سنڌ ۾ هڪ وڌيڪ مالي اسڪينڊل، اهم شخصيتن جا نالا شامل،نيب کي درخواست

ڪراچي(ارباب چانڊيو) هڪ ٻيو وڏو مالياتي اسڪينڊل سامهون آيو آهي، ۽ ان جو تعلق به سنڌ حڪومت سان ٻڌايو پيو وڃي. خبر ناهي اهڙي ڪهڙي ڳالهه آهي جو هر وڏو مالياتي اسڪينڊل ڪنهن نه ڪنهن نموني سنڌ حڪومت يا ان سان لاڳاپيل شخصيتن سان ڳنڍجي وڃي ٿو. ان مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته سنڌ ۾ مالي معاملن بابت ڪيتريون بيقاعدگيون ٿي رهيون آهن يا ٿي چڪيون آهن.هن تازي مالياتي اسڪينڊل بابت پهرين اطلاع قومي احتساب بيورو (نيب) کي ڏني وئي آهي. هن اسڪينڊل ۾ پاڪستان جي هڪ تمام وڏي صحافيءَ جو ڀاءُ شامل آهي، سنڌ جي هڪ اهم شخصيت جو مائٽ شامل آهي، سنڌ جي هڪ ڪمشنر جو انتهائي ويجهو ماڻهو شامل آهي، هڪ وڏي ميڊيا هائوس سان لاڳاپيل اهم شخصيت جو نالو به اچي رهيو آهي، جڏهن ته هڪ اڳوڻي چيئرمين يا سندس ويجهي مائٽ جو نالو پڻ سامهون اچي رهيو آهي.سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هن اسڪينڊل ۾ هڪ اهڙو نالو به شامل آهي، جنهن بابت ٻڌي توهان حيران رهجي ويندا. هي هڪ تمام وڏو مالياتي اسڪينڊل آهي، جنهن ۾ ڪروڙين رپين جو معاملو آهي. سنڌ حڪومت طرفان مختلف ماڻهن کي ڪولڊ اسٽوريج  جي نالي تي ڪروڙين رپيا ڏنا وي آهن.سنڌ حڪومت جي هڪ رٿا هئي، يا شايد هاڻي ختم ٿي چڪي آهي يا وري ٻيهر شروع ٿيڻ واري آهي. ان رٿا موجب جيڪڏهن ڪنهن وٽ گهٽ ۾ گهٽ ٻه ايڪڙ زرعي زمين هجي ته حڪومت کيس ٿڌو گودام ٺاهڻ لاءِ منصوبي جي اسي سيڪڙو رقم فراهم ڪندي.مثال طور جيڪڏهن منصوبو هڪ ارب رپين جو هجي ته ويهه ڪروڙ رپيا زمين جو مالڪ ڏيندو ۽ اسي ڪروڙ رپيا سنڌ حڪومت ڏيندي. مان صرف مثال ڏئي رهيو آهيان.عملي طور تي حڪومت لڳ ڀڳ 60کان 65 ڪروڙ رپيا جاري ڪيا، جڏهن ته باقي رقم مالڪ پاڻ ڏني. شرط اهو هو ته انهن پئسن سان ٿڌا گودام ٺاهيا ويندا.پر دلچسپ ڳالهه اها آهي ته اهي ٿڌا گودام ٺاهيا ئي نه ويا.هاڻي سوال اهو پيدا ٿئي ٿو ته جڏهن اهي ٿڌا گودام ٺهيا ئي نه، ته ڇا حڪومت وٽ ڪو اهڙو نظام يا رڪارڊ موجود نه هو، جنهن ذريعي اها جاچ ڪري سگهي ته ڏنل رقم صحيح مقصد لاءِ استعمال ٿي يا نه؟مثال طور جيڪڏهن ڪو ننڍو ملازم ٿوري به بيقاعدگي ڪري ته ان جي نوڪري وڃڻ، ڪارروائي ٿيڻ يا مثال قائم ٿيڻ جو امڪان هوندو آهي. پر هتي ته ڪروڙين رپيا ماڻهن کي ڏنا ويا، پوءِ انهن پئسن جو ڪو حساب ڪتاب به هجڻ گهرجي.انهن ماڻهن ۾ هڪ مشهور صحافيءَ جو ڀاءُ، هڪ ڪمشنر جو ويجهو ساٿي، هڪ اڳوڻي چيئرمين جو پٽ يا ويجهو مائٽ، هڪ وڏي شخصيت جو مائٽ ۽ ٻيون به ڪيتريون ئي بااثر شخصيتون شامل آهن، جن کي ڪروڙين رپيا جاري ڪيا ويا.هاڻي ڏسو ته سنڌ حڪومت مان پئسا ڪيئن نڪري رهيا آهن. اها ته حد ٿي وئي. لڳي ٿو ڄڻ هتي ڪا به نگراني موجود ئي ناهي.هاڻي هن معاملي ۾ قومي احتساب بيورو (نيب) تي وڏي ذميواري اچي ٿي ته هو هن سموري اسڪينڊل جي مڪمل جاچ ڪري. انهن ۾ ملير، مٽياري، ٽنڊو ڄام، ٽنڊو الهيار ۽ ڪجهه ٻيا علائقا شامل آهن.انهن ماڻهن دعويٰ ڪئي هئي ته انهن وٽ زرعي زمين موجود آهي ۽ هو انهن علائقن ۾ ٿڌا گودا(ڪولڊ اسٽوريج) قائم ڪرڻ چاهين ٿا، تنهنڪري حڪومت کين مالي مدد فراهم ڪري.پر عملي طور تي اهي گودام تعمير ئي نه ڪيا ويا.هن سموري اسڪينڊل جو واسطو زراعت واري کاتي سان آهي، هاڻي زراعت واري کاتي، ان جي وزير، نيب ۽ ٻين لاڳاپيل ادارن تي وڏي ذميواري آهي ته هو سچائي عوام جي سامهون آڻين.

 

You might also like