هو اسان سڀ ڄاڻون ٿا ته اڄڪلهه ٽن ملڪن (امريڪا، مئڪسيڪو ۽ ڪئنيڊا ۾) فُٽ بال جو دنيا جو وڏي ۾ وڏو ميلو ”فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع“ جاري آهي. 11 جون تي شروع ٿيندڙ هي فُٽ بال ورلڊ ڪپ 19 جولاءِ 2026ع تائين جاري رھندو. ’پيرِي کينهُوڙي‘ جو هن سال جو هي عالمي ميلو، فُٽ بال جي تاريخ ۾ ان ڪري منفرد ۽ تمام وڏو آهي، ڇاڪاڻ ته ان ۾ پھريون ڀيرو روايتي 32 ٽيمن بدران 48 ٽيمون عالمي چئمپيَن شپ لاءِ آمهون سامهون آهن ۽ تاريخ ۾ پھريون ڀيرو ٽي ملڪَ گڏجي ان عالمي ميلي جي ميزباني ڪري رهيا آهن. هن سال منعقد ٿيندڙ فِيفا ورلڊ ڪپ، فُٽ بال جي عالمي ڪپ جو مجموعي طور 23 هون عالمي ميڙو آهي.
فُٽ بال ورلڊ ڪپ کيڏجڻ جِي شروعات 1930ع ۾ ٿي هئي، جڏهن پھريون تاريخي عالمي ڪپ، ڏکڻ امريڪا جي ملڪ ’يوروگوائي‘ ۾ کيڏيو ويو ۽ ان پھرين معرڪي ۾ ميزبان ملڪَ يوروگوائي ئي فائنل کٽي ان جي پھرين عالمي چئمپيَن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو. ان بعد ٻيون ورلڊ ڪپ 1934ع ۾ اٽليءَ ۾ ۽ ٽيون 1938ع ۾ فرانس ۾ کيڏيو ويو. ’فِيفا‘ جو هي عالمي ميلو هر چئن سالن کانپوءِ باقاعدگيءَ سان منعقد ٿيندو آهي، پر ٻين عالمي جنگ جي تباهڪارين سبب 1942ع ۽ 1946ع ۾ ٻه ورلڊ ڪپَ ڪونه کيڏيا ويا هئا. جنگ جي وقفي کانپوءِ، 1950ع ۾ راند جي هن ميلي جِي ٻيھر شروعات برازيل مان ٿي، جنھن کانپوءِ 1954ع ۾ سوئٽزرلئنڊ، 1958ع ۾ سوئيڊن، 1962ع ۾ چِلِي ۽ 1966ع ۾ انگلينڊ هن عظيم الشان فُٽ بال ميلي جي ميزباني ڪئي. 1970ع ۾ هي ميلو مئڪسيڪو ۾ سينگاريو ويو، جنھن کانپوءِ 1974ع ۾ اولھه جرمني، 1978ع ۾ ارجنٽائن، 1982ع ۾ اسپين ۽ 1986ع ۾ مئڪسيڪو ٻيون ڀيرو هن ميلي جو ميزبان بڻيو. 1990ع ۾ اها ميزباني اٽليءَ جي حصي ۾ آئي، جنھن کانپوءِ 1994ع ۾ امريڪا ۽ 1998ع ۾ فرانس ٻيون ڀيرو ورلڊ ڪپ ڪرايو. صديءَ جي بدلاءَ سان گڏ 2002ع ۾ هڪ نئون ريڪارڊ قائم ٿيو، جڏهن ڏکڻ ڪوريا ۽ جپان گڏجي تاريخ ۾ پھريون ڀيرو فِيفا ورلڊ ڪپ جِي گڏيل ميزباني ڪئي. ان کانپوءِ 2006ع ۾ جرمنيءَ ۾ هي ميلو مَتو، جڏهن ته 2010ع ۾ تاريخ ۾ پھريون ڀيرو هي ٽورنامينٽ افريڪا کنڊ جي ملڪ ڏکڻ افريڪا ۾ کيڏيو ويو. جنھن بعد 2014ع ۾ برازيل، 2018ع ۾ رُوس ۽ گذريل 2022ع وارو ورلڊ ڪپ پھريون ڀيرو ڪنھن عرب ملڪَ (قطر) ۾ کيڏيو ويو.
