ڪنڌڪوٽ جي رسالدار واري علائقي ۾ شاهي واهه ڪينال مٿان ٺهيل پل جو هڪ پاسو ڊهي پوڻ ۽ ان جي نتيجي ۾ ڊاٽسن گاڏي سميت ستن ماڻهن جو ڪينال ۾ ڪري پوڻ ڪو عام حادثو نه آهي. هن افسوسناڪ واقعي ۾ پنج ڄڻا ته ڪنهن نه ڪنهن ريت پنهنجي جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پر 10 ورهين جو معصوم عبدالغفار گولو ۽ 18 ورهين جو نوجوان مجيب گولو پاڻي جي تيز وهڪري ۾ هميشه لاءِ گم ٿي ويا. هي هڪ اهڙو الميو آهي، جيڪو اسان جي حڪومتي نظام، ترقياتي منصوبابندي، سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ۽ عوامي نمائندن جي ذميوارين بابت انتهائي سنگين سوال اٿاري ٿو. هن سانحي کي رڳو قسمت يا اتفاق جو نالو ڏيڻ حقيقتن تان اکيون چورائڻ جي برابر هوندو، ڇو ته هي حادثو نه اوچتو پيش آيو ۽ نه ئي ان جا خطرا ڪنهن کان لڪل هئا.
شاهي واهه تي ٺهيل اها پل 2015ع ۾ ڪروڙين رپين جي لاڳت سان تعمير ڪئي وئي هئي. 11 سالن جي مختصر عرصي اندر ان جي حالت اهڙي ٿي وئي جو اها پنهنجي بنيادي ذميواري، يعني آمدرفت کي محفوظ بڻائڻ، به نڀائي نه سگهي. پل جا ڪنارا ٽٽندا رهيا، ڀتين ۾ ڏار پوندا رهيا ۽ حفاظتي حصا زبون ٿيندا رهيا، پر انتظاميا جي اک نه کلي. دنيا جي مھذب ملڪن ۾ پلون صديون قائم رهنديون آهن، پر اسان وٽ عوام جي ٽيڪسن سان ٺهيل پل هڪ ڏهاڪو به صحيح نموني هلي نه سگهي. اهو رڳو تعميراتي ڪمزوريءَ جو مسئلو ناهي، پر ان سڄي نظام جي ناڪامي آهي، جتي بجيٽون ته جاري ٿين ٿيون پر معيار جو ڪو حساب ڪتاب نٿو ورتو وڃي.
هن سانحي جو سڀ کان المناڪ پهلو اهو آهي ته مقامي آبادي ڪيترن ئي سالن کان پل جي زبون حالي بابت ضلعي انتظاميا، لاڳاپيل کاتن ۽ چونڊيل نمائندن کي مسلسل آگاهه ڪندي رهي. ڳوٺاڻن احتجاج ڪيا، درخواستون ڏنيون ۽ بار بار اهو خدشو ظاهر ڪيو ته اها پل ڪنهن به وقت وڏي حادثي جو سبب بڻجي سگهي ٿي، پر سندن آواز کي ڪا اهميت نه ڏني وئي. جڏهن عوام جي فرياد کي نظرانداز ڪيو وڃي، تڏهن اهڙا حادثا قسمت نه پر انتظامي غفلت ۽ ڏوهاري خاموشي جو نتيجو بڻجي سامهون ايندا آهن. اهو سوال اڄ هر ذميوار شهري جي ذهن ۾ آهي ته جيڪڏهن پل جي خراب حالت بابت اڳواٽ اطلاع موجود هو ته پوءِ ان جي مرمت ڇو نه ڪرائي وئي؟ جيڪڏهن مرمت لاءِ فنڊ جاري ٿيا هئا ته اهي ڪهڙي کاتي جي نظر ٿي ويا؟ ۽ جيڪڏهن انجنيئرن هن پل کي محفوظ قرار ڏنو هو ته انهن جي فني قابليت جو احتساب ڪير ڪندو؟
