گهوٽڪي (عوامي آواز نيوز) ميرپور ماٿيلي ۾ هٿياربندن هٿان شهيد ڪيل صحافي نصر الله گڏاڻي جي وارثن وٽ راڄوڻي لاءِ ميڙ منٿ قافلو پهتو، ذريعن موجب خالد لنڊ طرفان شهريار شر ۽ بادشاهه گڏاڻي شهيد جي وارثن وٽ پهتا، شهيد نصر الله گڏاڻي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي ميڙ منٿ قافلي ۾ شامل ماڻهن کي چيو ته پهريان خالد لنڊ قتل جو اقرار ڪري پوءِ فيصلي جو سوچينداسين، صحافي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي جي بيان تي سوشل ميڊيا تي واهپيدارن جو چوڻ هو ته ميڙ منٿ قافلو اچڻ ئي قتل جو اعتراف آهي، واهپيدارن چيو ته شهيد نصرالله گڏاڻي جا وارث قاتلن کي معاف نه ڪندا ۽ شهيد جي قاتلن کي ڪنهن به صورت ۾ معاف نه ڪيو وڃي.