اڄ اسان ’فيفا ورلڊ ڪپ 2026ع‘ جي ٻيَن پھلُوئن بدران فقط ان ۾ استعمال ٿيندڙ فُوٽ بال (آفيشل مئچ بال) جي انفراديت جو ذڪر ڪنداسين، جنھنجو نالو ”ايڊيڊاس ٽرائونڊا“ (Adidas Trionda) آهي، جيڪو پنھنجي پياري پاڪستان ۾ ٺھيو آهي. اڄ اسان ان بال جي اندر جي ٽيڪنالاجيءَ بابت به ذڪر ڪنداسين. هي ڪو عام ’پيرِي بال‘ (فُٽ بال) ناهي، بلڪه هاڻي تائين جي عالمي فُٽ بال ڪپن ۾ استعمال ٿيندڙ سڀني کينهُوڙن کان وڌيڪ ’سمارٽ فُٽ بال‘ آهي. ورلڊ ڪپ 2026ع جو هر گول، هر پاس، هر شاٽ، سڀ سيالڪوٽ ۾ ٺهيل هن ئي بال سان ٿي رھيو آهي، جتي دنيا جا 67 سيڪڙو کان وڌيڪ فٽبالَ ٺھندا آهن. هن ’ٽرائونڊا‘ (سمارٽ بال) سان گڏوگڏ برازيل ۾ 2014ع ۾ منعقد ٿيندڙ فيفا ورلڊ ڪپ ۾ استعمال ٿيل ’برازُوڪا 2014ع‘، 2018ع ۾ رُوس ۾ کيڏيل فُٽ بال ڪپ ۾ استعمال ٿيل ’ٽيل اسٽار 2018ع‘ نالي فُٽ بال ۽ قطر ۾ گذريل فيفا ورلڊ ڪپ ۾ استعمال ٿيندڙ ’الرحله 2022ع‘، جھڙا فُٽ بالَ به علامه اقبال جي شھر سيالڪوٽ ۾ ئي ٺھيا هئا. هن سال واري فُٽ بالَ جِي ڊزائن جرمنيءَ جِي جڳ مشھور ڪمپنيءَ ’ايڊيڊاس‘ جي تخليق آهي، پر ان ڊزائن جي عملي تياري (مينيوفئڪچرنگ) سيالڪوٽ ۾ ٿي، جنھن کي ’فاروَرڊ اسپورٽس‘ (Forward Sports) نالي پاڪستان جي مشھور راندين جي سامان ساز ڪمپنيءَ تيار ڪيو. هيءَ اها ساڳئي ڪمپني آهي، جنھن 2022ع ۾ قطر ورلڊ ڪپ جو ’الرحله‘ نالي سمارٽ فُٽ بال پڻ تيار ڪيو هو.
هن بال جو نالو ’ٽرائونڊا‘ (Trionda) ڇو رکيو ويو؟ در اصل هي لفظ اسپيني ٻوليءَ جي ٻن لفظن جو مجموعو آهي. ’ٽراءِ‘ (Tri) جو مطلب آهي ”ٽي“ (جيڪو ٽنهي ميزبان ملڪن ڏانھن اشارو ڪري ٿو، جتي هن سال جو ورلڊ ڪپ منعقد ٿي رھيو آهي) ۽ ’اونڊا‘ (Onda) جي معنيٰ آهي ”لھرَ“ (Wave). يعني هن لفظ جي معنيٰ ٿي: ”ٽي لھرون / وِيرُون“ (Triple Wave). هي نالو ميزبان ملڪن جي تاريخي اتحاد کي ظاهر ڪري ٿو. (اها ٻي ڳالهه آهي ته صدر ٽرمپ مئڪسيڪو سان شديد نفرت ڪري ٿو.)
هن فُٽ بال تي موجود ثقافتي نشانين (Iconography) جو ذڪر ڪجي ته هن تي ٽنهي ميزبان ملڪن جون ٽي ڌار ڌار علامتون ۽ نشانيون اُڪريل آهن. بال تي ڪئنيڊا جي نمائندگيءَ طور ’افرانطوس‘ (چنار جي هڪ خاص قسم جي ٻُوٽي) يعني ’ميپل‘ جو پن (Maple Leaf) ٺھيل آهي (جيڪو ڪئنيڊا جي قومي جهنڊي تي به ٺهيل آهي)، مئڪسيڪو جي نمائندگي ظاھر ڪرڻ لاءِ بازَ جو مٿو (Eagle) ۽ امريڪا جي علامت طور بال تي پنجن ڪُنڊن وارو تارو (Star) ٺهيل آهي.
