سنڌ اسيمبلي صوبي جي سڀ کان اهم جمهوري اداري جي حيثيت رکي ٿي. هتي ويهندڙ چونڊيل نمائندا لکين ماڻهن جي اميدن، خواهشن ۽ مسئلن جا ترجمان سمجهيا وڃن ٿا. عوام انهن نمائندن کي ان لاءِ ووٽ ڏئي اسيمبلي تائين پهچائيندو آهي ته جيئن اهي قانون سازي ڪن، حڪومتي ڪارڪردگي جو احتساب ڪن، عوامي مسئلن تي بحث مباحثو ڪن ۽ صوبي جي ترقي لاءِ رستا هموار ڪن. پر افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته گذريل ڪجهه عرصي کان سنڌ اسيمبلي جو ماحول ان مقصد کان هٽي ڪري سياسي جهيڙن، الزام تراشين، طنز ۽ ٽوڪن، نفرت انگيز جملن ۽ هڪٻئي کي ڌمڪيون ڏيڻ واري روش ڏانهن وڌندو نظر اچي رهيو آهي. خاص طور تي پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم پاڪستان جي اڳواڻن وچ ۾ ٿيندڙ سخت لفظن جي ڏي وٺ ۽ هڪٻئي خلاف استعمال ٿيندڙ ٻولي ڪيترن ئي سوالن کي جنم ڏئي رهي آهي.
اسيمبلي ۾ سياسي اختلاف ڪا نئين ڳالهه ناهي. جمهوريت ۾ مختلف سياسي پارٽين جا پنهنجا نظريا، موقف ۽ ترجيحات هونديون آهن. حڪومت ۽ اپوزيشن جي وچ ۾ اختلاف فطري ڳالهه آهي ۽ انهن اختلافن جو اظهار به پارلياماني نظام جو حصو آهي. پر جڏهن اختلاف دليلن بدران دشمني جي شڪل اختيار ڪري وڃن، جڏهن سياسي تنقيد ذاتي حملن ۾ تبديل ٿي وڃي ۽ جڏهن تقريرن جو مقصد عوامي مسئلن جو حل ڳولڻ بدران مخالفن کي ذليل ڪرڻ بڻجي وڃي، تڏهن پارلياماني نظام جو حسن متاثر ٿيندو آهي.
سنڌ اسيمبلي ۾اجلاس دوران ويجهڙ جيڪي منظر ڏسڻ ۾ آيا آهن، اهي ڪنهن به لحاظ کان پارلياماني روايتن سان مطابقت نٿا رکن. تقريرن ۾ هڪٻئي کي چڙ ڏيارڻ، اشتعال پيدا ڪرڻ ۽ سياسي ماحول کي وڌيڪ تلخ بڻائڻ واري روش نه صرف ايوان جي وقار کي نقصان پهچائي ٿي پر عوام ۾ به منفي پيغام موڪلي ٿي. عوام جڏهن ٽيليويزن اسڪرينن يا سوشل ميڊيا تي پنهنجي چونڊيل نمائندن کي اهڙي انداز ۾ ڳالهائيندي ڏسي ٿو ته ان جي دل ۾ سوال پيدا ٿئي ٿو ته ڇا اهي ئي ماڻهو سندس مسئلن جي حل لاءِ چونڊيا ويا هئا؟
سنڌ کي هن وقت ڪيترن ئي سنگين مسئلن کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي. پاڻي جي کوٽ، بيروزگاري، مهانگائي، بدامني، شهري سهولتن جي اڻهوند، تعليم ۽ صحت جي شعبن جا مسئلا، ماحولياتي تبديليون، موسمياتي بحران ۽ ترقياتي منصوبن ۾ سستي جهڙا ڪيترائي اهم موضوع موجود آهن. عوام جي توقع اها آهي ته اسيمبلي ۾ انهن مسئلن تي سنجيده بحث ٿئي، حڪومت کان جواب طلب ڪيو وڃي ۽ اهڙا قانون ۽ پاليسيون تيار ڪيون وڃن جيڪي ماڻهن جي زندگين ۾ بهتري آڻين. پر جڏهن ايوان جو وقت سياسي جهيڙن ۽ لفظي جنگين ۾ ضايع ٿيندو آهي ته اصل مسئلا پس منظر ۾ هليا ويندا آهن.
