يونان جي فلسفي تي ول ڊيورانٽ جي ڪتاب جو ترجمو شاهه سچل جي شارح عثمان علي انصاري ڪيو هو. اهو ۽ ٻيا متعلقه دستاويز اڻلڀ آهن. البته سنڌي ادبي بورڊ طرفان ڇپيل ”فلسفي جي ڪهاڻي“ نالي ڪتاب ملي سگھي ٿو ۽ آن لائن به پڙهي سگھجي ٿو. اهو ترجمو اڪرم انصاريءَ ڪيو، سنوار سڌار جي محنت راشد دائود پوٽي ۽ ايڊٽنگ جي محنت عبد الحفيظ قريشي ڪئي پر ان ڪتاب ۾ جديد مارڪسي فلسفي وارو ڀاڱو شامل ڪونهي. رشيد ڀٽيءَ جو ”سچ جو فلسفو“، جويي صاحب جو ترجمو ڪيل ”فلسفي جو ابتدائي ڪورس“، ڊاڪٽر سڪندر مغل جو ”ڏاهپ جو اڀياس“ ۽ جوسٽين گل رڊن جو ”صوفيءَ جي دنيا“، اڪبر لغاري جو ”فلسفي جي مختصر تاريخ“ ۽ حيدر علي لغاريءَ جي ”اندر مُلهه اَملهه“ کان علاوه روشني پبليڪيشن طرفان به فلسفي تي ڪتاب ڇپيا آهن.
انهن مان هڪ 2021ع ۾ ڇپيل ڪتاب ”فلسفي جي تاريخ“ نويد سنديلي جو دانشوراڻو پورهيو آهي. نويد سنديلي جي پهرئين مراد شعري مجموعو ”رابيل رت مايانگر“ هو جيڪو نئون نياپو پاران شايع ٿيو. 2004ع ڌاري انگريزي ڪتاب ”دي وِنگس آف وزڊم“ The Wings of Wisdom ڇپيس ۽ 2015ع ۾ ٽماهي مهراڻ جي شماري ۾ م ”يوناني مذهب، ڏند ڪٿا، ادب ۽ شاعريءَ جو عروج“ جي عنوان سان مقالو ڇپيس. هيءُ مقالو پڙهڻ سان خيال آيو ته جيڪر ڪن واڌارن سان ڪتابي شڪل ۾ ڇپجي ته جيڪر سنڌي ۾ هڪ اهم دستاويز جو اضافو ٿي پئي. ساڻس ذڪر ٿيو ته ٻڌايائين، ”ڪتاب ڇپائيءَ هيٺ آهي.“ ڪتاب لکڻ ته ڏکيو آهي پر جي اهو ڇپجي پڌرو ٿئي، تهائين ڏکيو ۽ وري سٺو ڇپجي سو ته خواب آهي. نيٺ خواب پورو ٿيس ۽ ڪتاب تبصري هيٺ به اچي ويو. ”فلسفي جي تاريخ“ ۾ واقعن، شخصيتن، نظرين جي تاريخوار تذڪري سان گڏ تحقيقي ۽ تنقيدي جائزو ورتل ۽ ليکڪ جي پنهنجي راءِ به ڏنل آهي. ساڻس ڪير سهمت ٿئي ٿو، ڪير اختلاف ڪري ٿو، اهو اختيار پڙهندڙن کي ڏئي ٿو. ليکڪ چوي ٿو ته ،
”مون موتين جي موهه ۾ سپون ۽ ڪوڏ ڪٺا ڪرڻ جي ننڍڙي ڪوشش ڪئي آهي، اميد ته ثاب ويندي. هي سوچون سرجيندي عمر جون ايڪويهه بهارون گذريون آهن. انهن ۾ خواب، ارمان، اُڌما ۽ اکين جا اوجاڳا شامل آهن. همٿ ۽ حوصلي سان توڙ تائين پهچائڻ ۾ ڪيترو نڀاءُ ڪيو آهي، اهو اوهان تي ڇڏيل آهي. هنن سوچن سان اوهين ڪيترو سهمت