ٻن ڏينهن کانپوءِ يعني ست جولاءِ تي نثار بزمي جي وڇوڙي کي سڄا سارا ڇويهه سال ٿي ويندا. ست جولاءِ هڪ تاريخ ناهي، مرزا پور جي ادبي يادداشت جو اهو زخم آهي جيڪو هر سال وري تازو ٿي ويندو آهي. سندس هوندي مرزا پور هڪ ڳوٺ نه، پر شعر، ادب، موسيقي ۽ محبت جو مرڪز هوندو هيو. شام ٿيندي ئي محفلون مچڻ لڳي وينديون هيون، شاعريءَ جون صدائون گونجڻ لڳنديون هيون. نوجوان شاعر رهنمائيءَ لاءِ سندس اوطاق جو رخ ڪندا هئا. اهڙي طرح علم، ادب ۽ شاعريءَ جي هڪ خوشگوار فضا هر پاسي محسوس ٿيندي هئي. اڄ به مرزا پور اهوئي آهي، رستا به اهي ئي آهن، وڻ ٽڻ به ساڳيا ئي آهن، پر اها رونق، ادبي مانڊاڻ ۽ محبت واريون محفلون ڄڻ ته نثار بزميءَ سان گڏ ئي موڪلائي هليون ويون.
گذريل هفتي ٻن ٽن ڏهاڙن لاءِ ڳوٺ وڃڻ ٿيو ته ڪراچي اچڻ واپس ايندي مرزا پور وٽان گذر ٿيو. روڊ سڌو پئي ويو ۽ سفر کي اڳتي وڌڻ کپندو هيو، پر ڪجهه رستا دل جي اندران گذرندا آهن، اهي نقشي ۾ ناهن هوندا. مان اڳتي ڪونه وڌي سگهيس، گاڏيءَ جو رخ مرزا پور ڏانهن موڙيو ويو. ڳوٺ ساڳيو ئي هيو پر هڪ آواز ڪونه هئو. هڪ ننڍڙي قبرستان ۾ وڃي مان نثار بزمي جي قبر وٽ ويهي رهيس. دير تايئن ماٺ ڪيو ويٺو هئس. مون کي ايئن لڳو، ڄڻ ته ورهيه پراڻيون ڳالهيون مٽيءَ مان نڪري منهنجي چوڌاري گڏ ٿي رهيون هجن. ڪڏهن نثار بزميءَ جي مرڪ ٿي ياد آئي، ۽ ڪڏهن سندس شفقت، ٻاجهه ۽ اهو ڏينهن پڻ، جڏهن مان هڪ سيکڙاٽ شاعر طور وٽس اصلاح وٺڻ ويندو هوس. ايئن ئي ڪندي سندس وڏو پٽ آفتاب نثار بزمي به اتي اچي ويو هن وڏي پاٻوهه، محبت ۽ خلوص سان ميزباني ڪئي. مان ڳچ دير ساڻس ويٺو رهيس، نثار بزمي جي يادن جو ڏيئو ٻرندو رهيو. آفتاب سان ڪچهريءَ دوران مون کي ايئن محسوس ٿيو ته نثار بزمي ڪيڏانهن ويو ڪونهي. هو هتي ئي ڪٿي آهي ۽ اجهو پنهنجي اوطاق مان نڪري ايندو ۽ پوءِ شاعري، موسيقي، ادب ۽ زندگيءَ تي ڳالهائڻ شروع ڪندو.
وقت عجيب شيءِ آهي. اهو اسان کان انسان ته کسي وٺندو آهي، پر سندن يادن کي کسي وڃڻ جي سگهه وقت کي به ڪونهي. ڪڏهن ڪڏهن مون کي لڳندو آهي ته نثار بزميءَ جهڙا ماڻهو دراصل پنهنجي ڪتابن ۾ نه، پنهنجن شاگردن ۾ جيئرا رهندا آهن. سندن اصل مُوڙي شعري مجموعا نه پر اهي نوجوان هوندا آهن، جن جي ڪلهن تي هنن حوصلي ۽ همت جو هٿ رکيو هو. اهي ٻارڙا آهن، جن کي هنن پهريون ڀيرو لفظن جي حرمت کان سونهون ڪيو هو؛ اهي سپنا آهن، جن کي هنن ڀڄڻ ڀرڻ ٿيڻ کان بچايو هيو.
مان ڇهين درجي ۾ پڙهندو هوس، جڏهن مان پهريون ڀيرو نثار بزميءَ وٽ ويو هوس. تڏهن مون کي پاڻ به خبر ڪونه هئي ته شاعري ڪهڙي شيءِ جو نالو آهي. بس رڳو ٿورو ٿڪو شوق هيو، ڪي ڪچا ڦڪا شعر هئا ۽ دل ۾ هڪ اڻ ڄاتل خواهش هئي. نثار بزميءَ ان خواهش کي دڳ لاتو. هن مون کي رڳو وزن ۽ بحر ئي ڪونه سيکاريو، پر هن اهو به سيکاريو ته هڪ ليکڪ يا شاعر پهريان هڪ سٺو انسان هوندو آهي، پوءِ ئي اهو اديب يا شاعر بڻبو آهي.
