جيڪب آباد (ڊ ر)ڳڙھي حسن لڳ پئسن جو ضامن نه پوڻ تي جوابدار پنھنجي وڏي ڀاءُ کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، ڳوٺ بھادر پور ۾ جوابدار حضور بخش بگٽي پئسن جو ضامن نه پوڻ تي پنھنجي وڏي ڀاءُ احمد بخش بگٽي کي پسٽل جا فائر ڪري قتل ڪري ڇڏيو، واقعي بعد جوابدار بلوچستان فرار ٿي ويو، دلمراد ٿاڻي جي پوليس پھچي مقتول جو لاش سول اسپتال جيڪب آباد مان پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو، پوليس موجب حضور بخش بگٽيبلوچستان جي شھر سئي کان پورهيو ڪرڻ ڳوٺ بھادر پور ۾ آيو ۽ مامن وٽ رھندو ھو احمد علي بگٽي بلوچستان کان ڀاءُ سان ملڻ آيو ته پئسن جو ضامن نه پوڻ تي ننڍي ڀاءُ کيس قتل ڪري ڇڏيو، وڌيڪ جاچ ڪيون پيا.