چون ٿا ته آرٽيفيشل انٽيلجنس کان پوءِ هيءُ جين زي جو زمانو آهي. جيڪڏهن ڪنهن به ملڪ ۾ جيڪڏهن جين زي ۽ نوجوان نسل گڏجي نڪري پون يا اٿي کڙا ٿين ته وڏو انقلاب آڻي سگهن ٿا. هيءُ “Millennials” جيان خاموش طبع ۽ سمجهوتو ڪرڻ واري نسل آهي. هي پنهنجو موقف بنا ڪنهن خوف ۽ ڊپ جي بيان ڪندو آهي. جين زي هڪ اهڙو نوجوان آهي جيڪو اڄ جي ڊجيٽل جي دور ۾ پيدا ٿي ۽ ان ئي ماحول ۾ وڌي وڏو ٿيو آهي. موبائيل فون، ليپ ٽاپ، سوشل ميڊيا، انٽرنيٽ ۽ قدرتي ذهانت ان جي زندگي جو اهم حصو آهي. انٽرنيٽ کانسواءِ سندس زندگي جو تصور ناممڪن آهي. هي نسل جي هڪ خاص خاصيت اها به آهي ته هي هر ٽاپڪ يعني هر موضوع تي بهتر نموني ۽ چالاڪيءَ سان ڳالهائيندو آهي ۽ پنهنجي موقف تي ڄمي بيهي رهندو آهي. خوف جو شڪار نه ٿيندو آهي. ۽ مصلحت پسندي کي پاڻ تي حاوي ٿيڻ نه ڏيندو آهي. اسان Millannials اڄ به پنهنجو موقف بيان ڪرڻ وقت ڪيترن ئي ڳالهين جي رخن کان غور فڪر ڪندا اهون پر جين زي ان ڳالهه کي ختم به ڪري ڇڏيندو آهي. اهو ئي سبب آهي جو هيءُ نسل سماجي مسئلن تي سڀني کان وڌيڪ سگهارو آواز اٿاريندو آهي ۽ وڏي ڳالهه ته طاقتور يعني مقتدرن مٿان تنقيد ڪرڻ کان به نه لنوائيندو آهي.
ڪجهه سالن اندر دنيا ۾ جيتريون تحريڪون هليون ۽ ان جي نتيجي ۾ جيڪي به انقلاب يا تبديليون آيون ان ۾ جين زي جو وڏو ڪردار آهي. مطلب اهي انقلاب ۽ تبديليون جين زي جي ڪري آيون. اسان جي سامهون بنگلاديش جو مثال موجود آهي. جتي نوجوانن وزيراعظم شيخ حسينا واجد جي ڊگهي اقتدار کي باهه ڏيئي ساڙي ڇڏيو ۽ راتو رات وزيراعظم شيخ حسينا واجد هيلي ڪاپٽر وسيلي خاندان سميت ڀارت فرار ٿي ويئي. ايتري قدر جو پنهنجي ذاتي استعمال جون شيون به نه کڻي سگهي. اڄ جي بنگلاديش جي نئين حڪومت ۾ نوجوانن جو هڪ وڏو حصو شامل آهي. اهي ئي نوجوان سفارتڪاري ۽ پرڏيهي پاليسين تي اثر انداز ٿيا جنهن جي نتيجي ۾ بنگلاديش نه صرف ڀارت جي اثر کان آزاد ٿيو بلڪه بنگلاديش جا پاڪستان سان لاڳاپا به بهتر کان بهتر ٿيا. جيڪي 50 سالن تائين ختم ٿيل هئا. اهو جين زي جو ڪمال آهي.
پاڪستان به جين زي کان ڪن لاٽار نه ڪري ته بهتر. جين زي نوجوان پنهنجي ڪم ڪار ۾ محو هوندي آهي. موبائيل فون، نيٽ چيٽنگ ۾ مصروف رهڻ ۽ راندين ۾ وقت گذارڻ روز مره جي مصروفيتن جو حصو آهن. پر حقيقت وري ان جي برعڪس آهي. اڄ جو نوجوان انتهائي حساس طبيعت جو مالڪ آهي. ۽ اڄ جي معاشري لاءِ درد دل به رکندڙ آهي. سوشل ميڊيا تي پنهنجي اندر جو اظهار بنا ڪنهن خوف جي ڪندو آهي. جيڪڏهن اڄ جو نوجوان ڪنهن به هڪ ڳالهه تي گڏيل متفق ٿي وڃي ته پوءِ هڪ انقلاب يا تحريڪ جنم وٺي ٿي. بدقسمتي سان اڄ پاڪستان جي اڪثر پارٽين ۾ نوجوانن جو ڪوبه ڪردار ناهي. اڪثر سياسي جماعتن ۾ پوڙها سياستدان ديرو ڄمايون ويٺا آهن. پوڙهن ۽ بزرگن سياستدانن جو تجربو اهم آهي پر نوجوانن کي به موقعو ملڻ گهرجي. جيڪڏهن نوجوانن کي موقعو ڏنو وڃي ته سياسي جماعتن جو نقشو ئي تبديل ٿي ويندو. انقلاب فرانس، انقلاب ايران، ۽ عرب بهار جهڙيون تحريڪن ۾ نوجوانن جو وڏو ڪردار رهيو آهي. نيپال، بنگلاديش، سري لنڪا ۾ نوجوانن پاران آندل انقلاب اسان جي سامهون آهن.
