آمريڪا ـ ايران ويجهڙائپ، پاڪستان جي سفارتڪاري ۽ بدلجندڙ علائقائي صورتحال

خدا بخش بروھي

عالمي سياست ۾ ڪي اهڙا لمحا ايندا آهن، جيڪي رڳو ٻن ملڪن جي لاڳاپن تائين محدود نه  رهندا آهن، پر انهن جا اثر سڄي خطي ۽ عالمي معيشت تي محسوس ڪيا ويندا آهن. آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ سوئٽزرلينڊ ۾ جاري ڳالهين مان نڪرندڙ تازيون اڳڀرائيون به اهڙي ئي نوعيت رکن ٿيون، جن نه  صرف ٻنهي ملڪن جي ڏهاڪن تي پکڙيل ڇڪتاڻ ۾ نرمائي آندي آهي، پر وچ اوڀر، ڏکڻ ايشيا ۽ عالمي توانائي مارڪيٽن ۾ به نوان امڪان پيدا ڪيا آهن.ان سڄي مسئلي کي سلجھائڻ پاڪستان جو وڏو ڪردار رھيو.

سوئٽزرلينڊ ۾ ٿيل ڳالهين جو پهريون اهم نتيجو اهو سامهون آيو آهي ته آمريڪا ايران جي تيل ۽ پيٽروڪيميڪل شين جي واپار تي لڳل پابندين ۾ عارضي نرمي آندي آهي. آمريڪي ناڻي کاتي طرفان جاري ڪيل لائسنس تحت ايران کي 21 آگسٽ تائين عالمي منڊي ۾ پنهنجو ڪچو تيل ۽ پيٽروڪيميڪل شيون وڪرو ڪرڻ جي اجازت ڏني وئي آهي. ان فيصلي سان ايران لاءِ نه  رڳو عالمي واپاري رستا کليا آهن، پر انشورنس، بئنڪنگ ۽ سامونڊي ٽرانسپورٽ جهڙن شعبن ۾ به رڪاوٽون گهٽجڻ شروع ٿي ويون آهن.

هي پيش رفت گذريل هفتي طئي ٿيل مفاهمتي يادداشت نامي جو حصو آهي، جنهن تحت ايران هرمز جي آبي گذرگاه کي عالمي واپار لاءِ محفوظ ۽ کليل رکڻ سان گڏ بين الاقوامي ائٽمي توانائي ايجنسي جي ماهرن سان سهڪار جو واعدو ڪيو آهي. بدلي ۾ آمريڪا معاشي پابندين ۾ مرحليوار نرمي آڻڻ تي راضي ٿيو آهي. جيڪڏهن هي عمل اڳتي وڌي ٿو ته مستقبل ۾ گڏيل قومن جي سلامتي ڪونسل ۽ آمريڪا پاران لاڳو ڪيل ڪيترين ئي پابندين جي خاتمي جو رستو هموار ٿي سگهي ٿو.

انهن ڳالهين جي خاص اهميت ان ڪري به آهي جو پاڪستان ۽ قطر ثالثي جي عمل ۾ سرگرم ڪردار ادا ڪيو آهي. اسلام آباد ۽ دوحا ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ اعتماد جي فضا پيدا ڪرڻ لاءِ سفارتي سطح تي اهم ڪوششون ڪيون، جن جو اعتراف نه  صرف آمريڪا ۽ ايران، پر چين سميت ٻين عالمي قوتن پڻ ڪيو آهي. پاڪستان لاءِ اها هڪ اهم سفارتي ڪاميابي سمجهي پئي وڃي، ڇاڪاڻ ته گذريل ڪجھ سالن دوران ملڪ خطي ۾ تڪرارن جي حل ۽ ڳالهين جي فروغ لاءِ پاڻ کي هڪ ذميوار ۽ متوازن ڌر طور پيش ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو آهي.

آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽجڻ جا فوري سٺا اثر عالمي معيشت تي به نظر اچڻ شروع ٿي ويا آهن. ڳالهين ۾ مثبت پيش رفت کان پوءِ عالمي منڊي ۾ تيل جون قيمتون گهٽجي ويون آهن. برينٽ ۽ ڊبليو ٽي آءِ ڪچي تيل جي اگهن ۾ نمايان گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ايشيا ۽ يورپ جي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾ سيڙپڪارن جو اعتماد وڌڻ سبب واڌارو ڏٺو ويو آھي . اهو ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته عالمي مارڪيٽون فوجي تڪرارن بدران سفارتي حلن کي وڌيڪ مثبت نظر سان ڏسن ٿيون.

حقيقت ۾ موجوده اڳڀرائي رڳو پابندين ۾ نرمي يا تيل جي واپار تائين محدود ناهي. هي وچ اوڀر جي سياسي توازن، عالمي توانائي سلامتي ۽ علائقائي سفارتڪاري جي نئين دور جي شروعات به ثابت ٿي سگهي ٿي. جيڪڏهن ايندڙ 60 ڏينهن دوران ڌريون حتمي معاهدي تائين پهچڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃن ٿيون ته يقينن  اهو نه  رڳو ايران ۽ آمريڪا جي لاڳاپن ۾ تاريخي تبديلي هوندي، پر پاڪستان جي سفارتي حيثيت کي به عالمي سطح تي وڌيڪ مضبوط بڻائيندو. هن مرحلي تي سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته جنگ، پابندين ۽ محاذ آرائين کان پوءِ آخرڪار ڳالهين ۽ سفارتڪاري جو رستو اثرائتو ثابت ٿيندي نظر اچي رهيو آهي. دنيا کي به اهو پيغام ملي رهيو آهي ته پيچيده تڪرارن جو پائيدار حل طاقت جي استعمال بدران اعتماد، صبر ۽ مسلسل سفارتي رابطن ذريعي ئي ممڪن آهي.

 

You might also like