اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پي ٽي آءِ باني عمران خان جي ڀيڻ عظميٰ خان طرفان داخل ڪيل توهين عدالت جي درخواست تي سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس جو اعتراض ختم ڪيو ويو.
پي ٽي آءِ باني جي اسپتال منتقلي واري معاملي تي عمران خان جي ڀيڻ عظميٰ خان حڪومت خلاف توهين عدالت جي درخواست داخل ڪئي هئي، جنهن ۾ وزيراعظم شهباز شريف، قانون واري وزير اعظم نذير تارڙ ۽ سڌ سماءُ واري وزير عطا تارڙ سميت ٻين کي ڌر بڻايو ويو هو.
درخواست ۾ عمران خان کي علاج لاءِ شفا اسپتال منتقل ڪرڻ ۽ سندس ميڊيڪل ٽيسٽ ڪرائڻ جو مطالبو پڻ ڪيو ويو هو.
ان سلسلي ۾ گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ چيئرمين بئرسٽر گوهر ۽ سيڪريٽري جنرل سلمان اڪرم راجا سپريم ڪورٽ به پهتا هئا، جيئن درخواست کي جلد ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪرايو وڃي.
سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عظميٰ خان جي توهين عدالت واري درخواست تي اعتراض لڳائي واپس ڪري ڇڏي هئي.
ذريعن موجب، رجسٽرار آفيس جي اعتراض ۾ چيو ويو هو ته درخواستگذار ڌرين تي توهين عدالت جي الزامن جي فهرست فراهم نه ڪئي هئي.
پي ٽي آءِ طرفان اعتراض ختم ڪري درخواست ٻيهر داخل ڪئي وئي آهي ۽ سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس توهين عدالت جي درخواست کي نمبر پڻ الاٽ ڪري ڇڏيو آهي. عظميٰ خان جي توهين عدالت واري درخواست کي 8/2026 نمبر ڏنو ويو آهي.
عمران خان جي اسپتال منتقلي وارو معاملو، عظميٰ خان جي درخواست تان اعتراض ختم، نمبر به الاٽ
You might also like