سنڌ پاڪستان ٺاهيو سنڌ پاڪستان جي صورت ۾ هڪ الڳ وطن ٺاهڻ لاءِ وڏيون قربانيون ڏنيون انگريز فرنگين سان مهاڏا اٽڪايا جنگون ڪيون ڪونڌر ڪهرايا اهو سڀ تاريخ جو حصو آهي۔پير صبغت الله پاڳارو شهيد ,هوشو شيدي, هيمون ڪالاڻي سميت ڪيئي جوڌن جون قربانيون وساري نٿيون سگهجن ۽ پوءِ به سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن کي غدار ڪوٺيو سڏيو وڃي الڳ صوبي جو مطالبو ڪيو وڃي ڪيڏي نه زيادتي ۽ بي حسي چئجي۔جيڪڏهن سنڌ ۽ سنڌ جا ماڻهو انگريزن ۽ فرنگين خلاف جنگيون نه جوٽين ها ته شايد هاڻ صوبي جو مطالبو ڪندڙ پناهگير ڀارت ۽ اتان جي هندن جي ظلمن ۽ زيادتين جو شڪار هجن ها۔پاڪستان ٺهيو ڀارتي مسلمان خاص ڪري غريب طبقو جيڪي دهلي لکهنو ۾ بي گهر بيروزگار هئا پاڪستان پهتا سمورن صوبن سندن مالڪي نه ڪئي وري به سنڌ ۽ سنڌي ماڻهن سندن آجيان ڪئي پنهنجي گهرن ۽ اوطاقن جا در کولي ڇڏيا سندن ميزباني ڪئي کين رهڻ لاءِ جايون ڏنيون ڪاروبار ڏنو ايتري قدر جو ڀارت ۾ ڪجهه به نه هوندي کين ڪليم ڏنا جنهن سان پناهگير جائدادن ۽ زمينن جا مالڪ بڻيا جعلي سرٽيفڪيٽن تحت کين سرڪاري ادارن ۾ نوڪريون مليون۔سنڌ اسيمبلي قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ جون ميمبريون مليون ايتري قدر جو وزارتون مليون ڪراچي حيدرآباد ميرپورخاص ۽ سکر جي مڪاني ادارن جي حڪمراني ملي پوءِ به کين شڪر ناهي پوءِ به اسيمبلين ۾ ويهي ٻورين ۾ بند لاشن جون ڌمڪيون پيا ڏين ۽ ڌمڪين واري سياست پيا ڪن کين شرم اچڻ گهرجي۔
سنڌ جي نوجوانن ۽ سنڌين مٿان غداري جهڙا الزام مڙهي نوجوانن کي ڪنهن آڙاهه ۾ وجهڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي جڏهن ته سنڌ جو سنڌي نوجوان محنت ڪش هاري پورهيت عام مزدور سرڪاري ملازم ملڪ سان والهانه محبت ڪندڙ سچو ۽ وفادار آهي جڏهن به 23 مارچ 14 آگسٽ توڙي قومي دفاع وارا ڏهاڙا ملهائجن ٿا ته سندن هٿن ۾ قومي جهنڊا هوندا آهن سندن وات وائي پاڪستان زنده آباد جا نعرا هوندا آهن۔ سنڌ جو نوجوان پاڪستان ٺهڻ بعد اسيمبلين جا ميمبر رهيا آهن هنن وزارتون ماڻيون آهن صدر ۽ وزير اعظم جهڙا عهدا ماڻيا آهن جن پاڪستان ۽ هر صوبي جو مان مٿاهون ڪيو آهي خوشحالي آندي آهي بيروزگاري ختم ڪئي ۽ سرڪاري ادارن ۾ هر طبقي هر نسل جي ماڻهن کي روزگار جا هڪ جهڙا موقعا فراهم ڪيا خاص ڪري شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ شهيد محترمه بينظير ڀٽو جا دور ان ڳالهه جا ثبوت آهن۔جڏهن ته پناهگير طبقي هنن سياسي موتين کي به نه بخشيو سندن خلاف سازشون ڪيون پرتشدد احتجاج ڪرايا ٻورين ۾ بند لاشن جا تحفا ڏنا هن وقت به ڌمڪين تي لٿل آهن ڏاڍ ۽ بلئڪ ميلنگ جي زور تي الڳ صوبو وٺڻ لاءِ سازشون سٽي رهيا آهن پر سازشون سازشون ئي رهجي وينديون۔
