ايران ۾ سڀ ڪجهه تباهه ڪري ڇڏيو آهي:ٽرمپ

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته دنيا جي سڀ کان طاقتور فوج آمريڪا وٽ آهي، ۽ آمريڪا ايران ۾ سڀ ڪجهه ختم ڪري ڇڏيو آهي،  صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته هن چين جو به شڪريو ادا ڪيو آهي ڇو ته چين ايران واري معاملي ۾ مداخلت نه ڪئي، جڏهن ته چين جي توانائي جي ضرورتن جو وڏو حصو هرمز آبنائي ذريعي ايندڙ تيل تي دارومدار رکي ٿو.ٽرمپ موجب هن چين کي چيو هو ته ايران واري معاملي ۾ شامل نه ٿئي، آمريڪا جلد ئي تيل جون قيمتون هيٺ آڻيندو، هن چيو ته  ته ايران فوجي لحاظ کان مڪمل طور تي شڪست کائي چڪو آهي.ڊيموڪريٽس کي سمجهڻ گهرجي ته ايران خلاف جنگ ۾ آمريڪا ڪيتري وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.

لبناني سرزمين تي قبضي جي ڪوشش جو مقابلو ڪنداسين:حزب الله

بيروت(عوامي آواز نيوز) لبناني مزاحمتي تنظيم حزب الله چيو آهي ته هو جنگبندي تي قائم آهي، پر لبناني سرزمين تي اسرائيل جي  ڪنهن به قبضي جي ڪوشش جو سخت مقابلو ڪيو ويندو.حزب الله موجب گذريل رات ڏکڻ لبنان ۾ اڳڀرائي ڪندڙ اسرائيلي فوج کي نشانو بڻايو ويو.تنظيم جو چوڻ آهي ته هن جمعي جي شام کان جنگبندي جي مڪمل پيروي ڪئي آهي، جڏهن ته اسرائيل جنگبندي جي شروعاتي گهڙين کان ئي ان جي ڀڃڪڙي شروع ڪري ڇڏي هئي.حزب الله وڌيڪ چيو ته هو مڪمل طور تي هوشيار آهي ۽ جواب ڏيڻ لاءِ تيار آهي، ڇو ته دشمن (اسرائيل) جي تاريخ دوکي ۽ واعدن جي ڀڃڪڙي سان ڀرپور آهي.

جنگ بندي باوجود لبنان تي اسرائيلي حملا جاري، 16 ڄڻا شهيد

بيروت(عوامي آواز نيوز) حزب الله سان جنگبندي جي اعلان باوجود لبنان تي اسرائيلي حملا جاري آهن، جن ۾ اڄ ٿيل تازي حملن  دوران ٻارن سميت گهٽ ۾ گهٽ 16 ماڻهو شهيد ٿي ويا آهن.لبناني سول ڊفينس موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران اسرائيلي حملن ۾ مجموعي طور 28 ماڻهو شهيد ٿيا آهن.عرب ميڊيا رپورٽن مطابق اسرائيلي فضائيه نبطية، جزين ۽ صور سميت مختلف علائقن کي نشانو بڻايو، جنهن دوران ڪيترين رهائشي عمارتن کي به تباهه ڪيو ويو. ڪيترن ماڻهن جي ملبي هيٺ دٻيل هجڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.

اسرائيلي حڪومت يا نيتن ياهو تي تنقيد ڪرڻ يهود دشمني ناهي:جي ڊي وينس

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز) آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس اسرائيل جي حمايتي حلقن جي روايتي موقف کي رد ڪندي چيو آهي ته اسرائيلي حڪومت يا وزيراعظم  بنيامين نيتن ياهو تي تنقيد ڪرڻ کي يهود دشمني قرار نٿو ڏئي سگهجي.هڪ انٽرويو دوران جي ڊي وينس چيو ته اسرائيل جا حمايتي حلقا اڪثر اها غلطي ڪندا آهن ته اسرائيلي حڪومت تي هر تنقيد کي يهود دشمني سان ملائي ڇڏيندا آهن، جڏهن ته اسرائيلي وزيراعظم جي پاليسين تي تنقيد ڪرڻ يهود دشمني نه آهي.هن وڌيڪ چيو ته اهي حلقا آمريڪا ۽ اسرائيل جي مفادن ۾ به فرق نٿا ڪن، جڏهن ته ٻنهي ملڪن جا مفاد هميشه هڪجهڙا نه هوندا آهن ۽ انهن کي الڳ الڳ ڏسڻ گهرجي. ايران سان ڳالهين لاءِ شيون ٺيڪ ڪيون پيون وڃن،ايران سان ڳالهين جي سلسلي ۾ منهنجو سوئٽزرلينڊ جو دورو ٿي سگهي ٿو

 

You might also like