ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان اڄ پنهنجي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ پاڪستان جو دورو ڪري رهيو آهي، جتي ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپار، توانائي، سرحدي سهڪار ۽ علائقائي صورتحال سميت اهم معاملن تي ڳالهيون ٿيڻ جو امڪان آهي. اسلام آباد ۾ پرڏيهي آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب ايراني صدر اهو دورو وزيراعظم شهباز شريف جي دعوت تي ڪري رهيو آهي. بيان مطابق ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان سان گڏ وزيرن ۽ ٻين اعليٰ عملدارن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي وفد پڻ شامل هوندو. دوري دوران هو پاڪستان جي صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪندو ۽ وزيراعظم سان به اهم ڳالهين ۾ حصو وٺندو. ايران جي صدر طور مسعود پزشڪيان جو هي پاڪستان جو ٻيو دورو آهي.
هي دورو اهڙي وقت ٿيو آهي، جڏهن هن ئي هفتي سوئٽزرلينڊ ۾ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڇڪتاڻ گهٽائڻ، علائقائي سلامتي ۽ جوهري پروگرام سميت ٻين تڪراري معاملن تي ڳالهين جو دور ٿيو، جنهن ۾ پاڪستان ۽ قطر سهولتڪار جو ڪردار ادا ڪيو. ايراني صدر جي اسلام آباد دوري دوران پاڪستاني حڪومت ۽ عوام جي سڀ کان وڏي دلچسپي پاڪستان-ايران گيس پائيپ لائين منصوبي تي مرڪوز آهي، جيڪو ڪيترن ئي ڏهاڪن کان تعطل جو شڪار آهي. هي منصوبو، جنهن کي ماضي ۾ "امن پائيپ لائين” به چيو ويندو هو، اڄ به پاڪستان جي توانائي ضرورتن لاءِ انتهائي اهم حيثيت رکي ٿو.
هاڻي ٻيهر اهو سوال اڀري رهيو آهي ته ڇا هن دوري دوران ان منصوبي کي عملي شڪل ڏيڻ لاءِ ڪا راهه هموار ٿي سگهندي يا نه. ان حوالي سان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ڳالهين سبب ايران تي معاشي پابندين ۾ نرمي اچڻ جا امڪان به ظاهر ڪيا پيا وڃن، جنهن ڪري تجزيه نگار پراميد آهن. آمريڪا ۾ رهندڙ سياسي ۽ سيڪيورٽي ماهر شجاع نواز هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي اميد ظاهر ڪئي ته هي منصوبو ٻيهر بحال ٿي سگهي ٿو. سندس چوڻ هو ته ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ ڇڪتاڻ موجود هئي ۽ ايران دير سبب معاوضي جو اشارو به ڏئي رهيو هو، تنهنڪري منصوبي جي بحالي ٻنهي ملڪن لاءِ فائديمند هوندي.
پاڪستان-ايران گيس پائيپ لائين منصوبو 1990ع واري ڏهاڪي ۾ هڪ علائقائي توانائي منصوبي طور سامهون آيو، جنهن جو مقصد ايران جي وسيع گيس ذخيرن کي پاڪستان ۽ ممڪن طور ڀارت تائين پهچائڻ هو. بعد ۾ ڀارت هن منصوبي مان الڳ ٿي ويو ۽ اهو رڳو پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ ٻه طرفو منصوبو بڻجي ويو. تقريباً 2,700 ڪلوميٽر ڊگهو هي منصوبو ايران جي سائوٿ پارس گيس فيلڊ کان پاڪستان تائين گيس فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو. ايران پنهنجي سرحد اندر پائيپ لائين جو وڏو حصو مڪمل ڪري چڪو آهي، جڏهن ته پاڪستان اڃا تائين پنهنجي حصي جي تعمير شروع نه ڪري سگهيو آهي، جنهن سبب منصوبو گذريل هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ عرصي کان رڪيل آهي. هن منصوبي جي راهه ۾ سڀ کان وڏي رڪاوٽ آمريڪا طرفان ايران تي لاڳو معاشي پابنديون رهيون آهن. انهن پابندين سبب پاڪستان کي ڪيترائي ڀيرا پوئتي هٽڻو پيو، ۽ 2026ع جي شروعات ۾ حڪومت ان منصوبي کي ختم ڪرڻ يا عدالت کان ٻاهر ٺاهه ذريعي معاملو نبيرڻ تي به غور ڪيو هو.
پاڪستان کي خدشو رهيو آهي ته جيڪڏهن هو منصوبي تي اڳتي وڌندو ته آمريڪي پابندين کي منهن ڏيڻو پئجي سگهي ٿو، جنهن سان اڳ ئي دٻاءُ هيٺ آيل معيشت وڌيڪ متاثر ٿيندي. واشنگٽن پاڪستان-ايران گيس پائيپ لائين کي ايران جي توانائي شعبي سان لاڳاپيل اهڙو منصوبو سمجهي ٿو، جيڪو آمريڪي پابندين جي دائري ۾ اچي سگهي ٿو. ماضي ۾ آمريڪي عملدار اسلام آباد کي خبردار ڪري چڪا آهن ته ايران سان توانائي شعبي ۾ واپار پاڪستان لاءِ پابندين جو سبب بڻجي سگهي ٿو. انهيءَ ڪري پاڪستان، توانائي ضرورتن باوجود، آمريڪي پابندين، ممڪن مالي ڏنڊن ۽ عالمي مالي دٻاءَ سبب حتمي قدم کڻڻ کان پاسو ڪندو رهيو آهي، جنهن ڪري هي سادو توانائي منصوبو عالمي سياست جو حصو بڻجي ويو آهي. سفارتي حلقن جو خيال آهي ته جيڪڏهن ايراني صدر جي دوري دوران هن منصوبي تي ڳالهه به ٿي، ته فوري منظوري بدران ان کي فني ڳالهين يا مرحليوار مشاورت تائين محدود رکيو ويندو.
