ڪي اين شاهه (پ ر)سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙن، عورتن جي قتلِ عام، ڪارو ڪاري، بدامني، امڪاني 28هين آئيني ترميم ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ ڪاڇي تي قبضي خلاف عوامي تحريڪ طرفان ڪي اين شاهه ۾ ڪميونٽي سينٽر کان احتجاجي ريلي ڪڍي پريس ڪلب آڏو مظاهرو ڪيو ويو. ريلي جي اڳواڻي ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، ماهه نور ملاح، ايڊووڪيٽ نجيب الرحمٰن مهيسر ،ڪاشف ملاح، عبدال هادي کونهارو، داد محمد مگسي، وڪيل امتياز مهيسر، شبير احمد کوسو، رستم سرگاڻي، شاهزيب کوسو، ذوالقرنين کوسو، يعقوب کوسو، عبدالرسول کونهارو، جمن کوسو، بخت حسين ٻرڙو، صابر علي چانڊيو، ديدار علي گاڏهي، ذاڪر علي چانڊيو، غلام صديق سومرو، منظور کوسو ۽ ٻين اڳواڻن ڪئي.مظاهري ۾ مطالبو ڪيو ويو ته ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ ڪاڇي تي قبضي جي سازش ختم ڪئي وڃي، ڪاڇي جي زمين ڪارپوريٽ فارمنگ لاءِ غيرملڪي ڪمپنين بدران مقامي هارين کي ڏني وڃي. پريا ڪماري ۽ اجالا پروين سميت سمورن مغوين کي بازياب ڪيو وڃي. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ ۾ پاڻي جي شديد کوٽ ڪا قدرتي آفت نه پر پنجاب جي حڪمرانن ۽ وفاقي ادارن جي نااهلي ۽ جانبدار پاليسين جو نتيجو آهي.