ياد رهي ته سمارٽ فُٽ بالَ (ڪنيڪٽيڊ ٽيڪنالاجيءَ سان سلهاڙيل فُٽ بالَ) سرڪاري طور پھريون ڀيرو سال 2022ع ۾ قطر جي فِيفا ورلڊ ڪپ ۾ ’الرحله‘ فُٽ بال جي استعمال سان ڪتب اچڻ شروع ٿيا، جڏهن ته ان کان اڳ 2018ع واري فِيفا ورلڊ ڪپ واري بال (ٽيل اسٽار 18) ۾ هڪ معمولي اليڪٽرانڪ (اين ايف سي) چِپ لڳل هئي، پر اها صرف ڊجيٽل طور تي مداحن جي دلچسپيءَ لاءِ هئي ۽ ان سان ميدان تي راند دؤران بال رستي ڪابه ڊيٽا گڏ يا ٽريڪ نه پئي ٿي سگهي. هن سال واري بالَ ”ايڊيڊاس ٽرائونڊا“ جي بناوت جو ذڪر ڪجي ته اهو ’پولي يورٿِين‘، پاڻيءَ تي ٻڌل رنگ ۽ گِلوءَ، ٻيھر استعمال ٿيل (ريسائيڪل ٿيل) پولي ايسٽر ۽ رٻڙ واري بليڊر مان ٺهيل آهي. بال جو ٻاهريون تَھُه (آئوٽر اسڪن) پولي يورٿين مان ٺهيل آهي، جنهن تي خاص قسم جي مائڪرو ۽ ميڪرو ٽيڪسچرنگ ڪئي وئي آهي ته جيئن بالَ جِي اڏام ۽ ان تي رانديگر جِي پڪڙ بھتر رهي. ان کانپوءِ مٿس پاڻيءَ تي ٻڌل رنگ ۽ گِلُوءَ جو استعمال ڪيو ويو آهي. هن بال جي تياريءَ ۾ ٽنهي ملڪن جي مَوسم جو خاص خيال رکندي ڪيميائي سالوينٽس بدران پاڻيءَ مان تيار ٿيل رنگ ۽ چِپڪائڻ وارو مواد (گِلُو) استعمال ڪيو ويو آهي. بال جي اندروني حصي کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ريسائيڪل ٿيل پولي ايسٽر جو ڪپڙو استعمال ڪيو ويو آهي. جڏهن ته بال جي اندر هوا کي برقرار رکڻ ۽ ان جي گولائيءَ کي قائم رکڻ لاءِ بھترين معيارَ جو ’بوٽائل رٻڙَ‘ وارو بليڊر لڳايو ويو آهي. بال جي اندر جي ٽيڪنالاجيءَ جي ڳالهه ڪجي ته ان جي پھرين خوبي اها آهي ته هي بال صرف چئن پئنلز مان ٺهيو آهي. هي فٽبال ورلڊ ڪپ جي تاريخ جو پھريون کينھُوڙو آهي، جيڪو ايترن گهٽ (صرف 4) پئنلز (ٽڪرن) کي حرارت جي مدد سان پاڻ ۾ جوڙي (Thermally Bonded) ڪري ٺاهيو ويو آهي. ’سوڪر‘ (فُٽ بال) ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ ان کان اڳ سڀ کان گهٽ، پوئين ورلڊ ڪپ ــ قطر وارو بال ’الرحله‘ 20 پئنلن مان ٺاھيو ويو هو. گهٽ پئنلز جو مطلب آهي گهٽ سِلائي، بالَ جي وڌيڪ بھتر اڏامَ ۽ وڌيڪ اڳتي يا مٿي اُڇلائجڻ جِي صلاحيت (predictable trajectory)، پر اصل ڪمال هن بالَ جي اندر لڪل آهي. هن سمارٽ فُٽ بال ۾ لڳايل جديد ٽيڪنالاجيءَ، مصنوعي ڏاھپ ۽ سينسرز (Connected Ball