انسانيت کي لڄائيندڙ هڪ اهڙو واقعو سامهون آيو آهي، جنهن هر حساس دل رکندڙ انسان کي جهنجوڙي ڇڏيو آهي. هڪ بي زبان اُٺ جون اکيون ڪڍيون ويون آهن. آخر اهڙي معصوم جانور جو ڪهڙو ڏوهه هو؟ ڪنهن پنهنجي ذاتي انا، ساڙ ۽ حسد جي خاطر هڪ بي زبان مخلوق کي اکين جي روشني کان محروم ڪري ڇڏيو.
ٿرپارڪر مان هڪ اهڙي دل ڏاريندڙ خبر سامهون آئي هئي، جيڪا نه رڳو هڪ جانور سان ظلم آهي، پر ، رحم ۽ اخلاقي قدرن جي به بي رحماڻي قتل جي برابر آهي. سوال اهو آهي ته آخر انهن بي زبان جانورن جو ڪهڙو قصور آهي؟ اهي نه ڪنهن سان دشمني ڪن ٿا، نه ڪنهن خلاف سازشون ڪن ٿا ۽ نه ئي ڪنهن کي نقصان پهچائڻ جو ارادو رکن ٿا. پوءِ به ڪجهه ماڻهو پنهنجي ذاتي انا، ساڙ، حسد ۽ نفرت جي تسڪين لاءِ انهن معصوم مخلوقن کي نشانو بڻائين ٿا. اهڙي قسم جا عمل انسانيت جي ماتمي تصوير پيش ڪن ٿا.
جانور هميشه انسانن جا ساٿي رهيا آهن. اسان انهن کان هر جائز ڪم وٺون ٿا، انهن تي بار کڻايون ٿا، سفر ڪريون ٿا ۽ قرباني به ڪريون ٿا، پر انهن بي زبان جانورن ڪڏهن به انسانن کي دوکو ناهي ڏنو. پوءِ آخر انسان ايترو بي رحم ۽ احمق ڇو ٿي ويو آهي؟ جانور به الله پاڪ جي خلقيل مخلوق آهن. انهن وٽ ڳالهائڻ جي زبان ناهي، پر انهن کي به درد، تڪليف ۽ اذيت جو احساس ٿيندو آهي. ڇا جانور ڳالهائي نٿا سگهن ته ڇا الله پاڪ انهن جي درد کي نٿو ڏسي؟ ڇا اسان انهن تي ظلم ڪري پوءِ به سڪون جي ننڊ سمهي سگهون ٿا؟ جڏهن ڪنهن جانور جون اکيون ڪڍيون وڃن، پير ڪٽيا وڃن يا بي رحمي سان زخمي ڪيو وڃي، ته اها رڳو هڪ جانور جي تڪليف نه هوندي، پر اها سڄي سماج جي اخلاقي ناڪامي هوندي آهي. اهڙو ظلم دراصل اسان جي سماج جي بي حسيءَ جو ثبوت آهي، جتي هڪ بي زبان جانور به پاڻ کي غير محفوظ محسوس ڪري ٿو.
افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اهڙا واقعا وقت بوقت سامهون ايندا رهن ٿا، پر اڪثر ڪري ڪجهه ڏينهن جي مذمت کان پوءِ وساري ڇڏيا ويندا آهن. جيڪڏهن اهڙن ظلمن ۾ ملوث ماڻهن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن ۽ انهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آندو وڃي، ته يقيناً وري ڪو به اهڙو ظلم ڪرڻ جي جرئت نه ڪندو. پر افسوس جو حڪومت اڪثر تماشائي بڻيل نظر اچي ٿي. نتيجي ۾ ظالم ماڻهن جي همت وڌندي وڃي ٿي ۽ اهي سمجهن ٿا ته انهن کان ڪو پڇاڻو نه ٿيندو. جيڪڏهن اڄ به اهڙن واقعن تي سخت ڪارروائي نه ڪئي وئي ته سڀاڻي وڌيڪ بي زبان جانور انهن درندن جي ظلم جو شڪار بڻجندا.
ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته جانورن تي ظلم ڪندڙ ماڻهن کي صرف گرفتار ڪرڻ تائين محدود نه رهجي، پر انهن کي اهڙيون سخت سزائون ڏنيون وڃن جيڪي ٻين لاءِ عبرت بڻجن. حڪومت کي جانورن جي تحفظ بابت موجود قانونن تي سختي سان عمل ڪرائڻ گهرجي ۽ اهڙن واقعن جي روڪٿام لاءِ مؤثر قدم کڻڻ گهرجن. ان سان گڏوگڏ اسڪولن، ڪاليجن ۽ سماجي ادارن کي به جانورن سان رحم ۽ شفقت بابت آگاهي مهم هلائڻ گهرجي.
هڪ مهذب ۽ ترقي يافته معاشرو اهو نه هوندو آهي، جتي صرف انسانن جا حق محفوظ هجن، پر اهو معاشرو به مهذب سڏبو آهي، جتي بي زبان مخلوق به پاڻ کي محفوظ سمجهي. جانورن سان رحم ڪرڻ اسان جي ديني، اخلاقي ۽ انساني ذميواري آهي. ٿرپارڪر جي ان بيگناهه اُٺ جي اکين مان وهندڙ رت دراصل اسان جي سماج جي بي حسيءَ جو عڪس آهي. جيڪڏهن اسان اڄ به خاموش رهياسين ته اها خاموشي ظلم جي حمايت تصور ڪئي ويندي. اچو ته آواز بلند ڪريون، انصاف جو مطالبو ڪريون ۽ اهڙي درندگي ۾ ملوث ماڻهن کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ لاءِ گڏيل جدوجهد ڪريون، جيئن مستقبل ۾ ڪنهن به بي زبان جانور سان اهڙو ظلم نه ٿي سگهي. بي زبان جانورن تي رحم ڪرڻ ئي اصل انسانيت آهي، جڏهن ته انهن تي ظلم ڪرڻ انسانيت جي موت برابر آهي.