خواجا آصف ڪشميرين جي دل آزاري ڪئي آهي:پرويز اشرف

اسلام آباد(بيورو) پ پ ايم اين اي راجا پرويز اشرف چيو آهي ته مان ان ڳالهه جو قائل آهيان ته ڪنهن تي به ذاتي تنقيد نه ٿيڻ گهرجي،پارليامينٽ اندر يا ٻاهران ميمبر جڏهن ڳالهائن ته ان جا اسان جي معاشري ۽ ملڪ تي هاڪاري اثر پوڻ گهرجن،قومي اسيمبلي ۾ تقرير ڪندي هن چيو ته  ڪنهن جي دل آزاري نه ٿيڻ گهرجي،سينئر سياستدان خواجا آصف ويجهو دوست آهي هن سان محبت ۽ احترام جو رشتو آهي،هو پنهنجي ڳالهه دبنگ طريقي سان ڳالهائيندو آهي،هن چيو ته خواجا آصف جو ڪالهه هڪ انٽرويو آهي،هن جي ڳالهين سان پاڪستان ۾،آزاد ڪشمير ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميرين جي دل آزاري ٿي آهي،خواجا آصف پنهنجي ڳالهه جي سوشل ميڊيا تي صفائي به پيش ڪئي،حقيقت اها آهي ته ڪشمير تمام حساس علائقو آهي،ان تي ڳالهائڻ کان پهرين اسان کي گهڻو ڪجهه سوچڻو پوندو آهي،هن چيو ته خواجا آصف پاران اهو چوڻ ته راولاڪوٽ واسين کي مان ڪشميري ئي نٿو سمجهان،منهنجي خيال ۾ اها ڳالهه تمام گهڻي زيادتي آهي،اسان جي پارٽي جي دل آزاري آهي،ڪشمير سان محبت رکندڙ هر پاڪستاني کي ان ڳالهه تي ڏک پهتو آهي،هن چيو ته خواجا آصف پاڻ ڪشميري آهي،منهنجو علائقو ڪشمير سان مليل آهي،اسان جي زبان هڪ آهي،اسان جي رهڻي ڪهڻي هڪ آهي،اسان جو پاڻ ۾ مٽيون مائٽيون آهن،ڏک سک جا اسان ساٿي آهيون،هن چيو ته ڪشمير جي حالتن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ باهه تي پاڻي وجهڻ جي ضرورت آهي،اڄ ڪشميرين کي محبت جي ضرورت آهي،شهيد ذوالفقار علي ڀٽو چيو هو ته اسان ڪشمير جي آزادي لاءِ هڪ هزار سالن تائين جنگ وڙهڻ لاءِ تيار آهيون،هن چيو ته حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ آزاد ڪشمير ۾ مسئلو ٿڌو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي،مان اهو نٿو چوان ته اتي سمورا ماڻهو دهشتگرد آهن،انهن جي دل پاڪستان لاءِ ڌڙڪي ٿي،ڪشميرين لاءِ غيرذميواراڻا بيان تذليل،توهين وارا جملا ڪشمير ڪاز لاءِ نقصانڪار آهن

 

You might also like