سياسي اڳواڻن کي اهو به ياد رکڻ گهرجي ته سندن لفظن جو اثر صرف اسيمبلي جي چئن ديوارن تائين محدود نه هوندو آهي. اهي تقريرون ميڊيا ذريعي هزارين ۽ لکين ماڻهن تائين پهچنديون آهن. جڏهن عوام جا نمائندا نفرت انگيز ٻولي استعمال ڪندا آهن ته ان جو اثر سماج تي به پوندو آهي. سياسي ڪارڪنن ۾ به تلخي وڌندي آهي ۽ معاشري ۾ برداشت، رواداري ۽ احترام جي قدرن کي نقصان پهچندو آهي. جمهوريت جو بنيادي اصول اهو آهي ته اختلاف راءِ کي عزت سان قبول ڪيو وڃي. مخالف ڌر کي دشمن نه پر سياسي حريف سمجهيو وڃي. جيڪڏهن سياسي قيادت پاڻ ئي ان اصول تي عمل نه ڪندي ته پوءِ سماج ۾ برداشت ۽ احترام جي ثقافت ڪيئن پيدا ٿيندي؟
اسان جي پارلياماني تاريخ ۾ اهڙا ڪيترائي مثال موجود آهن جڏهن سخت سياسي اختلافن جي باوجود اڳواڻ هڪٻئي سان احترام جو رشتو برقرار رکندا هئا. هو دليل سان جواب ڏيندا هئا، انگ اکر پيش ڪندا هئا ۽ پنهنجي موقف کي منطق جي بنياد تي ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا هئا. اڄ به اها ئي روايت زنده ڪرڻ جي ضرورت آهي. سياسي جماعتن کي سمجهڻ گهرجي ته مختصر سياسي فائدي لاءِ استعمال ٿيندڙ اشتعال انگيز ٻولي ڊگهي عرصي ۾ جمهوريت ۽ ادارن ٻنهي کي نقصان پهچائيندي آهي.
ان صورتحال ۾ سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر جو ڪردار انتهائي اهم ٿي وڃي ٿو. اسپيڪر صرف ڪارروائي هلائڻ وارو شخص نه هوندو آهي، پر هو ايوان جي وقار ۽ پارلياماني روايتن جو نگهبان پڻ هوندو آهي. جيڪڏهن ڪنهن ميمبر جي تقرير پارلياماني ضابطن جي خلاف هجي يا نفرت، ڌمڪي ۽ اشتعال تي ٻڌل هجي ته اسپيڪر کي فوري طور مداخلت ڪرڻ گهرجي. دنيا جي ترقي يافته جمهوريتن ۾ اسپيڪر کي اهو اختيار حاصل هوندو آهي ته هو غير مناسب لفظن کي ڪارروائي مان حذف ڪرائي، ميمبر کي تنبيهه ڪري يا ضرورت پوڻ تي وڌيڪ سخت قدم به کڻي. سنڌ اسيمبلي ۾ به اهڙي سنجيدگي جي ضرورت آهي.
سياسي جماعتن جي قيادت تي به ذميواري ٿئي ٿي ته هو پنهنجي ميمبرن کي پارلياماني آداب جو پابند بڻائين. جيڪڏهن پارٽي قيادت پاڻ نفرت ۽ تلخي جي سياست جي حوصلا افزائي ڪندي ته پوءِ حالتون بهتر ٿيڻ بدران وڌيڪ خراب ٿينديون. ان جي ابتڙ جيڪڏهن قيادت پنهنجي نمائندن کي دليل، شائستگي ۽ بردباري سان ڳالهائڻ جي هدايت ڪندي ته ايوان جو ماحول پاڻمرادو بهتر ٿي سگهي ٿو.
عوام کي به پنهنجي نمائندن کان سوال ڪرڻ گهرجن. انهن کان پڇڻ گهرجي ته انهن اسيمبلي ۾ پاڻي، تعليم، صحت، روزگار ۽ ٻين مسئلن بابت ڪهڙا قدم کنيا آهن. جڏهن عوام جي توجهه اصل مسئلن تي هوندي ته سياسي پارٽيون به مجبور ٿينديون ته هو پنهنجي توانائي عوامي خدمت تي خرچ ڪن.حقيقت اها آهي ته اسيمبليون جهيڙن لاءِ نه پر مسئلن جي حل لاءِ قائم ڪيون وينديون آهن. جيڪڏهن چونڊيل نمائندا پنهنجو وقت هڪٻئي کي طعنا هڻڻ، ڌمڪيون ڏيڻ ۽ نفرت پکيڙڻ ۾ گذاريندا ته پوءِ جمهوريت جو اصل مقصد فوت ٿي ويندو. سنڌ اسيمبلي کي اهڙو فورم بڻجڻ گهرجي جتي اختلاف هجن، پر احترام سان؛ تنقيد هجي، پر دليل سان؛ احتساب هجي، پر شائستگي سان.
اڄ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سڀئي سياسي ڌريون پنهنجي رويي تي نظرثاني ڪن. سنڌ جي عوام کي نفرت نه پر اميد گهرجي، جهيڙا نه پر حل گهرجن، الزام تراشي نه پر ڪارڪردگي گهرجي. اسيمبلي جو وقار برقرار رکڻ صرف اسپيڪر يا ڪنهن هڪ جماعت جي ذميواري ناهي، بلڪه هر چونڊيل ميمبر جي قومي ۽ اخلاقي ذميواري آهي. جيڪڏهن سياسي قيادت هن حقيقت کي سمجهي وٺي ته نه صرف اسيمبلي جو ماحول بهتر ٿي سگهي ٿو، پر جمهوريت به وڌيڪ مضبوط ۽ عوام جو اعتماد به بحال ٿي سگهي ٿو. سنڌ جي سياسي تاريخ ۽ جمهوري مستقبل ٻنهي جو تقاضو آهي ته اسيمبلي کي نفرتن جو ميدان نه پر دليل، برداشت، قانون سازي ۽ عوامي خدمت جو مرڪز بڻايو وڃي.