ڀارت ۾ تبديلي اڻ ٽر آهي ۽ جين زي وسيلي ڀارت ۾ تبديلي اچڻ واري آهي. جتي ڪافي سالن کان وٺي BJP جي حڪومت آهي. ڀارتي وزيراعظم مسلمان ۽ سک دشمن پاليسين سبب ڀارت ۾ گهرو ويڙهه وڌي رهي آهي. ڀارت جو صوبو پنجاب مودي سرڪار تي وڏو ناراض آهي. ڀارت ۾ به ڪرپشن، مهانگائي، ناانصافي جهڙا مسئلا روز بروز وڌي رهيا آهن. تازو ڀارت جي هڪ فوجي ڪرنل کي 50 لک رشوت وٺندي گرفتار ڪيو ويو آهي. تازو ڀارت جي چيف جسٽس نوجوانن کي ڪاڪروچ لفظن سان پڪاريو آهي جنهن کان پوءِ نوجوانن گڏجي ڪاڪروچ پارٽي ٺاهي ورتي آهي. اهو نوجوانن جو سپريم ڪورٽ جي جج تي ڪاوڙ جو اظهار آهي. اهو به جين زي جو نتيجو آهي. آمريڪا ۾ پڙهندڙ نوجوان اڀيجيت ڊيپڪي آن لائن ڪاڪروچ جنتا پارٽي ٺاهي ورتي آهي ۽ ٿورن ئي ڏينهن ڪروڙن جي تعداد ۾ چاهيندڙ ظاهر ٿيا آهن. ان کان پوءِ جين زي نوجوانن خرگوش نالي پارٽي به ٺاهي ورتي آهي. جنهن پڻ وڏي مقبوليت ماڻي ورتي آهي. نوجوانن ۾ مودي سرڪار خلاف نفرت وڌي رهي آهي. جين زي جي طاقت دنيا ۾ تيزي سان وڌي رهي آهي. ڀارتي نوجوانن جو چوڻ آهي ته سپريم ڪورٽ جو جج نوجوانن کي نظام تي بار سمجهي ٿو ۽ ڪيڙا ماڪوڙا سمجهي ٿو ان مان صاف ظاهر آهي ته ملڪ جي اشرافيا جو غرور ۽ عوام کان پري رهڻ جي عڪاسي ڪري ٿو.
عوام ڀارت ۾ ڪاڪروچ تحريڪ جو حصو بڻجندي معاشري مان ڪرپشن، رشوت ستاني، ناانصافي، عدالتي نظام جو سست رويو ۽ مختلف براين خلاف تيزيءَ سان سجاڳ ٿي رهيو آهي. ڪاڪروچ جنتا پارٽي به رڪنيت لاءِ هڪ عجيب ۽ دلچسپ شرط رکيا آهن اهڙا نوجوان ڪاڪروچ جنتا پارٽي جو ڪارڪن ٿي سگهي ٿو جيڪو بيروزگار هجي، سوشل ميڊيا ڄاڻيندو هجي ۽ ناانصافي خلاف بهادر ٿي آواز اٿاريندو هجي. عمر جي حد ناهي. جماعت جي منشور مطابق پڙهڻ ۽ ڳالهائڻ جي آزادي، عورتن جو سياست ۾ 50 سيڪڙو شموليت صاف شفاف اليڪشن، ميڊيا کي آزادي، فلور ڪراسنگ تي 20 سال پابندي. سرڪاري ملازم خاص ڪري عدالتي آفيسرن جي رٽائرمينٽ کان پوءِ سياست ڪرڻ تي پابندي ۽ قانون بابت معلومات ڏيڻ جهڙا شرط آهن.
ڪاش! پاڪستان جو عوام به اهڙي سوچ سان همڪنار ٿي پوي. ڪاڪروچ جنتا پارٽي جي وڌندڙ مقبوليت سبب بي جي پي ڏاڍو پريشان آهي ۽ لڳي ائين ٿو ته ايندڙ ڀارتي چونڊن ۾ ڪاڪروچ جنتا پارٽي اڪثريت سان کٽي ايندي. ڇاڪاڻ ته ڀارت جو نوجوان موجوده حڪومت کان مايوس آهي. جيڪڏهن ڀارت ۾ بنگلاديش طرز جيان ڪو انقلاب برپا ٿيو به ته ان ۾ جين زي جو وڏو ڪردار تصور ڪيو ويندو.
