن هوندي به ڀارت پنهنجي ضد جاري رکي ۽ عدالت جو فيصلو مڃڻ کان انڪار ڪيو. هي تصوير جو هڪ رخ آهي، جڏهن ته ٻيو رخ وڌيڪ خطرناڪ ۽ پريشان ڪندڙ آهي، جنهن تان بزرگ صحافي افتخار گيلاني پنهنجي هڪ اک کولي ڇڏيندڙ رپورٽ ۾ پردو کنيو آهي. گيلاني صاحب هڪ اهڙي بنيادي اصول ڏانهن ڌيان ڇڪايو، جيڪو ان کان اڳ منهنجي ڄاڻ ۾ نه هو. هن ٻڌايو ته جبلن وارن علائقن ۾ پاڻيءَ جي ذخيرن، يعني گليشيئرن، جي تحفظ لاءِ عالمي سطح تي هڪ مڃيل اصول موجود آهي. ان اصول موجب ميداني علائقن جي ذميواري آهي ته اهي مٿانهين علائقن جي مدد ۽ سهڪار ڪن. ڀارت هن اصول تي عمل ته ڪري ٿو، پر مڪمل طور نه، بلڪه پنهنجي مفاد موجب چونڊيل انداز ۾. هن اصول تحت ميداني علائقن ۾ رهندڙ ماڻهن تي لازم آهي ته هو جبلن ۾ رهندڙ آباديءَ کي خوراڪ، توانائي ۽ ٻين معاشي ضرورتن ۾ سهڪار ڏين، جيئن اهي گليشيئرن ۽ ٻيلن جو تحفظ ڪري سگهن. گيلاني صاحب موجب پاڪستان آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان ۾ خوراڪ ۽ بجليءَ تي جيڪا رعايت ڏئي ٿو، ان جو هڪ سبب اهو به آهي. ڀارت به اهڙا قدم کنيا آهن، پر والاريل ڪشمير سان امتيازي سلوڪ ڪيو ويو آهي.
ڀارت پاڻيءَ جي بنيادي ذريعن، يعني گليشيئرن ۽ ٻيلن، جي تحفظ لاءِ آسام، اولهه بنگال، اتراکند، هماچل پرديش، پنجاب ۽ اتر پرديش جهڙين رياستن سان اهڙا معاهدا ڪيا آهن، پر والاريل ڪشمير کي نظرانداز ڪيو آهي، جڏهن ته 2019ع ۾ مودي حڪومت آئين ۾ ترميم ڪري ان جي خاص حيثيت ختم ڪري چڪي آهي. اصولي طور ٻين رياستن وانگر والاريل ڪشمير سان به اهڙا معاهدا ٿيڻ گهرجن ها، پر ائين نه ڪيو ويو، ڇاڪاڻتہ اتي جا درياهه پاڪستان ڏانهن وهندا آهن. هن پاليسيءَ جو نتيجو اهو نڪتو آهي ته والاريل ڪشمير جا گليشيئر تيزيءَ سان ختم يا سُڪڙجڻ لڳا آهن. انگ اکر ٻڌائين ٿا ته اتي ٽي هزار کان وڌيڪ گليشيئر موجود آهن، جيڪي سڄي برصغير جي خوراڪي تحفظ لاءِ اهم آهن. مثال طور سونامرگ واري علائقي جو ٿجواسن گليشيئر، جيڪو ڪڏهن 54 ڪلوميٽرن تائين پکڙيل هو، هاڻي سُڪڙجي رڳو اڍائي ڪلوميٽرن تائين محدود رهجي ويو آهي. ان جو بنيادي سبب ڀارت جي تنگ نظري ۽ نفرت تي ٻڌل پاليسيون آهن. ان کان علاوه آر ايس ايس ۽ ڀارتيه جنتا پارٽي جي فرقيواراڻي سياست پڻ هن تباهيءَ جو وڏو سبب آهي. انهن جي سرپرستيءَ ۾ لکين ماڻهن تي ٻڌل رتھ ياترائون ڪڍيون وڃن ٿيون، جن جي ڪري مٿانهين علائقن جو ماحولياتي نظام سخت متاثر ٿيو آهي. نتيجي طور والاريل ڪشمير جا گليشيئر به تباهه ٿي رهيا آهن.
اهڙي طرح ڀارت پاڪستان ۽ مسلمانن خلاف پنهنجي نفرت ۾ نه رڳو پاڻيءَ جا وسيلا تباهه ڪري رهيو آهي، پر انساني تهذيب لاءِ به وڏو خطرو پيدا ڪري رهيو آهي. ان سازش جي هڪ ٻي ڪڙي به سامهون آئي آهي. ڀارت جي وفاقي وزير براءِ آبي وسيلا سي آر پاٽل چيو آهي ته نريندر مودي، اميت شاهه کي هدايت ڪئي آهي ته سندس نگرانيءَ ۾ اهڙو منصوبو شروع ڪيو وڃي، جنهن سان يقيني بڻايو وڃي ته سنڌو درياهه جي پاڻيءَ جو هڪ ڦڙو به پاڪستان تائين نه پهچي. ان پسمنظر ۾ ڊاڪٽر وڪٽر گاو جي تجويز غيرمعمولي اهميت اختيار ڪري وڃي ٿي. هن پاڪستان حڪومت جي سرپرستيءَ ۾ اسلام آباد ۾ سنڌ طاس معاهدي بابت ٿيل هڪ عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي چيو ته چين کي به سنڌ طاس معاهدي جو ڌر بڻايو وڃي، ڇاڪاڻ ته ڀارت مان گذري پاڪستان ۾ ايندڙ دريائن جا سرچشما چين مان نڪرن ٿا. هي تجويز منطقي ۽ عمل جوڳي آهي. چين کي معاهدي ۾ شامل ڪرڻ لاءِ سنڌ طاس معاهدي تي ٻيهر نظرثاني ڪرڻي پوندي.
ڀارت گذريل ڪيترن ئي ڏهاڪن دوران پاڪستان کي سندس حصي جي پاڻيءَ کان محروم رکڻ لاءِ جيڪي قدم کنيا آهن، انهن جي ازالي طور پاڪستان انهن دريائن تي به حق جو مطالبو ڪري سگهي ٿو، جيڪي قدرتي طور پاڪستان ڏانهن وهندا آهن، يعني وڌيڪ ٽن دريائن جو مطالبو به ڪري سگهجي ٿو. ڀارت هڪ طرفي طور سنڌ طاس معاهدي کي معطل ڪري پاڻ ئي اهڙو جواز پيدا ڪري ڇڏيو آهي. هاڻي پاڪستان حڪومت کي گهرجي ته هو ان سلسلي ۾ فوري طور سفارتي ۽ قانوني سرگرميون شروع ڪري. جيڪڏهن هن تجويز تي عمل ڪيو وڃي ته ڀارت کي سنڌ طاس معاهدي جي اصل روح موجب ان تي عمل ڪرڻ لاءِ مجبور ڪري سگهجي ٿو.