شاهي واهه واري پل صرف هڪ ڳوٺ جو رستو نه هئي، اها سنڌ ۽ بلوچستان کي ملائيندڙ هڪ اهم ترين گذرگاهه هئي، جتان روزانو سوين مسافر، مزدور، واپاري ۽ مريض سفر ڪندا هئا. بلوچستان جي سوئي ۽ جعفرآباد سميت ڪيترن ئي علائقن لاءِ هي پل ‘زندگي جي رڳ’ وانگر هئي. اهڙي اهم اڏاوت کي نظرانداز ڪرڻ عوام کي موت جي منهن ۾ ڌڪڻ برابر آهي. ان کان به وڌيڪ افسوسناڪ رخ اهو سامهون آيو ته حادثو صبح جو 7 وڳي پيش آيو، پر سرڪاري ٽوٻن ۽ امدادي عملي کي واقعي واري هنڌ پهچڻ ۾ 8 ڪلاڪ لڳي ويا. انهيءَ ڊگهي عرصي دوران متاثر خاندان ۽ ڳوٺاڻا پنهنجي مدد پاڻ تحت لاشن جي ڳولا ڪندا رهيا. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن هنگامي حالتن ۾ به رياستي ادارا ايتري دير سان پهچن ته پوءِ سندن وجود جو مقصد ڇا آهي؟
بدقسمتي سان اسان وٽ حادثن کان پوءِ رڳو بيان جاري ڪرڻ، تعزيت ڪرڻ ۽ ڪاغذي جاچ جا حڪم ڏيڻ هڪ روايت بڻجي وئي آهي. رياست جي ذميواري مرڻ کان پوءِ معاوضو ڏيڻ نه، پر مرڻ کان اڳ شهري جي زندگي بچائڻ هوندي آهي. سنڌ ۾ ترقياتي منصوبن تي عوام جي بي اعتمادي جو سبب به اهو ئي آهي ته اربين رپين جا فنڊ فائلن ۾ ته نظر اچن ٿا، پر زمين تي انهن جو اثر صفر آهي. متاثر خاندانن جو اهو مطالبو ته هن سانحي جو ڪيس ٺيڪيدار, لاڳاپيل آفيسرن ۽ چونڊيل نمائندن خلاف داخل ڪيو وڃي، ڪو جذباتي ردعمل نه پر هڪ قانوني گهرج آهي. اهو انتهائي افسوسناڪ آهي ته ايڏي وڏي واقعي کان پوءِ به ضلعي انتظاميا يا چونڊيل نمائندن مان ڪو به متاثرن جي پرسا ڪري وٽ نه پهتو. سياست جيڪڏهن صرف ووٽ وٺڻ تائين محدود رهجي وڃي ته جمهوريت جو روح مري ويندو آهي.
هي سانحو سنڌ حڪومت لاءِ هڪ آخري وارننگ آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي ضلعن ۾ اهڙيون درجنين پلون موجود آهن جيڪي سالن کان مرمت جون منتظر آهن، جيڪڏهن انهن جو فوري طور ٽيڪنيڪل آڊٽ نه ڪرايو ويو ته اهڙا واقعا ٻيهر پيش ايندا رهندا. وقت جي اهم ضرورت آهي ته هن واقعي جي هڪ اعليٰ سطحي ۽ غيرجانبدار پينل کان شفاف جاچ ڪرائي وڃي، ناقص ڪم ڪندڙ ٺيڪيدار، نگراني ڪندڙ انجنيئرن ۽ غفلت ڪندڙ عملدارن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي. ساڳئي وقت متاثر خاندانن جي مڪمل مالي مدد ڪئي وڃي ۽ شاهي واهه تي جديد معيار مطابق نئين پل فوري طور تعمير ڪرائي وڃي. ڪنڌڪوٽ جو هي سانحو رڳو ٻن گهرن جا ڏيئا نه اجهائي ويو آهي، پر هن ثابت ڪيو آهي ته جڏهن منصوبن ۾ معيار بدران مفادن کي ترجيح ڏبي آهي، تڏهن صرف پلون نه ڊهنديون آهن، پررياست تي عوام جو اعتماد به ڊهي پوندو آهي. جيڪڏهن هن مان به سبق نه سيکيو ويو ته ايندڙ هر حادثي ۾ صرف ڪنڪريٽ نه، پر حڪمراني جي ناڪامي به دفن ٿيندي.