هزارين سالن جي تاريخ، تهذيب ۽ تمدن جي وارث سنڌ جي سرزمين دنيا جي خطي تي اها ڌرتي ٿي گذري آهي، جيڪا صدين کان هميشه پيار، محبت، امن، ڀائيچاري، وڻج واپار ۽ مهمانوازي جو گهوارو رهي آهي، گڏوگڏ قدرت جي حسين تحفن يعني قدرتي وسيلن سان مالامال پڻ رهي آهي. قدرتي گئس، ڪوئلو، درياءُ، ذراعت ۽ سامونڊي وسيلن سان گڏوگڏ انيڪ وسيلن سان مالامال سنڌ جي هيءَ خوبصورت ڌرتي يقينن دنيا جي نقشي ۾ هڪ اهم جاءِ والاري ٿي ۽ ملڪ پاڪستان جي صوبي جي حيثيت سان گڏوگڏ ملڪي معيشت جي ڦيٿي ڦرڻ ۾ پڻ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي.
جيڪڏهن پاڻ تاريخ جو جائزو وٺنداسين ته يقينن پاڻ کي ان ڳالهه جو اندازو ٿي ويندو ته اسان جي سنڌ ڌرتي شايد انهن انيڪ قدرتي وسيلن سبب ماضيءَ کان ئي مشڪلاتن جو شڪار رهي آهي، ماضيءَ جي تاريخ جا ورق اٿلائي ڏسبا ته تاريخ ڪيترين ئي جنگين، فسادن، ڌارين جي يلغارن ۽ اهڙن واقعن ۽ سازشن سان ڀريل ملندي، جنهن ۾ هر دؤر ۾ سنڌ ۽ سنڌ جي وسيلن تي قابض ٿيڻ لاءِ ڌارين جون ڪاهون، ويرين جون يلغارون ۽ سازشين جون سازشون ٿينديون رهيون آهن، جن سان سنڌ ۽ سنڌ واسين کي تمام گهڻين مشڪلاتن سان منهن ته ڏيڻو پيو آهي پر ڪڏهن به ڌارين يا سازشي قوتن آڏو سنڌ يا سنڌ جي ارڏي وارثن گوڏا ڪونه کوڙيا آهن، وقتن به وقت کين ڏکين حالاتن ۽ سنڌ دشمن سازشن کي منهن ضرور ڏيڻو پيو آهي، پر وقت هميشه کين دشمنن اڳيان سرخرو ثابت ڪيو آهي.
سنڌ ۽ سنڌ جا وسيلا اڄ به دنيا جي تختي تي قائم ۽ دائم آهن، پر ها، انهن سنڌ دشمن قوتن، سنڌ جي ويرين ۽ ڌارين جي سازشن جو تسلسل اڄ به قائم آهي، هر روز سنڌ ۽ سنڌ جي وسيلن خلاف ڪا نئين سازش جوٽي سنڌ جي تاريخ سان هٿ چراند ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، ڪڏهن معدني وسيلن تي قابض ٿيڻ جي ڪوشش ته ڪڏهن سنڌ جي جياپي، سنڌو درياءَ تي ڌاڙي هڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. ڪڏهن سنڌ جي شھ رڳ ڪراچي کي سنڌ کان ڌار ڪرڻ جا سانباها ته ڪڏهن سنڌ دشمن پاليسيون مڙهي سنڌ ۽ سنڌي قوم جي جذبن کي مجروح ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي آهي. مطلب ته سنڌ جي سرزمين هميشه دشمن صفت قوتن جي اک ۾ هميشه ڪنڊو ٿي چڀندي رهي آهي، پر سنڌ جي سپوت وارثن صف اول تي بيهي هر محاذ تي سنڌ ۽ سنڌ جي خلاف ٿيندڙ هرسازش خلاف پاڻ ملهايو آهي ۽ هميشه انهن دشمن صفت قوتن کي منهن ٽوڙ جواب ڏئي پنهنجي ڌرتي ۽ پنهنجي وسيلن جي خوب وارثي ڪئي آهي.
اها وقت جي اڃا به وڌيڪ ضرورت آهي ته پاڻ سنڌ جا وارث پاڻ ۾ متحد ۽ منظم بڻجي سنڌ ۽ سنڌ جي خلاف ٿيندڙ هر سازش کي ناڪام بڻايون، پاڻ ۾ ذات پرستي، انا پرستي سياست ۽ قومپرستي جي نالي تي الڳ الڳ صفن تي بيٺل سنڌ جي وارثن کي عليحده عليحده وارين صف بندين کي ٽوڙي هڪ صف تي بيهڻ جي خاص ضرورت آهي، ڇاڪاڻ ته هڪ طرف سنڌ ۽ سنڌ جي وسيلن تي قابض بڻجي امير ۽ شاهوڪار سنڌ کي بنجر بڻائڻ جون سٽون سٽيون پيون وڃن ته ٻئي طرف ملڪ جي معيشت ۾ سڀ کان وڌيڪ حصو وجهندڙ سنڌ جي ماڻهن کي غريبي، بيروزگاري، مهانگائي، جهيڙن فسادن، قبيلائي تڪرارن، بدامني، ڦرلٽ ۽ اغواڪاري سميت ٻين ڪيترن ئي مسئلن جو هٿرادو شڪار بڻائي کين پريشانين ۽ الجهنن جي ڄار ۾ ڦاسائي سندن سوچ ۽ احساسن سان کيڏيو پيو وڃي.
اها اسان سنڌ جي عوام يا ايوانن ۾ ويٺل سنڌ جي وزيرن، ايم پي ايز ۽ ايم اين ايز جي ڪمزوري چئجي يا اسان جي صبر مان فائدو وٺندي ڪالهه جا پناهگير اڄ ايوانن ۾ ويهي ديده دليري ۽ بغير ڪنهن خوف جي ٻوري بند لاشن ڏيڻ جو چتاءُ ڏئي رهيا آهن. ڇا اهڙن منفي سوچ رکندڙ پناهگيرن کي لغام ڏيڻ جي اڃا به ضرورت نه آهي، يا اڃا به هٿ هٿ تي ڏئي ويهڻ جي ضرورت آهي، ان ڪري اچو ته پاڻ ۾ متحد ۽ منظم بڻجي سڀ ويڇا وساري سنڌ ۽ سنڌ جي قدرتي وسيلن جي مالڪي ڪيون، خاص طور تي سنڌ جي قومپرست جماعتن، ساڃاهه وندن، سنڌ جي سياسي حلقن، ايوانن ۾ ويٺل سنڌ جي سياستدانن ۽ هر عام و خاص فرد کي پنهنجو پنهنجو اهم ۽ عملي ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي.