ايشين گيمز: پاڪستان وومينز بنگلاديش کي 31 رنسن تان هارائي پتل جو ٻِلو کٽي ورتو

نِشين)ويب ڊيسڪ) ايشين گيمز جي ڪرڪيٽ مقابلن ۾ ٽئين پوزيشن لاءِ پاڪستان وومينز بنگلاديش وومينز کي 31 رنسن تان شڪست ڏئي پتل جو ٻِلو پنهنجي نالي ڪري ورتو.
جپان جي شهر نِشين ۾ کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان وومينز ٽيم پهريان بيٽنگ ڪندي 8 وڪيٽن جي نقصان تي 145 رنسون ٺاهيون، ڪپتان فاطمه ثنا 45 رنسن سان ٽاپ اسڪورر رهي.
جواب ۾ بنگلاديش وومينز ٽيم مقرر اوورن ۾ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 114 رنسون ٺاهي سگهي، پاڪستان طرفان اُمِ هاني شاندار بالنگ ڪندي 3 وڪيٽون ورتيون.
ياد رهي ته ايشين گيمز جي وومينز ڪرڪيٽ مقابلي جي فائنل ۾ ڀارت سريلنڪا کي شڪست ڏئي گولڊ ميڊل کٽي ورتو آهي.

You might also like