شڪارپور ضلعي اندر پوليس اھلڪارن جو خون ايترو سستو ڇو؟

ذوالفقار مگسي

شڪارپور ضلعي اندر ڊي ايس پي کان وٺي سپاھي تان ڏوھارين ھٿان شھيد ٿيڻ ڪا نئين ڳالهه ناهي پر 23.06.2026 جو  ڳڙهي ياسين ٿاڻي تي ڊيوٽي ڪر واپس ويندڙ پوليس اھلڪار نياز حسين ولد علي رضا وڌو پنھنجي ڳوٺ قائم خان وڌيو وڃي رهيو آهي ته رتو پل وٽ پويان ايندڙ نامعلوم ھٿياربندن ڦر مزاحمت تي گوليون ھڻي شھيد ڪري فرار ٿي ويا واقعي جي اطلاع ملڻ تي وڌو برادري سان گڏ ڳڙهي ياسين ٿاڻي جي پوليس پهچي شھيد جوان جو لاش ڊاٽسن تي کڻائي ڳڙهي ياسين تعلقي اسپتال پھچايو افسوس سان چوڻو پوي ٿو ڳڙهي ياسين تعلقي اسپتال توڙي شڪارپور پوليس وٽ ڪوبه سرڪاري ايمبولينس ناھي زخمي توڙي شھيد پوليس اھلڪارن يا زخمي پوليس اھلڪارن کي اسپتال پھچائي سگھن ،ڳڙھي ياسين تعلقي اندر اسپتالن توڙي روڊن جو حال اھو ت ڳڙهي ياسين کان ڳوٺ قائم خان وڌيو ويندڙ مسافر لاءِ ضروري آهي سفر ۾ ڊاڪٽر گڏ ھجي نه ته روڊ جي حالت اھا آھي ته صحت مند ماڻهو ب مري ويندو ،ڳڙھي ياسين تعلقي جي اسپتالن توڙي روڊن تي ٻئي دفعي لکبو

جڏهن شھيد اھلڪار نياز  حسين وڌيو جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڊاڪٽرن ڪئي ته اھڙو اطلاع ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ملڪ ۽ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب پٺاڻ کي ڏنو ويو جن روايتي طور پھچي جاءِ واردات جو معائنو ڪري سرڪاري پريس ريليز جاري ڪرائي واپس ھليا ويا ھئا جنھن ڪري وارثن شڪارپور لاڙڪاڻو روڊ کير ٿر پل وٽ انڊس هاءِ وي تي شھيد پوليس اھلڪار نياز حسين وڌيو جو مڙھ رکي روڊ بند ڪري ڌرڻو ھنيو ته جي يو آءِ ضلعي شڪارپور جو صدر مولانا عبدالله مھر ۽ ڳڙهي ياسين تعلقي جي صوبائي تڪ جي يو آئي جو ٽڪيٽ ھولڊر سيد رشدالله شاهه امروٽي ڌرڻي پھچي سردار شڪيل خان وڌيو سان ملاقات ڪري معاملو بابت معلومات ورتي ۽ ڀرپور تعاون يقين ڏياريو ،جڏھن ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين منير احمد ڦلپوٽو۽ ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين ھدايت الله نندواڻي ڌرڻي ۾ پھچي شھيد جي وارثن ۽ وڌيا قبيلي جي سردار شڪيل احمد خان وڌيو سان ڳالھيون ڪري روڊ کولرايو۽ وارثن کي توڙي سرڪار پاران ڪوبه ڏوھارين جو پيڇو نه ڪيو ويو ن وري ڪو پيرو کنيو ويو ته قاتل ھئا ڪير آيا ڪٿان ۽ ويا ڪاڏي جڏهن اڃان شھيد جي جنازي نماز ادا ڪئي وئي مس ۽ تدفين به نه ٿي ته شھيد پوليس اھلڪار نياز حسين وڌيو جا قاتل پوليس کي ملي ويا ڄڻ ته ائين کڻي چئجي ته قاتل پوليس سان رابطي۾ ھئا ۽ واقعي جي ڄاڻ پوليس کي واقعي کان اڳ افسوس سان لکڻو ٿو پوي ته  شڪارپور ضلعي جي پوليس ڪمانڊر سندس پوليس پنھنجي اھلڪار نياز حسين وڌيو جي مدد بجاءِ سندس خون لوڙهي ڇڏيو،واردات جي 20 ڪلاڪن کانپوءِ وارثن ڇڏي سرڪاري مديت ۾ ڪيس داخل ڪري مقتول جي ٻن ماساتن کي گرفتار ڄاڻايو ۽ ٻنھي کي صرف پير ۾ ھڪ ھڪ گولي چمائو لڳل آھي به يا نه اھو ته ميڊڪل بورڊ جڙڻ بعد ڊاڪٽر ٻڌائيندا، شھيد پوليس اھلڪار لاءِ سرڪار پاران ڪوبه معاوضو يا وارثن کي ڪا نوڪري يا ڪا مرعات اڃان تڏو کنيو به نه ويو آھي ته ڊي ايس پي ڳڙهي ياسين منير ڦلپوٽو پريس ڪانفرنس ڪري واقعي کي ڪارنھن جو رنگ ڏيئي شھيد جو خون لوڙهي ڇڏيو آهي

شھيد نياز حسين وڌيو ڳڙهي ياسين تعلقي جي پسمانده علائقي مان خيرپور شاھ عبداللطيف يونيورسٽي مان گريجوئيشن ڪرڻ بعد واپس ڳوٺ پھچي والدين توڙي پنھنجي فيملي جو سھارو بڻجڻ لاءِ پوليس ڊپارٽمينٽ ۾ سپاهي ڀرتي ٿيو ته جيئن گھر جو چرخو ھلي سگھي. نوجوان پوليس اھلڪار نياز حسين وڌيو اڃان ٽريننگ مس ڪري واپس ٿيو ته ڳڙهي ياسين ٿاڻي تي ڊيوٽي لاءِ موڪليو ويو. ھڪ پڙھيل لکيل نوجوان پوليس اھلڪار کي ٿاڻي تي رکڻ بجاءِ ٿاڻي کان پوليس پڪٽ تي رکيو ويو تعليم يافته نوجوان ڊيوٽي مڪمل ڪري سرڪاري اسحلو ٿاڻي تي جمع ڪرائي واپس وڃي رهيو هو ته رھزنن راھ تان ھٽائي ڇڏيو وارثن ٽيجھو به نه ڪئي ۽ شھيد اھلڪار جي قبر جي مٽي به نه سڪي ته شڪارپور پوليس پنھنجي جان ڇڏائڻ لاءِ مقتول جي وارثن جي ارمانن تي پاڻي ڦيري ڇڏيو آهي

ھاڻي ڏسون ته شھيد جي ٽيجھي بعد وارث ڪھڙو موقف اختيار ڪن ،جڏھن شڪارپور ضلعي اندر بيروزگارن ۾ ۽ وارثن ۾ مايوسي ڦهلجي وئي آهي ته پوليس ۾ ڀرتي ٿيڻ بعد به خون ايترو سستو لوڙهي ڇڏيو ويندو آخر  ۾ آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو ۽ ٻين وس وارن کان گھر ڪندس شھيد جي خون سان انصاف لاءِ ھڪ حاضر سروس جج کان جوڊيشل انڪوائري ڪرائي وڃي ته جيئن وارثن کي آٿٿ ملي سگھي ۽ شھيد جي خون سان انصاف ٿي سگھي..وڻن ۾ واڪا ڪرڻ وس مون ٻڌڻ ڪم ٻاروچ جو..

 

You might also like