بهرحال، تازن مهينن ۾ ڪجهه اهڙيون اڳڀرايون سامهون آيون آهن، جن هن منصوبي کي ٻيهر زندهه ڪري ڇڏيو آهي. جون 2026ع ۾ رپورٽن موجب پاڪستان پنهنجي حصي جي تعمير ٻيهر شروع ڪرڻ لاءِ قدم کڻي رهيو آهي ته جيئن ملڪ ۾ وڌندڙ توانائي بحران تي ضابطو آڻي سگهجي. ان کان علاوه ايران ۽ پاڪستان وچ ۾ تازين سفارتي رابطن دوران به منصوبي کي ٻيهر فعال ڪرڻ ۽ ان تي مرحليوار عملدرآمد بابت اتفاق سامهون آيو آهي. ساڳئي وقت آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ جاري ڳالهين سبب به اها اميد پيدا ٿي آهي ته جيڪڏهن پابندين ۾ نرمي اچي ٿي ته هي منصوبو ٻيهر عملي شڪل اختيار ڪري سگهي ٿو. پاڪستان هن وقت شديد توانائي بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي، جنهن ۾ گيس جي کوٽ، مهانگيون درآمدون ۽ توانائي شعبي جو وڌندڙ گردشي قرض شامل آهن. اندازن موجب ملڪ کي هر سال گيس جي وڏي کوٽ کي منهن ڏيڻو پوي ٿو، جنهن سان صنعت ۽ بجلي جي پيداوار متاثر ٿي رهي آهي. ناڻي واري وزارت جو بنيادي مقصد پاڪستان کي عالمي ثالثي عدالت ۾ امڪاني 18 ارب ڊالر جي وڏي ڏنڊ کان بچائڻ آهي. وزارت جي عملدارن موجب موجوده معاشي حالتن ۾ ملڪ ڪنهن به وڏي مالي ڌڪ کي برداشت ڪرڻ جي قابل ناهي. ناڻي ۽ پيٽروليم ڊويزن جي عملدارن جو گڏيل موقف آهي ته پاڪستان آمريڪي پابندين جو خطرو نٿو کڻي سگهي، تنهنڪري واشنگٽن کان پابندين کان ڇوٽ (Sanctions Waiver) حاصل ڪرڻ لاءِ سفارتي ڪوششن کي تيز ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي. موجوده دوري دوران ٻنهي وزارتن جي صلاح مشوري سان پاڪستان ايران کي پائيپ لائين جي مدي ۾ واڌ، گيس جي قيمتن ۽ فراهمي جي مقدار تي نظرثاني جون تجويزون ڏنيون آهن. پاڪستان جي ڪوشش آهي ته اهڙو وچٿرو حل ڳوليو وڃي، جنهن سان ايران سان قانوني تڪرار به ختم ٿئي ۽ ملڪ جي معيشت عالمي پابندين جي اثرن کان به محفوظ رهي.
اهڙي صورتحال ۾ ايران کان سستي ۽ مستقل گيس جي فراهمي پاڪستان لاءِ انتهائي پرڪشش آپشن بڻجي ٿي. هن پائيپ لائين ذريعي هر سال اربين ڪعبي ميٽر گيس حاصل ڪري سگهجي ٿي، جيڪا صنعت، بجلي جي پيداوار ۽ گهريلو شعبي لاءِ وڏو سهارو ثابت ٿي سگهي ٿي. ان کان علاوه سامونڊي رستن تي انحصار گهٽائي زميني رستي سان گيس حاصل ڪرڻ توانائي جي تحفظ لاءِ پڻ اهم قدم هوندو، خاص ڪري اهڙي وقت جڏهن خليج جا سامونڊي رستا جغرافيائي ڇڪتاڻ جو شڪار هجن. ٻئي طرف ايران لاءِ به هي منصوبو انتهائي اهم آهي، ڇاڪاڻ ته دنيا جي وڏن گيس ذخيرن جو مالڪ هجڻ باوجود ان وٽ برآمد جا محدود موقعا موجود آهن، ۽ پاڪستان هڪ وڏي منڊي طور سامهون اچي سگهي ٿو. هن منصوبي سان ايران نه رڳو پنهنجي توانائي برآمد ڪري سگهندو، پر علائقي ۾ پنهنجو معاشي اثر رسوخ به وڌائي سگهندو. سرڪاري ذريعن موجب ايراني صدر جي دوري دوران توانائي سميت مختلف شعبن ۾ سهڪار بابت ڳالهين جو امڪان آهي، جنهن مان اندازو لڳايو پيو وڃي ته پاڪستان-ايران گيس پائيپ لائين پڻ ڳالهين جي اهم ايجنڊا ۾ شامل هوندي.
مختصر طور، پاڪستان-ايران گيس پائيپ لائين اهڙو منصوبو آهي، جيڪو هڪ طرف پاڪستان جي وڌندڙ توانائي ضرورتن ۽ ايران جي برآمدي خواهشن سبب اهم بڻيل آهي، ته ٻي طرف عالمي سياست ۽ معاشي پابندين سبب پيچيدگين جو شڪار رهيو آهي. پاڪستان جي توانائي واري وزارت جا اعليٰ عملدار ان کي توانائي بحران مان نڪرڻ لاءِ انتهائي ضروري قرار ڏين ٿا ۽ ان جي مڪمل ٿيڻ لاءِ پنهنجي عزم جو اظهار ڪن ٿا.