تازو بي جي پي ڪاڪروچ جنتا پارتي کي هڪ ڊجيٽل ڊرامو قرار ڏنو آهي. پر حقيقت اها آهي ته بي جي پي ڪاڪروچ جنتا پارٽي کان ايترو ته خوف زده ٿي رهي آهي جو ڀارت ۾ ان جي اڪائونٽن کي بند ڪرايو پيو وڃي. سوال اهو ٿو ذهنن ۾ اڀري ته صرف اڪائونٽن بند ڪرائڻ سان جين زي کي ڪا بريڪ لڳي سگهندي؟ يا جيڪڏهن اهڙي پابندي لڳڻ سان جين ي سان وابسته نوجوان روڊن تي نڪري سگهي ٿو جيڪڏهن روڊن تي نڪري ته ان کي ڪير روڪي سگهندو؟ جنهن جو اسان وٽ جواب ناڪاري ۾ آهي. ڪاڪروچ جنتا پارٽي کي بين ڪرڻ لاءِ متبادل پارٽي ٺاهي ورتي آهي جنهن جو نالو ڪاڪروچ از بيڪ جو نالو ڏنو ويو آهي. يعني ڪاڪروچ جنتا پارٽي جلد واپس اچي رهي آهي. سوشل ميڊيا تي سندس حمايتن جو تعداد هڪ ڪروڙ کان مٿي آهي ۽ چاهيندڙن ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي. پارٽي اڳواڻ ڀيجت آمريڪا ۾ آهي. پر ان جي خاندان کي هراسان ڪيو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته ڀارتي حڪومت خوف زده ٿي وئي آهي. ۽ ان کي بي جي پي جي وائڙپ سڏيو وڃي ٿو. ڀارت سپريم ڪورٽ جي جج نوجوانن کان معافي گهري ورتي آهي ۽ پنهنجا چيل لفظ واپس ورتا آهن. هن وقت ڀارت جو چيف جسٽس به پريشان آهي ته ڪٿي ڪاڪروچ جنتا پارٽي عوام ۾ مقبوليت ماڻيندي سندس جو به گهيرو نه تنگ ڪري ڇڏي. سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس خلاف نوجوانن جي ڪاوڙ گهٽ ٿيڻ بجاءِ وڌي رهي آهي. ڪنهن به ڳالهه ۾ ميڊيا جو وڏو ڪردار آهي. جيڪڏهن ميڊيا سجاڳ نه هجي ها ته سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جا چيل لفظ عوام آڏو ڪيئن اچن ها. پاڪستان کي به نوجوانن جي جذبن کي نظر انداز نه ڪرڻ گهرجي. نوجوانن کي حقير نه سمجهڻ گهرجي.
هن وقت پاڪستان ۾ به ڪروڙين جين زي موجود آهن. حڪمرانن کي انهن نوجوانن جي ڳالهه سنجيدگي سان ٻڌڻي پوندي ۽ نوجوانن کي هڪ جيترا انصاف ڀريا موقعا ڏيئڻا پوندا. جيڪڏهن پاڪستان ۾ نوجوانن کي نظر انداز ڪيو ويو ته پوءِ مايوسيءَ ۾ اضافو ٿيندو ۽ پوءِ جين زي جاڳي پوندي ۽ جڏهن جين زي جاڳي پئي ته حڪمرانن کي ملڪ مان فرار ٿيڻ جو وقت به هٿن مان کسڪي ويندو. پاڪستان جو نوجوان مهانگائي، بيروزگاري، ناانصافي مهانگي تعليم، صحت جون اڻ پوريون سهولتون ۽ بين بنيادي سهولتن کان مايوس ۽ محروم آهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته پاڪستان جي نوجوانن جا سڀ بنيادي مسئلا حل ڪرڻا پوندا. جيڪڏهن پاڪستان جو نوجوان مايوس ٿيو ته پوءِ پاڪستان ۾ به جين زي ذريعي انقلاب کي ڪير به روڪي ڪونه سگهندو. سو دنيا ۾ جين زي جو وڏو ڪردار آهي ۽ نوجوان هر وقت پاڻ کي جين زي ذريعي سجاڳ رکيون ويٺو آهي. ان ڪري پاڪستان جا حڪمران جين زي کي نظر انداز نه ڪن. جيڪڏهن انقلاب جي چڻنگ اٿي پئي ته پوءِ ڪوبه روڪي نه سگهندو. پوءِ اهو انقلاب ڪک پن ساڙيندو.