ورلڊ چيمپيئن ڀارتي ٽيم جپان آڏو بيوس، عالمي خواري کان بچي وئي

سانو (ويب ڊيسڪ(ڀارت واحد ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ سخت کانپوءِ ميزبان جپان کي 2 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي.
مينهن سبب متاثر ميچ کي 5،5 اوورز في اننگز تائين محدود ڪيو ويو.
ڀارتي ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 5 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 32 رنسون ٺاهيون.
ڪپتان شرياس اَئيَر 12 بالن تي 16 رنسون ٺاهي ٽاپ اسڪورر رهيو، جڏهن ته سنجو سيمسن 9 ۽ ايشان ڪشن 3 رنسون ٺاهيون.
ڀارت جي 33 رنسن جي هدف جي جواب ۾ جپاني ٽيم مقرر 5 اوورن ۾ 3 وڪيٽن جي نقصان تي 30 رنسون ٺاهي سگهي.
جپان طرفان ڪپتان ڪينڊل ڪادوواڪي فليمنگ 12 ۽ بينجمن اِٽو ڊيوس 9 رنسن سان ناٽ آئوٽ رهيا.
ڀارت جي واشنگٽن سندر شاندار بالنگ ڪندي 2 اوورن ۾ 13 رنسون ڏئي 2 وڪيٽون ورتيون.
بهترين ڪارڪردگي تي شرياس اَئيَر کي پليئر آف دي ميچ قرار ڏنو ويو.

You might also like