بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ هڙتال

ڪوئيٽا(عوامي آواز نيوز) بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي جي سڏ تي بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ هڙتال،هي هڙتال بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي جي سربراهه ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ مرڪزي اڳواڻ صبغت الله کي ڏنل سزا خلاف ڪئي وئي.هڙتال بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي جي سڏ تي ڪئي وئي، جڏهن ته ڪجهه ٻين قومپرست جماعتن پڻ ان جي حمايت جو اعلان ڪيو هو.پير ڏينهن ڪوئيٽا ۾ دهشتگردي ٽوڙ عدالت 2024ع ۾ گوادر ۾ ٿيل هڪ جلسي دوران سيڪيورٽي اهلڪار جي قتل واري  ڪيس ۾ ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ ۽ صبغت الله کي عمر قيد ۽ ڏنڊ جي سزا ٻڌائي هئي.ان فيصلي خلاف اڱاري ڏينهن صوبي جي مختلف علائقن ۾ ڪاروباري مرڪز بند رهيا، جنهن سبب روزاني واپاري ۽ ڪاروباري سرگرميون متاثر ٿيون

 

You might also like