سرگوڌا (م ڊ) سرگوڌا ۾ معصوم نينگري کي اغوا ڪري زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪندڙ ڪيس جو مک جوابدار پوليس مقابلي ۾ مارجي ويو، سي سي ڊي موجب هٿيار جي برآمدگي دوران فائرنگ ڪئي وئي، جوابدار ارسلان پنهنجي ساٿين جي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو، اٺ ورهين جي معصوم نينگري منتها سان مبينا زيادتي ۽ قتل ڪيس جو مرڪزي جوابدار ارسلان مبينا پوليس مقابلي دوران مارجي ويو، پوليس موجب ڪرائم ڪنٽرول ڊپارٽمينٽ (سي سي ڊي) جي ٽيم جوابدار ارسلان کي گرفتار ڪرڻ کان پوءِ قتل ۾ استعمال ٿيل هٿيار جي برآمدگي لاءِ ٿاڻو جهال چڪيان جي علائقي ڏانهن وٺي وڃي رهي هئي ته رستي ۾ لڪل هٿياربند ساٿين پوليس تي اوچتو فائرنگ شروع ڪري ڏني، پوليس ۽ حملي آورن وچ ۾ ٿيل فائرنگ جي ڏي وٺ دوران مرڪزي جوابدار ارسلان مبينا طور پنهنجي ئي ساٿين جي گولي لڳڻ سبب موقعي تي مارجي ويو، جڏهن ته ٻيا جوابدار رات جي اونداهي جو فائدو وٺي فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا، پوليس فرار ٿيل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ خاص ٽيمون جوڙي ڇڏيون، پوليس موجب ڊي پي او سرگوڌا صهيب اشرف جي هدايت تي جوڙيل ڇهه رڪني جاچ ٽيم ڪارروائي ڪندي مرڪزي جوابدار سميت ڇهه ڄڻن کي گرفتار ڪيو هو، جن ۾ هڪ دڪاندار حنيف، سندس پٽ ۽ ٻيا شڪي ماڻهو شامل هئا، جاچ دوران هڪ سي سي ٽي وي فوٽيج به هٿ آئي آهي، جنهن ۾ معصوم نينگري کي دڪان اندر داخل ٿيندي ڏٺو ويو، پر ٻاهر نڪرندي نظر نه آئي، شروعاتي جاچ ۾ اهو به سامهون آيو آهي ته مقتولا نينگري جي والد ۽ دڪاندار وچ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ سخت تڪرار ٿيو هو ۽ دڪاندار مبينا طور سنگين نتيجن جون ڌمڪيون ڏنيون هيون، تنهن ڪري پوليس ان رخ کان به جاچ ڪري رهي آهي، ٻئي پاسي معصوم منتها کي جنازي نماز کان پوءِ مقامي مرڪزي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. جنازي ۾ شهرين ۽ مائٽن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي، متاثر خاندان ۽ علائقي واسين ٻين جوابدارن کي به سخت سزا ڏيڻ ۽ مڪمل انصاف فراهم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي.