اڄڪلهه اسان جي سماج کي درپيش سڀ کان وڏو مسئلو مهانگائي جو آهي۔هر ماڻهو جي زبان تي هڪ ئي موضوع آهي ته زندگي جو گذران ڏينهون ڏينهن ڏکيو ٿيندو ٿو وڃي۔ آخر گهر جو گاڏو ڪيئن هلائجي!! پيٽرول، گئس ۽ روزمره جي ضرورتن جي اگهن ۾ بيحد واڌ هر ماڻهوء جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي۔ جڏهن اٽو، لٽو ۽ اجهو ميسر نه هوندو جيڪي انسان جون بنيادي ضرورتون آهن ته پوءِ تعليم ۽ علاج جهڙيون سهولتون ته هڪ خواب لڳنديون۔ هن وقت عوام حڪمرانن جي غير سنجيده رويي سبب مايوسي جي ور چڙهي چڪو آهي پر رڳو آهون ڀرڻ ۽ دانهون ڪري قسمت کي قصوروار چوڻ سان ڪڏهن به ڪو مسئلو حل نه ٿيندو۔
تاريخ اسان کي اهو سبق ڏئي ٿي ته قومون بحرانن ۾ ويهي نه رهنديون آهن، پر انهن مان نڪرڻ جا نوان رستا ڳولينديون آهن۔انڪري هن مهانگائي جي بحران مان نڪرڻ جو پهريون رستو پنهنجي طرزِ زندگي ۾ تبديلي آڻڻ آهي۔ ڇوته اسان هڪ اهڙي معاشري ۾ رهون ٿا جتي ڏيکاءُ عام آهي۔ شادي هجي يا خوشي جي ٻي ڪا تقريب هجي پر اسان چادر کان وڌيڪ پير پکيڙڻ جا عادي ٿي چڪا آهيون يعني اجايا خرچ ڪري پنهنجو سڪون پاڻ برباد ڪندا آهيون۔
تازي رپورٽ موجب ملڪ ۾ مهانگائي 0.46 سيڪڙو وڌي وئي، جنهن کانپوءِ مهانگائي جي مجموعي سالياني شرح 15.28 سيڪڙو ٿي وئي آهي.ڳڻپ کاتي طرفان مهانگائي بابت جاري ڪيل رپورٽ موجب، هڪ هفتي دوران 25 ضروري شين جي قيمتن ۾ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي.رپورٽ موجب، 11 شيون سستيون ٿيون ۽ 15 جا اگهه مستحڪم رهيا، جڏهن ته هڪ هفتي اندر ٽماٽا 16.65 سيڪڙو مهانگا ٿيا، پٽاٽا 6.82 ۽ ڪڪڙ 5.60 سيڪڙو مهانگو ٿيو. واشنگ سوپ جي قيمت ۾ 1.16 سيڪڙو واڌ ٿي، کير، ڌونئرو، ٻاڪري گوشت ۽ آنن سميت ٻين شين جي قيمتن ۾ به واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته بصر 2.98 سيڪڙو سستا ٿيا، ٿوم 2.51 ۽ ڪيلا 1.28 سيڪڙو سستا ٿيا، دالين ۽ اَٽي جي قيمتن ۾ به لاٿ آئي آهي.مجموعي طور بجيٽ کان ٻه هفتا پوءِ مهانگائي جو وڌڻ قوم کي حيران ڪندڙ آهي۔
ياد رکو مهانگائي هڪ اهڙو معاشي مسئلو آهي جيڪو ڪنهن به ملڪ جي معيشت سان گڏ سماجي ڍانچي کي به بري طرح متاثر ڪري ٿو۔ جڏهن ڪنهن ملڪ ۾ ضرورتن جي شين جون قيمتون تيزي سان وڌڻ لڳن ۽ عوام جي آمدني ان تناسب سان نه وڌي، ته ان صورتحال ۾ ملڪ اندر بک ۽ بدحالي وڌندي آهي ڇوته مهانگائي جو سڌو اثر عام ماڻهو جي زندگي تي پوي ٿو ۽ اهي اثر نه رڳو مالي پر نفسياتي، سماجي ۽ اخلاقي پهلوئن کي به متاثر ڪن ٿا۔ سڀ کان پهرين، مهانگائي جو سڀ کان وڏو اثر غريب ۽ وچولي طبقي تي پوي ٿو ڇو ته انهن طبقن جي آمدني محدود هوندي آهي، ان ڪري جڏهن ضروري شيون جهڙوڪ اٽو، کنڊ، کير، گيهه، پيٽرول ۽ ٻين روزمره جي ضرورتن جون قيمتون وڌن ٿيون ته انهن لاءِ بنيادي ضرورتون پوريون ڪرڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو۔ ان جي ڪري ماڻهن کي پنهنجون ضرورتون گهٽائڻيون پون ٿيون، ان سان گڏ زندگي جو معيار ڪري ٿو ۽ ڪڏهن ڪڏهن ته ٻن وقتن جي ماني جو انتظام ڪرڻ به هڪ چئلينج بڻجي وڃي ٿو۔