ٿيو ٿا ۽ انهن ويچارن مان ڪيئن ٿا معنيٰ جا موتي چونڊيو، اهو به اوهان تي ڇڏيان ٿو،” انسان سوچي ٿو ۽ اهو سوچڻ جو ڦل آهي جو نت نئين آسانين جا انبار لڳي ويا. سوچڻ جو نتيجو ذهن جي پيداوار آهي ۽ ذهن مادي حيثيت رکي ٿو. ذهانت هجي يا ڏاهپ، آتما هجي يا قلب سليم، سڀ ذهن جون فيڪلٽيون آهن. ذهن حاڪم آهي، حواسن تي حڪم هلائي ٿو، سمورا لڱ ڪارندا اٿس. شخصي ذهن ڪائناتي ذهن جي تابع رهي ٿو ۽ سڀئي مليل صلاحيتون استعمال ڪري ٿو. ذهن آهي ته انسان آهي، انسان آهي ته انسانيت آهي، انسانيت آهي ته آبرو ۽ آدر به آهي. پروٽاگورس جي لفظن ۾ ته ”سمورين شين جو پيمانو انسان آهي.“ هن پنهنجي بيان جي شرح ڪندي چيو ته ”جيڪو مون کي سچو لڳي ٿو مون لاءِ سچو آهي ۽ جيڪو اوهان کي سچو لڳي ٿو اوهان لاءِ سچو آهي.“ مت جي مهانتا اها آهي ته متلاشيءَ کي اڻڄاڻائيءَ جي اوندهه مان ڪڍي روشنيءَ ۾ آڻي بيهارڻ آهي. هُو ڏسي ٿي يا اکيون بند ڪري ڇڏي ٿو، اهو فيصلو سندس آهي.
نويد ڪتاب ۾ افلاطون جي مشهور لفظن جو حوالو ڏيندي چوي ٿو ته ”اسين سولائيءَ سان ان ٻار کي معاف ڪري سگھون ٿا جيڪو اوندهه کان ڊڄي ٿو پر زندگيءَ جو حقيقي الميو تڏهن آهي جڏهن وڏا روشنيءَ کان ڊڄن.“ منطق، رياضي ۽ فلسفي جا مضمون پڙهندڙ کان به صلاحيت ۽ ذهن جو ٻيڪڙيل در کولڻ جي تقاضا ڪن ٿا، ان ڪري اڪثر آسانين جا هيراڪ ڏکيو ۽ خشڪ مضمون چئي فلسفي جي ويجھو اچڻ کان لنوائيندا آهن. ان ڏس ۾ قديم يونان جا باشندا منفرد سڀاءَ وارا هئا. يوناني قوم کي جهڙوڪ فطرت طرفان خاص طبيعت، جاگرافيائي حيثيت، تاريخي، مذهبي، اخلاقي، سياسي ۽ فني ارتقا جا فائدا پلئه پيا. انهن سببن گڏجي اهڙو رخ اختيار ڪيو جيڪو فلسفيانه تحقيق جو محرڪ بڻيو. ”فلسفي جي تاريخ“ مطابق ته ٻيون به تهذيبون آھن پر اهي عمل جي طاقت، جماليات جو ذوق ۽ علم جي طلب سان ايترا وابسته نه هئا جيتري قدر يوناني هئا. قديم يونان جا فيلسوف، شاعر، ناٽڪ نويس، آرٽسٽ علم جا شيدائي هئا ۽ ايتريقدر جو ڏاهپ، دليري، حرفت ۽ انصاف جهڙن ورنن جو بڻ بنياد علم کي سمجھندا هئا. ”علم جو نظريو“ متعارف ڪيائون ۽ ان جا ٿنڀا ۽ ٿوڻيون ماپ ۽ منطق جي علم ”جاميٽري“ کي قرار ڏنو ويو. هنن علم جي اڃ اُجھائڻ خاطر وڏا ڪشٽ ڪاٽيا، ڪائنات جي ذري ذري تي ويچاريو ۽ منجھائن نتيجا ڪڍڻ لاءِ هنر ۽ اوزار ايجاد ڪيا ۽ آخرڪار فطرت کي تسخير ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿي ڏيکاريو. اهو علم جي اُتمتا جو آفاقي اثر هو جنهن يورپ، ايشيا ۽ آفريڪا جي ٽن کنڊن ۾ شعور جون شمعون روشن ڪيون. يوناني ۽ رومي پنهنجن سلطنتن جو دائرو مصر ۽ بابل جي صحرائن تائين وسيع ڪري چڪا هئا انهن جون شاهديون شام / آشوريا جي آس پاس کنڊرن مان ملن ٿيون. پيٿاگورس جاميٽريءَ جي سکيا لاءِ مصرين ۽ سميرين وٽ ڪهي آيو. نويد ساموس ڄائي پيٿاگورس جو احوال ايڏو ته جاذب نموني قلمبند ڪيو آهي جهڙوڪ مان سندس اڪيڊمي ۾ پڙهڻ ويٺو هجان. هي پاڻ امير گھراڻي مان هو ۽ سندس شاگرد به امير گھراڻن هئا. شاگردن سان گڏ شاگردياڻيون به کائنس پڙهنديون هيون. هن اوائلي نوعيت جي اشتراڪيت جو تجربو ڪيو هو. پيٿاگورس جي نظرئي تحت ‘ڪائنات جو راز عددن ۾ پوشيدا آهي. آواگون جي جوڻ مٽ ۾ به ويساهه رکندو هو. هن شيءَ کي ٻٽن ضدن جو انضمام ۽ ادغام ڄاڻايو، سچ جي دعوا ۾ رد دعوا جي امڪان کان انڪار نه ڪيو، ضد گڏجي برابري آڻين ٿا ۽ برابري ئي مساوات ڪوٺيو.’ هن چاڪ کنيو ۽ بورڊ تي ٽٻڪا ڪڍيا، ٽٻڪن کي ملايو ته لڪير ٺهي پئي. ان لڪير کي ٻي لڪير سان ۽ ٻئي کي ٽئين لڪير سان جوڙي هڪ ٽڪنڊو ٺاهيو. ٽڪنڊي جي هڪ ڪنڊ 90 درجن جي هئڻ ڪري گوني ڪنڊ وارو ٽڪنڊو سڏيو ۽ فارمولو لکي B اسڪوائر جوڙ P اسڪوائر سان اُپت H اسڪوائر ملندي. اهو گُنيان جو قانون 3 4 5 جي عددن سان به سڃاڻجي ٿو. اسڪول ۾ جن جاميٽري پڙهي هوندي ته کين گوني ڪنڊ وارو ٿيرم ياد آيو ايندو. هي ٽڪنڊي جو قانون پئٿاگورس جي نالي مشهور آهي. جاميٽريءَ ۾ ٽڪنڊي جي علم کي الڳ سان ‘ٽرگناميٽري‘ جو نالو ڏنو ويو. ان علم جي عملي استعمال جا شاهڪار مصر جا اهرام آهن. قبل مسيح دور ۾ جڏهن اڃا مشينون ايجاد نه ٿيون هيون، هزارين ٽن پٿر جي تراش خراش، لوڊنگ ۽ اَن لوڊنگ کي يقيني بڻائڻ ڪنهن معجزي کان گھٽ ڪارنامو نه هو. مطلب ته مصري ۽ سميري پهريون ئي واقف هئا. پيٿاگورس به جاميٽري سکڻ لاءِ مصر ۽ بابل ويو. هندستان سميت دنيا جي ستاويهه ديسن ۾ جاميٽريءَ جي سکيا ورتي هئي.
