ايشين گيمز ۾ ڀارتي ايٿليٽ سوچيڪا تاريال کي سنگاپور جي ايٿليٽ هٿان شڪست کانپوءِ مقابلي جي فيصلي تي احتجاج ڪرڻ تي تنقيد کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
ايشين گيمز ۾ 60 ڪلوگرام ڪيٽيگري جي ايم ايم اي سيمي فائنل ۾ سوچيڪا تاريال ۽ سنگاپور جي هوي هون وچ ۾ مقابلو مقرر وقت تائين برابر رهيو، جنهن کانپوءِ ڀارتي ڌر ججن جي فيصلي کي چئلينج ڪيو.
ريويو کانپوءِ به ججن پنهنجو فيصلو برقرار رکيو.
رپورٽ موجب، ڀارتي ايٿليٽ جو وزن مقرر حد کان 700 گرام وڌيڪ هئڻ سبب کيس شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
راندين جي ضابطن موجب، مقابلو برابر رهڻ جي صورت ۾ گهٽ وزن واري ايٿليٽ کي فاتح قرار ڏنو ويندو آهي.
شڪست کانپوءِ سوچيڪا تاريال حريف ايٿليٽ ۽ ريفري سان هٿ ملائڻ کان به انڪار ڪيو ۽ فيصلي خلاف احتجاج ڪيو.
ايشين گيمز ۾ شڪست کانپوءِ ڀارتي ايٿليٽ جو احتجاج، سوچيڪا تاريال مخالف رانديگر ۽ ريفري سان هٿ نه ملايو
You might also like