شهيد آيت الله خامنه اي جون آخري رسمون شروع، وزيراعظم سيمت پاڪستاني وفد شريڪ

تهران (ويب ڊيسڪ) اسرائيلي حملي ۾ شهيد ٿيل اڳوڻي ايراني سپريم ليڊر آيت الله علي خامنه اي جون آخري رسمون باضابطا طور تهران جي وڏي مذهبي ۽ ثقافتي مرڪز امام خميني مصليٰ ۾ شروع ٿي ويون آهن، سندس شهادت کي چار مهينن کان وڌيڪ عرصو گذري چڪو آهي، ان دوران هزارين سوڳوارن جي موجودگي ۾ خامنه اي جو تابوت ان مرڪز ۾ آندو ويو. علي خامنه اي جي جنازي نماز ۽ تدفين جون تقريبون 9 جولاءِ تائين جاري رهنديون. سندس خاندان تدفين وارين تقريبن جي منتظمين طرفان ايران ۽ عراق ۾ ڪيترن ئي تقريبن جو اعلان ڪري چڪو آهي.پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ستن ڏينهن تائين جاري رهندڙ تقريبن لاءِ سپهه پاسداران، سيڪيورٽي ادارا ۽ مختلف سرڪاري کاتا سرگرم آهن.علي خامنه اي جي آخري رسمن لاءِ مختلف ملڪن جي وفدن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي.صدر مسعود پزشڪيان، پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف ۽ عدليا جي سربراهه غلام حسين سميت اعليٰ اختيارين ايراني عوام کي تقريبن ۾ شرڪت جي اپيل ڪئي آهي.تهران ۾ تقريبن جي نگراني ڪندڙ پاسداران انقلاب جي سينيئر ڪمانڊر، برگيڊيئر جنرل حسن حسن زاده چيو آهي ته اختيارين کي هڪ ڪروڙ 20 لک کان هڪ ڪروڙ 50 لک ماڻهن جي شرڪت جي اميد آهي ۽ اهو انگ ٻن ڪروڙ تائين به پهچي سگهي ٿي.ايراني گهرو وزير اسڪندر مومني چيو آهي ته مختلف ملڪن جا صدر، پارليامينٽ جا سربراهه، وزيراعظم ۽ وزير ان تقريب ۾ شرڪت ڪندا. سرڪاري اختيارين جي دعويٰ آهي ته 800 پرڏيهي صحافي ان تقريب جي ڪوريج ڪندا.ان تقريب ۾ ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان جي دعوت تي وزيراعظم شهباز شريف جي قيادت ۾ پاڪستاني وفد ايران جي اڳوڻي رهبرِ اعليٰ شهيد آيت الله علي خامنه اي جي جنازي ۾ شرڪت ڪئي.پاڪستان جي اعليٰ سطحي وفد ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، چيف آف آرمي اسٽاف ۽ چيف آف ڊفينس فورسز فيلڊ مارشل عاصم منير، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي، سڌ سماءُ واري وزير عطاءُ الله تارڙ، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ۽ ٻيا اعليٰ حڪومتي عهديدار شامل هئا.

You might also like