لاهور(بيورو) قومي ڊائلاگ ڪميٽي (اين ڊي سي) جي زيراهتمام قومي ڪانفرنس ۾ ملڪ مان سياسي ۽ معاشي بحران جي خاتمي کي قومي سلامتي جي بنيادي ضرورت قرار ڏيندي سڀني لاڳاپيل ڌرين جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه ۽ قومي حڪومت جي قيام جي تجويز ڏني وئي. ڪانفرنس ۾ چيو ويو ته پاڪستان جي معاشي ترقي لاءِ هڪ سنجيده حڪمت عملي ٺاهڻ ضروري آهي، جنهن لاءِ قومي حڪومت قائم ڪئي وڃي، انتظامي بنيادن تي نوان صوبا ٺاهيا وڃن، وفاقي ۽ صوبائي سطح تي فنانس ڪميشن جي ٻيهر جوڙجڪ ڪئي وڃي، فعال بلدياتي نظام قائم ڪيو وڃي ۽ موروثي سياست جو خاتمو آندو وڃي. اهڙين سڌارن سان ئي ملڪ ۾ جمهوريت مضبوط ٿي سگهي ٿي ۽ معيشت کي استحڪام ملي سگهي ٿو.سنڌ جي اڳوڻي گورنر عمران اسماعيل چيو ته “معرڪه حق” ۽ عالمي امن معاهدي جي نتيجي ۾ فيلڊ مارشل سيد عاصم منير هڪ بين الاقوامي اڳواڻ بڻجي چڪو آهي. هاڻي ملڪ اندر به سياسي استحڪام لاءِ پاليسي تيار ڪرڻ ضروري آهي.هن چيو ته موجوده حڪمران سياسي تڪرار پيدا ڪري حڪومتون ٺاهين ٿا، پر عوام جا مسئلا حل نٿا ٿين ۽ نه ئي قومي ترقي جو ايجنڊا اڳتي وڌي ٿو،عمران خان کان غلطيون ٿيون آهن پر ويهي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون،محمود مولوي چيو ته ٻه وڏيون سياسي جماعتون عوام سان ڪيل واعدا پورا ڪرڻ ۾ مڪمل طور ناڪام ٿي ويون آهن.هن چيو ته تحريڪ انصاف به اپوزيشن طور پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ ناڪام آهي، هن وڌيڪ چيو ته “نيشنل يونٽي ڪئمپين” ذريعي ملڪ کي بحران مان ڪڍي سگهجي ٿو. فواد چوڌري چيو ته ملڪ هن وقت شديد سياسي انتشار جو شڪار آهي. ڪشمير، خيبر پختونخواهه ۽ بلوچستان بحران مان گذري رهيا آهن، ۽ جيڪڏهن فوري سڌارن تي ڌيان نه ڏنو ويو ته ملڪ وڏي سياسي ڌٻڻ ۾ ڦاسي سگهي ٿو.هن چيو ته پنجاب جي سڄي بجيٽ لاهور تي خرچ ٿي رهي آهي، هن وڌيڪ چيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ ڪرپشن بابت خبرن تي نيشنل احتساب بيورو (نيب) جي چيئرمين کي نوٽيس وٺڻ گهرجي.هن دعويٰ ڪئي ته حڪومت ۾ شامل ماڻهو اربين رپين جي ڪرپشن، ڊيلز ۽ ذاتي استعمال لاءِ جهازن جهڙن اسڪينڊلن جي ڳالهه پاڻ ڪري رهيا آهن.محمد علي دراني چيو ته 18هين ترميم ذريعي وفاق پاڪستان کي مالي طور ڪمزور ڪيو ويو، جنهن سان وفاقي ادارا متاثر ٿيا.هن چيو ته صوبن جا وڏا وڏا اختيار مقامي سطح تي منتقل نٿا ٿين، جنهن سبب عوام تائين وسيلا نٿا پهچن.هن الزام لڳايو ته بلدياتي نظام جي غير موجودگي سبب وسيلا وچولي سطح تي ضايع ٿي وڃن ٿا ۽ عوام غريب ٿيندو پيو وڃي، جڏهن ته حڪمران امير ٿيندا پيا وڃن.هن وڌيڪ چيو ته وفاق ۽ صوبن ۾ وسيلن جو توازن درست نه ٿيو ته مستقبل ۾ سنگين مسئلا پيدا ٿيندا، جيڪي قومي اتحاد لاءِ خطرو بڻجي سگهن ٿا.هن اهو به مطالبو ڪيو ته 18هين ترميم کان پوءِ صوبن کي مليل وسيلن جو فارنزڪ آڊٽ ٿيڻ گهرجي، ۽ وزيراعظم ۽ صدر کي استعيفيٰ ڏئي قومي حڪومت ٺاهي نيون چونڊون ڪرايون وڃن.منير احمد خان چيو ته موجوده حڪومت جي بجيٽ ۽ معاشي پاليسين سان ملڪ جي معيشت بهتر ٿيڻ جو ڪو امڪان نظر نٿو اچي.