مون کي اڄ به ياد آهي جڏهن هن منهنجي ابتدائي شاعري پڙهي چيو هو ته، ”تنهنجي اصل طاقت شاعري ناهي، نثر آهي.“ تنهن وقت شايد مون کي سندس اها ڳالهه ڪونه وڻي هئي، ڀلا ڪهڙو نئون شاعر اهو ٻڌڻ پسند ڪندو ته سندس شاعري ڪمزور آهي؟ پر اڄ جڏهن چاليهارو سال وهامي ويا آهن ته محسوس ٿئي ٿو ته هڪ استاد پنهنجي شاگرد کي ان کان گهڻو ڄاڻيندو آهي، جيترو شاگرد پاڻ کي ڄاڻيندو آهي. نثار بزميءَ منهنجي اندر ۾ لڪيل نثر نگار کي تڏهن ئي سڃاڻي ورتو هو، جڏهن مان پاڻ به ان کان واقف ڪونه هوس. اها ئي وڏن استادن جي سڃاڻڻ هوندي آهي، اهي توهان جي لکڻي ناهن پڙهندا، پر اهي توهان جو مستقبل پڙهندا آهن.
نثار بزميءَ جو نالو سنڌي شاعري ۽ ادب جي انهن چمڪندڙ شخصيتن ۾ ڳڻيو وڃي ٿو ، جن پنهنجي سچي ڄمار قلم، فڪر ۽ تخليق کي ارپي ڇڏي هئي. پاڻ هڪ شاعر ئي ڪونه هيو، پر هڪ مڪمل ادبي ادارو هيو، جنهن جي تخليقي صلاحيتن ادب ۽ شاعريءَ جي ڪيترين ئي صنفن کي پنهنجي روشنيءَ سان منور ڪيو. غزل، نظم، گيت، مولود، نعت، ٻارن لاءِ شاعري، ڪهاڻيون، فيچر نگاري، ڊراما نويسي ۽ ادبي مضمون، هر ميدان ۾ سندس موجودگي پڌري ۽ اثرائتي رهي. ٻاراڻي شاعريءَ ۾ سندس خدمتون غير معمولي اهميت واريون آهن. پاڻ ٻارن لاءِ جيڪا شاعري تخليق ڪيايئن، تنهن ۾ رڳو تفريح ئي ڪونهي، پر تربيت، تهذيب، اخلاقيات، محبت، انسان دوستي ۽ پنهنجي ڌرتيءَ سان پيار جهڙا گھرا عنصر به شامل آهن. اهو ئي سبب آهي جو سندس سرجيل ڪيترائي نظم ۽ گيت سنڌي ٻوليءَ جي نصابي ڪتابن ۾ شامل ڪيا ويا آهن، جن کي پڙهي پرائمري، مڊل ۽ هاءِ اسڪول جي سطح جي لکين شاگردن ٻوليءَ جي لطافت، اظهار جي سونهن ۽ مٿانهن انساني قدرن کان آشنائي حاصل ڪئي. اهو اعزاز هر شاعر جي ڀاڱي ۾ ناهي ايندو ته سندس تخليقون نسلن جي تربيت جو ذريعو بڻجن ۽ نصاب جو حصو بڻجي ٻارڙن جي ذهني شعور جي اڏاوت ڪن.
نثار بزميءَ جي ادبي عظمت جو هڪ پاسو اهو به آهي ته هن تخليق جي عمل کي ڪڏهن به محدود نه ڪيو. سندس قلم لاڳيتو هلندو رهيو. هن مذهبي شاعريءَ ۾ به واکاڻ جوڳو واڌارو ڪيو. نبي سڳوري ﷺ سان عشق، ديني ۽ روحاني قدرن، اخلاقي تعليم ۽ ڳڻن کي نهايت سادي پر موهيندڙ انداز ۾ پيش ڪيو. سندس شاعريءَ ۾ هڪ پاسي ڪلاسيڪي روايت جو حُسن موجود آهي ته ٻئي پاسي وري عوامي زندگيءَ جي سادگي، سونهن، معصوميت ۽ ڌرتيءَ جي خوشبوءِ به محسوس ٿيندي آهي. اهو ئي سبب آهي جو سندس گيت ريڊيو پاڪستان جي مختلف اسٽيشنن تان ريڪارڊ ٿيا، هاڪارن گلوڪارن انهن موهيندڙ گيتن کي پنهنجو آواز ڏنو ۽ عوام انهن کي بي پناهه محبت سان قبول ڪندي جيءَ ۾ جايون ڏنيون. سندس شعري ۽ نثري تخليقون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ باقاعدگيءَ سان شايع ٿينديون رهيون ۽ ڪيترن ئي ڏهاڪن تايئن سنڌي نثر ۽ شاعريءَ جي پڙهندڙن لاءِ فڪري ۽ جمالياتي تسڪين جو ذريعو بڻجنديون رهيون. جيڪڏهن سنڌ ۾ ويهين صديءَ جي اڌ کان به وڌيڪ عرصي جي ادبي رسالن ۽ اخبارن جي ڇنڊڇاڻ ڪئي وڃي ته نثار بزميءَ جي موجودگي هر هنڌ محسوس ٿيندي. سندس قلم ڄڻ ته هڪ اهڙي درياءَ جيان هيو جيڪو لاڳيتو وهندو رهيو ۽ جنهن نثر ۽ نظم جي زمين کي سيراب ڪيو.
شعر ۽ ادب جي ميدان ۾ نثار بزمي لڳ ڀڳ پنجهٺ سال پاڻ موکيو. ايڏي وڏي عرصي تي پکڙيل قلمي خدمتون دراصل هڪ دور جو داستان آهن. هن پنهنجي زندگيءَ جي مُهڙين سالن کان ئي قلم کنيو ۽ آخري ساهه تايئن ان کي ڪونه ڇڏيو. اهڙو جٽاءُ، اهڙو تخليقي تسلسل ۽ شاعريءَ ۽ ادب سان غير مشروط وابستگي اڄ جي دور ۾ هڪ روشن مثال جو درجو رکي ٿي. سندس شخصيت ان ڳالهه جو چٽو ثبوت آهي ته حقيقي سرجڻهار اهو هوندو آهي، جيڪو شهرت، صلي ۽ مڃتا کان بي نياز ٿي، رڳو تخليق جي عمل سان محبت ڪري. نثار بزميءَ ايئن ئي ڪيو. هن پنهنجي زندگيءَ جو ڳچ حصو سنڌي ٻولي، شاعري، ادب، ثقافت، موسيقي ۽ ٻارن جي ادب جي خدمت ۾ خرچ ڪري ڇڏيو. سندس اهي خدمتون وقتي ناهن پر لازوال آهن، ڇو جو جيڪي ماڻهو نسلن جي شعور ۾ جاءِ ٺاهي وٺندا آهن، سي وقت گذرڻ جي باوجود به ناهن وسرندا.
جڏهن ست جولاءِ ايندي آهي ته مون کي رڳو هڪ شاعر ۽ اديب ياد ناهي ايندو، مون کي پنهنجو زمانو ياد ايندو آهي؛ اهو زمانو جڏهن خط لکيا ويندا هئا، جڏهن استاد شاگردن جا مسودا پڙهندا هئا، جڏهن ادبي تربيت وڏي پيار ۽ پاٻوهه مان ڪئي ويندي هئي، جڏهن شهرت کان وڌيڪ علم جو قدر هوندو هئو؛ جڏهن مرزا پور جهڙي هڪ ڳوٺ ۾ ويٺل شاعر سڄي سنڌ جي نوجوان شاعرن جي خوابن جي آبياري پيو ڪندو هئو.
اڄ شعر ۽ ادب جي بازار وڏي وسيع ٿي وئي آهي، ابلاغ جا ذريعا جام ٿي ويا آهن، ۽ ڪتابن جي ڇپائي بيحد سولي ٿي وئي آهي، پر نثار بزميءَ جهڙا تخليق ڪار ڳوليا به ڪونه ٿا لڀن؛ يعني اهڙا تخليق ڪار جيڪي پنهنجي ذات کان وڌيڪ ٻين جي صلاحيتن تي ويساهه رکندا هجن ۽ جيڪي پاڻ ڏيئو بڻجڻ بدران ٻين کي روشن ڪرڻ چاهيندا هجن.
مان جڏهن به نثار بزميءَ بابت سوچيندو آهيان ته دل ۾ هڪ احساس اڀرندو آهي ته اسان اصل ۾ پنهنجي مرحوم استادن جا قرضي رهندا آهيون. اسان ڪڏهن به سندن قرض چڪائي نه ٿا سگهون. اسان ڀلي ڪيترا ئي ڪتاب ڇو نه لکي وٺون، ڪيترا ئي مضمون ۽ مقالا شايع ڪرائي وٺون، ڪيتري به شهرت ماڻي وٺون، پر استاد جي هڪ ٻاجهاري ۽ خلوص سان ڀريل جملي جو حق ادا نه ٿا ڪري سگهون. نثار بزمي به مون لاءِ هڪ اهڙو ئي قرض آهي، هڪ اهڙو قرض جيڪو سڄي ڄمار مون مٿان چڙهيل هوندو. شايد اها ئي منهنجي استاد جي سڀ کان وڏي ڪاميابي هوندي ته سندس لاڏاڻي جي ورهين پڄاڻان به سندس ڪو شاگرد کيس ياد ڪندي اداس ۽ اٻاڻڪو ٿي وڃي.
نثار بزمي اڄ هن فاني دنيا ۾ موجود ڪونهي، پر مرزا پور جي مٽي ڄاڻي ٿي ته هو مرڻ کانپوءِ به ڳوٺ کان ناهي ويو، هو هوا ۾ شامل آهي، هو وڻن جي گهاٽي ڇانو ۾ سمايل آهي، هو يادن جي پيچري تي پير پير هلي رهيو آهي ۽ پوءِ هڪ ڏينهن جڏهن سندس شاگرد مٿس ڪجهه لکندا آهن ته هو ڄڻ ٻيهر جنم وٺندو آهي.