اسلام آباد(بيورو) پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي قومي اسيمبلي ميمبر عامر ڊوگر پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي تي حڪومت جي ڪوششن کي ساراهيندي چيو آهي ته عوام کي وڌيڪ رليف ڏيڻ لاءِ پيٽروليم ليوي ۾ به گهٽتائي آڻڻ گهرجي.قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران بجيٽ سفارشن تي خيال ظاهر ڪندي عامر ڊوگر چيو ته سينيٽ 140 سفارشون ڏنيون آهن. هن چيو ته حڪومت پيٽروليم ليوي جي مد ۾ في ليٽر 123 رپيا وصول ڪري رهي آهي، ان ڪري اها ليوي گهٽائي وڃي ته جيئن عوام کي وڌيڪ فائدو ملي. سندس چوڻ هو ته اهڙي قانونسازي ڪئي پئي وڃي، جنهن تحت ٽيليڪام ڪمپنيون ڪنهن جي ملڪيت به زبردستي حاصل ڪري سگهن ٿيون، جڏهن ته حڪومت کي ڪنهن به شهري جي ملڪيت زبردستي وٺڻ جو حق نه هجڻ گهرجي. هن وڌيڪ چيو ته ڪراچي – حيدرآباد موٽروي لاءِ فنڊ وڌايا وڃن. ساڳئي وقت ايران – پاڪستان گيس پائيپ لائين وارو منصوبو بنا دير مڪمل ڪيو وڃي