اسلام آباد (ويب ڊيسڪ)صدر آصف علي زرداري ۽ ايراني هم منصب مسعود پزشڪيان ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ خطي ۾ امن ۽ استحڪام جي فروغ لاءِ گڏيل عزم جو اظهار ڪيو آهي.
ايوانِ صدر ۾ ٿيل ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ لاڳاپن، علائقائي امن ۽ سلامتي، رابطن، واپاري ۽ اقتصادي سهڪار سميت گڏيل دلچسپي جي ٻين معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ايراني صدر سان گڏ پرڏيهي وزير عباس عراقچي، صدارتي آفيس جي چيف محسن حاجي ميرزائي، گهرو وزير اسڪندر مومني، سياسي معاملن بابت سربراهه سعيد عباس موسوي ۽ پاڪستان ۾ ايران جو سفير رضا اميري مقدم پڻ موجود هئا.
پاڪستان طرفان نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، بلاول ڀٽو زرداري، گهرو وزير محسن نقوي، مملڪتي وزير طلال چوڌري، سينيٽ چيف وهپ سليم مانڊوي والا ۽ ڊاڪٽر عاصم حسين اجلاس ۾ شرڪت ڪئي.
صدر آصف علي زرداري ايراني صدر جي تازي سرڪاري دوري جو آڌرڀاءُ ڪندي چيو ته هي دورو ٻنهي ملڪن جي تاريخي ڀائراڻن لاڳاپن ۽ ڏکين وقتن ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيهڻ واري جذبي جي عڪاسي ڪري ٿو.
هن اسلام آباد ۾ ٿيل مفاهمتي يادداشت (ايم او يو) کي ساراهيندي اميد ظاهر ڪئي ته جاري فني سطح جي ڳالهين سان خطي ۾ پائيدار امن جو دڳ کلندو.
صدر زرداري ايران جي امن، استحڪام، قومي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت لاءِ پاڪستان جي اصولي حمايت جو عزم ورجائيندي چيو ته پاڪستان هڪ طرفن قدمن جي مخالفت ڪري ٿو ۽ علائقائي توڙي عالمي مسئلن جي حل لاءِ ڳالهين ۽ سفارتڪاري کي ئي بهترين رستو سمجهي ٿو.
هن مسلم دنيا جي اتحاد تي به زور ڏنو ۽ نار وارن ملڪن سان مضبوط ڀائراڻا لاڳاپا برقرار رکڻ جي عزم جو اظهار ڪيو.
ايراني صدر مسعود پزشڪيان خطي ۾ امن ۽ ڳالهين جي فروغ لاءِ پاڪستان جي هاڪاري ڪردار کي ساراهيندي ڏکين حالتن ۾ پاڪستان جي حمايت تي ٿورا مڃيا.
سندس چوڻ هو ته ايران پاڪستان سان لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏئي ٿو ۽ سياسي، اقتصادي، سيڪيورٽي ۽ علائقائي شعبن ۾ سهڪار کي وڌيڪ هٿي ڏيڻ چاهي ٿو.
صدر آصف علي زرداري سان ايراني هم منصب جي ملاقات، ڏکين حالتن ۾ حمايت ڪرڻ تي پاڪستان جا ٿورائتا آهيون: مسعود پزشڪيان
You might also like