گمبٽ ۾ ويگو گاڏي موٽرسائيڪل سوارن کي چيڀاٽي ڇڏيو، 5 ڄڻا فوت

گمبٽ (رپورٽ:خير محمد ڄامڙو) گمبٽ جي قومي شاهراهه تي تيز رفتار ويگو ۽ موٽر سائيڪل وچ ۾ خوفناڪ ٽڪر، عورتن ۽ ٻارن سميت پنج ڄڻا اجل جو شڪار ٿي ويا،  پوليس جو چوڻ هو ته قومي شاهراهه تي تيز رفتار ويگو موٽر سائيڪل سوارن مٿان چڙهي وئي، نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارن سميت پنج ڄڻا فوت ٿي ويا، فوتين جي لاشن کي گمس اسپتال گمبٽ منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب فوت ٿيلن ۾ سڪندر جوڳي، فدا حسين ۽ ٻيا شامل آهن، سڃاڻپ جو عمل جاري آهي، ذريعن موجب ويگو گاڏي جي مالڪن کي گمبٽ پوليس تحويل ۾ وٺي ٿاڻي منتقل ڪري ڇڏيو، حادثي سبب علائقي ۾ سوڳ جي لهر پکڙجي وئي، فوتين جا وارث پهتا، واقعي واري هنڌ فوتين جي وارثن ۾ روڄ راڙو مچي ويو.

 

You might also like