ٻئي طرف، مهانگائي سماج ۾ طبقاتي فرق کي وڌيڪ وڌائي ٿي۔ امير ۽ غريب جي وچ ۾ فاصلو وسيع ٿيندو وڃي ٿو ڇو ته امير طبقو پنهنجي دولت جي زور تي مهانگيون شيون خريد ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو، جڏهن ته غريب ۽ وچولو طبقو انهن کان محروم ٿيندو وڃي ٿو۔ اها تفريق سماج ۾ محرومي جو احساس، حسد ۽ نفرت پيدا ڪري ٿي، جيڪا هڪ صحتمند سماجي ماحول لاءِ زهر قاتل آهي۔ مهانگائي جو هڪ ٻيو اهم پهلو ڏوهن جي شرح ۾ اضافو آهي۔ جڏهن ماڻهن جون بنيادي ضرورتون پوريون نه ٿيون ٿين ته اهي ڏوهه ڪرڻ تي مجبور ٿي وڃن ٿا۔ چوريون، ڌاڙا، ٺڳيون ۽ ٻين ڏوهن ۾ واڌ ٿئي ٿي، جنهن سان سماج ۾ بيچيني، خوف ۽ غير محفوظي جو ماحول پيدا ٿئي ٿو۔ان کان علاوه، مهانگائي جي ڪري نوجوانن ۾ بيروزگاري ۽ مايوسي وڌي ٿي جنهن ڪري نوجوان جذباتي قدم کڻي خودڪشيون ڪرڻ تي پڻ مجبور ٿي وڃي ٿو۔ جڏهن مهانگائي وڌي ٿي ته ڪاروباري لاڳت به وڌي وڃي ٿي، جنهن جي ڪري ڪاروباري نون ماڻهن کي نوڪري ڏيڻ کان پاسو ڪن ٿا۔ ان طرح نوجوان طبقو جيڪو ڪنهن به ملڪ جو سرمايو هوندو آهي، بيروزگاري ۽ معاشي دٻاءُ جو شڪار ٿي وڃي ٿو۔ ان سان ذهني دٻاءُ، ڊپريشن ۽ خودڪشي جهڙا مسئلا جنم وٺن ٿا۔ اهڙي طرح تعليم ۽ صحت جا شعبا به مهانگائي کان محفوظ نه ٿا رهن۔ جڏهن خرچ وڌن ٿا ته والدين ٻارن جي تعليم تي گهٽ ڌيان ڏيڻ لڳن ٿا ۽ اڪثر ٻارن کي اسڪول مان ڪڍڻو پوي ٿو۔ اهڙي طرح علاج معالج مهانگو هجڻ ڪري ماڻهو بيمارين کي برداشت ڪرڻ لڳن ٿا ۽ وقت تي علاج نه ٿيڻ جي ڪري صحت جي صورتحال وڌيڪ خراب ٿي وڃي ٿي۔ ياد رکو مهانگائي جا اثر رڳو فردي يا گهرو سطح تي محدود نه ٿا رهن پر اهي قومي سطح تي به معيشت کي ڪمزور ڪن ٿا۔ مهانگائي جي ڪري ملڪي برآمدات متاثر ٿين ٿيون، ڪرنسي جي قدر ڪري ٿو ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ گهٽتائي اچي وڃي ٿي۔
ڪنهن به ملڪ لاءِ مهانگائي هڪ سنگين مسئلو آهي جنهن سان منهن ڏيڻ لاءِ حڪومت کي مضبوط پاليسين جي ضرورت آهي۔ شفاف معاشي منصوبابندي، ڪرپشن جو خاتمو، روزگار جي موقعن ۾ اضافو ۽ ضروري شين جي قيمتن تي ڪنٽرول جهڙا قدم مهانگائيء جي منفي اثرن کي گهٽائڻ ۾ مدد ڏئي سگهن ٿا۔ ان سان گڏ عوام ۾ شعور اجاگر ڪرڻ ۽ ڪفايت شعاري کي فروغ ڏيڻ به ضروري آهي۔ياد رکو، ڪفايت شعاري يا سادگي ڪا مجبوري نه، پر هڪ شعوري فيصلو آهي۔ اسان کي وسيلن جو عقلمندانه استعمال سکڻو پوندو۔ "پلاننگ سان خرچ” ڪرڻ ئي اڄ جي وقت جو تقاضا آهي انڪري ان حقيقت کي سمجهڻو پوندو ته قومون مشڪلاتن ۾ ٽٽنديون نه آهن، پر نِکري نئين سر اڀرنديون آهن۔ ان لاءِ حڪومت، ادارن ۽ عوام کي گڏجي، هڪجهڙائي سان قدم کڻي مهانگائي جي بحران جو خاتمو آڻڻو پوندو۔