نويد سنديلو لکي ٿو ته؛ ”رياضيءَ جي مطالعي پيٿاگورس ۽ سندس شاگردن کي ان ڳالهه جي پڪ ڏياري ته رياضي عددن جو علم آهي ۽ رياضيءَ جا سمورا علم پڻ آخرڪار عددن ۾ سموهجي وڃن ٿا.“ ارسطو چوي ٿو ته ”پيٿاگورس جو خيال ھو ته، هوا ۽ پاڻي جهڙن عنصرن جي بدران سمورين شين جا اصول عدد هئا.“ نويد پئٿاگورس جي نظريي جو بعد جي فڪرن تي اثر ھجڻ جي حوالي سان پنھنجي دليلن کي وڌيڪ سگهارو بڻائيندي مشھور فلسفي برٽرينڊ رسل جو حوالو ڏيندي چوي ٿو ته، ”عقليت پسند پيٿاگورس جي وقت کان ئي رياضيءَ جي اثر ۾ رهيا آهن. افلاطون خدا کي جاميٽريءَ جو ماهر چيو آهي ۽ جيمز جينس ان کي رياضيءَ جو عالم سمجهيو آهي. رياضي ۽ دينيات جو ميلاپ جيڪو پيٿاگورس کان شروع ٿيو هو اهو يونان جي مذهبي فلسفي، وچين دور جي فلسفي ۽ جديد دور ۾ ڪانٽ سان وڃي ملي ٿو. آرفيت/ عارفيت پيٿاگورس کان اڳ ايشيا جي تصوفي مذهن وانگي هئي پر افلاطون ولي آگسٽائن، ٿامس اڪئيناس، ڊيڪارٽ، اسپينوزا ۽ لائبنٽز جي نظرين ۾ مذهب ۽ عقل هڪٻئي سان گڏجي سڏجي ويا آهن جيڪا آرفي( عارفي) مت جي قديم روايت آهي. ڇاڪاڻ ته جنهن شيءِ کي افلاطونيت چئجي ٿو ان جو تجزيو ڪيو وڃي ته پيٿاگوريت نڪرندو.“ يونيورسٽين ۾ نوجوان اسڪالرن جي اچڻ سبب فلسفي، تنقيد، تحقيق جا نت نوان باب کلي پيا. روشن خياليءَ جون نيون ڏياٽيون ٻاري جوت جلائڻ جو ذمو تازا دم ۽ اميد پرست ليکڪن پنهنجي هٿ ۾ کنيو. نويد سنديلو نون اسڪالرن ۽ ليکڪن جي سٿ ۾ سونهي ٿو. صلاحيت پيدائشي به آهي، پر اها سڃاڻڻ لاءِ خود کي اهل ثابت ڪرڻو پئي ٿو.
ان ڏسا ۾ پهريون مڪتب گھر آهي ۽ نويد خوشنصيب آهي جو شخصيت جي اوسر لاءِ گھربل حالتن جو سهڪار ۽ سهائتا مليس. هن قربان سنديلي صاحب جي گھر ۾ اک کولي جيڪو پاڻ به روشن خيال، ڪهاڻيڪار ۽ عالمي ادب جو ڄاڻو ۽ ذميداري جي احساس سان ڀرپور شخصيت هو. نويد سنديلي مئٽرڪ ڏوڪري حيدر بخش جتوئي گورنمينٽ اسڪول ۽ انٽر حيدر بخش جتوئي سائنس ڪاليج مان ڪئي. فلسفي ۾ بي اي آنرس ۽ ماسٽرس سنڌ يونيورسٽي مان ڪئي. هن جي 25 سالن جي ڪيريئر ۾ 11 سال آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس ۾ سنڌي سيڪشن جو ايڊيٽر رهيو ۽ 14 سالن کان سنڌ يونيورسٽي ڄامشوري ۾ فلسفي جي شعبي ۾ استاد آهي ۽ لاهور جي هڪ يونيورسٽي مان ”شاھ عبداللطيف ڀٽائي جي فڪر ۾ وجودي لاڙا“ جي عنوان هيٺ انگريزيءَ ۾ تحقيقي مقالو لکي ايم فل جي سند ورتائين. هينئر ڪراچي يونيورسٽي جي فلسفي شعبي ۾ پي.ايڇ .ڊي پڻ ڪري رهيو آهي. ”سچ پچ ته آئون فلسفي ناهيان، پر فلسفي جو عاشق ضرور آهيان. فلسفي جي دنيا ۾ داخل ٿيڻ کان اڳ منهنجي نگاهه اڻڄاڻائيءَ جي ڌنڌ سان وڪوڙيل هئي ۽ فلسفي جي پهرين ڪرڻن منهنجن اکين کي جوت ڏني ته ‘شيون جيئن آهن انهن کي اُئين ئي ڏسي سگھان.’“