اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ مولانا فضل الرحمان وچ ۾ دلچسپ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. اڪيلائي ۾ شهباز شريف مولانا فضل الرحمان سان ڪهڙي ڳالهه ڪئي؟ نه ته وزيراعظم ۽ نه ئي مولانا فضل الرحمان ٻڌايو. قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران وزيراعظم چيو ته مون مولانا سان اڪيلائي ۾ جيڪا ڳالهه ڪئي، ان کي قبر ۾ کڻي ويندس پر ڪڏهن به نه ٻڌائيندس. مولانا فضل الرحمان جواب ڏنو ته وزيراعظم کي اجازت ڏيان ٿو ته معاملو ايوان ۾ ٻڌائي. جنهن تي وزيراعظم چيو ته مان مولانا جي آڇ قبول نه ڪندس، ڇو ته پوءِ ڳالهيون ايتريون اڳتي وڌنديون جو واپس نه اينديون.