ليڊي هيلٿ پروگرام پي پي ايڇ آءِ ۽ ٻين اين جي اوز حوالي ڪرڻ خلاف حيدرآباد ۾ ريلي

حيدرآباد(رپورٽر) آل سنڌ ليڊي ھيلٿ ورڪرز جي سڏ تي سنڌ حڪومت پاران ايل ايڇ ڊبليو پروگرام پي پي ايڇ آئي توڙي خانگي اين جي اوز حوالي ڪرڻ خلاف ڪالھ سوين عورت ملازمن سخت گرمي ۾ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون آل سنڌ ليڊي هيلٿ ورڪرز اينڊ ايمپلائيز يونين (رجسٽرڊ) جي مرڪزي صدر حليمه ذوالقرنين لغاري، رابعه ڏوگر، خالده جمالي، زرينا صديق، عائشہ خان، حاڪم زادي ڪيريو ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ سپروائيزرزن، ڊرائيورن ۽ ٻين ملازمن احتجاجي  مظاهرو ڪري ڌرڻو ھنيو. ان موقعي تي خطاب ڪندي حليمه ذوالقرنين لغاري چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪر پروگرام کي پي پي ايڇ آءِ يا ڪنهن به اين جي اوز يا خانگي اداري حوالي ڪرڻ ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو. هن چيو ته اهڙي فيصلي خلاف سنڌ جون 24 هزار ليڊي هيلٿ ورڪرز سراپا احتجاج آهن، جيڪڏهن سندن جائز مطالبا فوري طور تي تسليم نه ڪيا ويا ته احتجاج جو دائرو سڄي صوبي تائين وڌايو ويندو ۽ بلاول هائوس جو گهيراءُ ڪيو ويندو. هن چيو ته ليڊي هيلٿ ورڪرز گذريل 30 سالن کان عوام جي خدمت ڪري رهيون آهن، جڏهن ته 14 سالن جي ڊگهي جدوجهد، لاٺي چارج، گرفتارين ۽ ڳوڙها آڻيندڙ گيس برداشت ڪرڻ کان پوءِ سپريم ڪورٽ جي حڪم تحت ملازم مستقل ته ٿيا، پر اڃا تائين کين سروس اسٽرڪچر، پروموشن ۽ ٻين جائز سهولتن کان محروم رکيو ويو آهي. هن چيو ته پروگرام جا اعليٰ آفيسر 17هين گريڊ مان ترقي ڪري 19هين گريڊ تائين پهچي ويا آهن، جڏهن ته ليڊي هيلٿ ورڪرز، ليڊي هيلٿ سپروائيزرز، ڊرائيورز ۽ اڪائونٽ سپروائيزرز اڃا تائين چوٿين، پنجين ۽ ستين گريڊ ۾ ڪم ڪري رهيا آهن. هن الزام هنيو ته ڪجهه آفيسرن پاران تحريڪ کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ مبينه طور پاڪٽ يونينون ٺاهي پيون وڃن، پر ملازم اهڙين سازشن کي ناڪام بڻائيندا. احتجاج ڪندڙن مطالبو ڪيو ته اڪائونٽ سپروائيزرز، ڊرائيورن ۽ ليڊي هيلٿ سپروائيزرز جون پوسٽون ختم يا ايڊجسٽ نه ڪيون وڃن، ملازمن جا اسڪيل فوري طور تي روائيز ڪري سروس اسٽرڪچر ۽ سموريون جائز مراعتون ڏنيون وڃن، پيٽرول جي مد ۾ ڪيل 80 سيڪڙو بجيٽ ڪٽوتي ختم ڪري بجيٽ بحال ڪئي وڃي .

You might also like