ٻٻرلوءِ (عوامي آواز نيوز) ٻٻرلوءِ ۾ سکر مان اغوا ٿيل پريا ڪماري، ميهڙ جي نياڻي اجالا پروين ۽ سنڌ مان اغوا ٿيل ٻين ٻارن جي آزادي لاءِ اٺين ڏينهن به ڌرڻو جاري رکيو ويو، فنڪارن، استادن، وڪيلن، پوليس اهلڪارن ۽ سياسي سماجي اڳواڻن شرڪت ڪئي، جڏهن ته جسقم صنعان قريشي گروپ جا اڳواڻ امجد مهيسر جي اڳواڻي ۾ ڌرڻي ۾ پهتا ۽ اغوا ٿيل ٻارن جي آزادي جو مطالبو ڪيو، اڳواڻن چيو ته سڄي سنڌ پريا ڪماري ۽ ٻين جي آزادي لاءِ سراپا احتجاج آهي پر حڪومت خاموش آهي، جسقم گم ٿيل ٻارن جي وارثن سان گڏ آهي، نياڻين کي آزاد ڪرايو وڃي، ڌرڻي ۾ ميهڙ واسڻ اجالا پروين جي والد جو چوڻ هو ته سنڌ جي وڏي وزير، گهرو وزير ۽ آءِ جي سنڌ کي اپيلون ڪري ٿڪجي پيا آهيون، وزيراعظم ۽ فيلڊمارشل نوٽيس وٺي ٻچڙا بازياب ڪرائن، ڪيترن ڏينهن کان احتجاج ڪيون پيا پر نياڻي جي ڪا خبر ناهي پئجي سگهي، کائڻ پيئڻ ختم ٿي ويو آهي، جيڪب آباد مان اغوا ٿيل نويد لاشاري جي والد اپيل ڪندي چيو ته سنڌ واسي ٻچڙن جي بازيابي لاءِ شروع ڪيل جدوجهد ۾ اسان جو ساٿ ڏيو، پنهنجن ٻچڙن جي آزادي تائين هتان نه اٿنداسين، سماجي اڳواڻ مشتاق ڀيو چيو ته ٻارن جي بازيابي لاءِ هاڻي فيصلائتي مرحلي ۾ وڃڻو پوندو، ٻچن وارا ٻٻرلوءِ پهچي ڏکايل وارثن جو ساٿ ڏين، صورتحال ڳڻتي جوڳي بڻجي وئي آهي، علي اصغر جي والد به ڌرڻي ۾ دانهون ڪندي چيو ته پوليس پٽ علي اصغر ته بازياب نه ڪرايو، ابتو منهنجي خلاف ڪيس داخل ڪيا، سنڌ حڪومت مان اميد ناهي، وزيراعظم نوٽيس وٺي احتجاج ڪندڙ وارثن جا ٻچا بازياب ڪرائي، مغوي جي ڀاءُ ڪسٽم عملدار موجب ڀاءُ علي اصغر يارنهن سالن کان اغوا ٿيل آهي، ڀنگبه گهريو ويو، ٻارن جي بازيابي لاءِ جي آءِ ٽي جوڙي وڃي، پوليس آسرا ڏئي رهي آهي، چئن سالن کان ڀاءُ اغوا ٿيل آهي، انصاف ڪيو وڃي، جيڪب آباد مان اغوا ٿيل نويد لاشاري جي ڀيڻ روئيندي چيو ته آءِ جي صاحب توهان جو ٻڄوگم هجي ها ته اي سي ۾ ويهو ها، اوهين اسان جو درد ڇا سمجهندئو، اسان جي گهرن ۾ ماتم متل آهي، نويد کي آزاد ڪرائي بيچيني ختم ڪئي وڃي، ڌرڻي ۾ شامل پريا ايڪشن ڪميٽي اڳواڻن چيو ته ڌرڻو ختم ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو پيو وڃي، ڪنهن سان جهيڙو ناهي، پرامن ويٺا آهيون، ٻچڙن کي آزاد ڪرائي ڏنو وڃي ته ڌرڻو ختم ڪنداسين، پريا ڪماري، اجالا پروين ۽ ٻين جي آزادي تائين ڌرڻو جاري رهندو.