سنڌ جو نوجوان سنڌ جو سياستدان سنڌ جو قومپرست جيڪڏهن سنڌ جي مظلوميت ۽ سنڌ جي حقن جي ڳالهه ٿو ڪري ته ان کي غدار تصور ڪيو وڃي ٿو جو اهي سنڌ جي وسيلن جي ٿيندڙ لتاڙ ۽ ناانصافين جي خاتمي لاءِ آواز اٿارين ٿا۔ڇا سنڌ جي گورنري وئي اٿن روڄ راڙو پيا ڪن۔سنڌ جي گورنري وفاق جو مسئلو آهي وفاق ۾ ن ليگ جي حڪومت آهي جيڪڏهن ن ليگ پنهنجو گورنر رکيو آهي ته ان ۾ پ پ پ يا قومپرستن جو ڪهڙو واسطو يا ڏوهه جو ڪراچي جا پناهگير آپي کان ٻاهر ٿي چڪا آهن الڳ صوبي جو مطالبو پيا ڪن۔ڀلي مطالبو ڪن پر سنڌ صدين کان آهن رهندي۔سنڌ لکهنو بمبئي يا دهلي جون بازارون ناهن جو الڳ الڳ ڪجن۔سنڌ صدين تائين جاري و ساري رهندي ۔جنهن سنڌ پاڪستان ٺاهيو ان سنڌ کي ڪمزور ڪرڻ جون ڳالهيون ڪيون وڃن سنڌ ۽ پاڪستان سان غداري آهي جنهن جو نوٽيس وٺڻ گهرجي۔
سنڌ جي نوجوانن جي هٿن ۾ جيڪڏهن سنڌ جي جياپي جو جهنڊو ۽ نعرو آهي اتي سندن هٿن ۾ پاڪستان جو قومي جهنڊو به ڏسڻ ۾ ايندو جنهن مان پاڪستان جي وقار عظمت ۽ وجود جو پتو پوي ٿو۔سنڌ ڄائو سنڌي نوجوان پاڪستان جو جهنڊو هٿ ۾ کڻي پاڪستان سان محبت واري جذبي سان پيرين پنڌ چائنا سرحد تائين سفر تي گامزن هجڻ کي غداري جي لقب سان نوازي نٿو سگهجي۔خداوند ڪريم هن سنڌي نوجوان کي ڪامياب ڪندو خيرن سان چائنا بارڊر تي پهچي جهنڊو هڻي ثابت ڪندو ته سنڌ جا ماڻهو به پاڪستان سان ايتري محبت ڪن ٿا ۽ ايترا سچا ۽ وفادار آهن جيترا ٻين صوبن جا آهن۔پ پ پ کي گلگلت بلبستان ۾ ڪاميابي ملي ٿي ۽ اتي حڪومت قائم ڪري ٿي اهو به هڪ ثبوت آهي ته سنڌ جا ماڻهو سنڌ جا سياستدان محب وطن آهن۔سنڌ جا ماڻهو پنهنجي ملڪ پنهنجي وطن سان سچا آهن۔هنن پاڪستان ٺاهيو۔سنڌ ڀارتي پناهگيرن سميت سمورن ٻاهرن کي ڀاڪر پائي مهمان نوازي ڪئي آهي جو سنڌ اسيمبلي ۽ قومي اسيمبلي ۾ به ڪراچي ۾ مقيم مختلف صوبن جا ميمبر آهن جن ڪڏهن به الڳ صوبي يا الڳ ڪراچي جو مطالبو ناهي ڪيو۔
پاڪستان سان سنڌي نوجوانن جي محبت جو ثبوت اتي ختم ناهي ٿيو ٽنڊوقيصر جا نوجوان بائيڪ تي چائنا بارڊر پهچي پاڪستان جو جهنڊو نصب ڪري چڪا آهن۔وفاق ۽ سمورا صوبا پيرين پنڌ سياحت لاءِ ويندڙ سنڌي توڙي ٻين قومن جي نوجوانن جي حوصله افزائي ڪن ته پاڪستان وڌيڪ مضبوط ٿي سگهي ٿو البته سنڌي ماڻهن سنڌي نوجوانن سنڌي سياستدانن ۽ قومپرستن مٿان غداري وارا الزام هڻڻ بند ڪرڻ ۽ الڳ صوبي گهرڻ وارن کي سنڌ جي وجود کي مڃڻ گهرجي۔پاڪستان چئن صوبن جو اٽوٽ انگ آهي جنهن کي ڪمزورنه پر مضبوط ڪيو وڃي۔