Technology) جو ذڪر ڪجي ته منجهس هڪ انتھائي حساس سينسر لڳل آهي، جيڪو هر سيڪنڊ ۾ 500 ڀيرا بالَ جي چُرپر ۽ حرڪت کي ريڪارڊ ڪندو آهي. هن ۾ 500 هرٽز موشن جي هڪ جديد سينسر چِپ (IMU – Inertial Measurement Unit) لڳائي وئي آهي. هي سينسر، بال جي رفتار، گهمڻ (Spin) ۽ رانديگر جي پير جي معمولي ٿُڏي لڳڻ يا مٿي جي معمولي ڇُھاءَ کي به 99.99 سيڪڙو درستيءَ سان ريڪارڊ ڪري ٿو. هن جي هر حرڪت جِي ڊيٽا سڌي سنئي VAR (وي اي آر) ڏانھن منتقل ٿيندي آهي، جيڪا مصنوعي ڏاھپَ (AI ــ آرٽيفيشل انٽيليجنس) رستي رانديگرن جي پوزيشنز سان مئچ ٿيندي آهي، جنھن جِي مدد سان ريفري سيڪنڊن ۾ فيصلو ڪري سگهندو آهي. يعني هيءَ ٽيڪنالاجي اسٽيڊيم جي ڪئمرائن ۽ مصنوعي ڏاھپَ جي مدد سان ملي، سنئون سڌو (ريئل ٽائيم ۾) معلومات ويڊيو اسسٽنٽ ريفري (VAR) کي موڪلي ٿي، جنھن سان آف سائيڊ، هينڊ بال ۽ پينلٽيءَ جھڙا تڪراري فيصلا سيڪنڊن ۾ بنا ڪنھن غلطيءَ جي گنجائش ۽ تڪرار جي ٿي وڃن ٿا.
هن بال ۾ ڪمال ڏاھپَ واري انجنيئرنگ استعمال ڪئي وئي آهي. ان کان اڳ ’الرحله‘ فُٽ بال ۾ سينسر، بال جي بالڪل وچ ۾ لڳايو ويو هو، پر هن ’ٽرائونڊا‘ بالَ ۾ ان کي ان جي چئن منجهان هڪ پئنل ۾ لڳايو ويو آهي. بال جي توازن ۽ اڏام (Flight Stability) کي برقرار رکڻ لاءِ ان جي باقي ٽنهي پئنلن ۾ خاص وزن (Counter-balances) رکيا ويا آهن، جيڪي ان جي توازن کي قائم رکن ٿا، ته جيئن بال هڪجهڙائيءَ سان چُرپر ڪري سگهي ۽ ڪنھن هڪ پاسي جُهڪي نه پوي.
اوهان اهو پڙهي شايد حيران ٿيو ته هن سمارٽ بالَ جي اندر هڪ بئٽري لڳل آهي. هي بال هر مئچ کان اڳ، اسانجي موبائيل فون وانگر ’وائرليس ڊاڪ‘ تي چارج ٿيندو آهي ۽ هڪ ڀيرو پورو چارج ڪرڻ تي هڪ مئچ ڪڍي ويندو آهي. ڪمال جي ڳالهه اها آهي ته امريڪي خلائي تحقيقاتي ادارو ’ناسا‘ (NASA) به هن بال کي خلا (اسپيس) ۾ اهو تپاسڻ لاءِ کڻي وڃي چڪو آهي، ته هن بال جي توازن ۽ مايي جو مرڪز (سينٽر آف ماس) خلا ۾ ٻُڙي ڪششِ ثقل (گريوٽيءَ) ۾ ڪيئن ٿو ڪم ڪري.
هاڻي اوهان ”فيفا ورلڊ ڪپ“ جي باقي مئچن ۾ جڏھن به ڪو گول ٿيندي ڏسو ته ياد رکجو ته اسانجي ملڪ جي ٽيم ته هن ورلڊ ڪپ ۾ نٿي کيڏي، پر پوءِ به ان جي هر ٿُڏي ۽ هر گولَ ۾ پاڪستان جو ڪردار آهي، ڇاڪاڻ ته ”ايڊيڊاس ٽرائونڊا“ جو جنم سيالڪوٽ ۾ ٿيو آهي.