سنڌ جو نوجوان ڊگريون کڻي دربدر آهي:ساجد علي مير

ڪراچي(رپورٽر)تحريڪ انصاف جي  ساجد علي مير چيو ته اڄ سنڌ جو تعليم يافته نوجوان ڊگري هٿ ۾ کڻي نوڪري لاءِ دربدر  آهي. ڪراچي پاڪستان کي سڀ کان وڌيڪ آمدني ڏئي ٿو، پر هر دور ۾ شهر سان ناانصافي ڪئي وئي آهي. ڪراچي جو سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي آهي، جڏهن ته 26 سالن کان ڪي فور منصوبو مڪمل نه ٿي سگهيو آهي.هن چيو ته سيف سٽي منصوبي تي اربين رپيا خرچ ڪيا ويا، پر ڇا ڏوهه ختم ٿي ويا؟ ڪيترا جوابدار سيف سٽي ڪئميرائن ذريعي گرفتار ٿيا؟ ڊسپينسرين جون ڇتيون ڪري رهيون آهن. هن چيو ته ڪراچي جا ماڻهو پڇن ٿا ته کربين رپيا آخر ويا ڪيڏانهن؟ اسان هن بجيٽ کي رد ڪريون ٿا.

 

You might also like