تهران/بيروت(عوامي آواز نيوز) ايران فوج جي مرڪزي هيڊڪوارٽر خاتم الانبيا اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان جنگبندي معاهدي جي مبينا ڀڃڪڙي جي جواب ۾ آبناءِ هرمز ٻيهر بند ڪيو ويو آهي.پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز موجب ايراني خبر ايجنسي جي حوالي سان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته خاتم الانبيا مرڪزي هيڊڪوارٽر جو چوڻ آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل طرفان جنگبندي معاهدي جي ڀڃڪڙي سبب هرمز آبنائي بند ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.بيان ۾ چيو ويو ته آبناءِ هرمز آمريڪا جي “دغا بازي” سبب بند ڪيو ويو آهي ۽ آمريڪا پنهنجي واعدن جي کليل ڀڃڪڙي ڪئي آهي. ايراني فوج موجب آمريڪا مفاهمتي يادداشت جي پهرين شرط جي به خلاف ورزي ڪئي آهي.بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو ته بندش جو هڪ سبب اسرائيل طرفان لبنان ۾ جنگبندي جي مسلسل ڀڃڪڙيون به آهن. ايران خبردار ڪيو آهي ته آبناءِ هرمز بند ڪرڻ صرف پهريون قدم آهي، جيڪڏهن جارحيت جاري رهي ته وڌيڪ قدم کنيا ويندا. هوڏانهن اسرائيلي وزيراعظم بنيامين نيتن ياهو ڏکڻ لبنان ۾ حملا روڪڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.اسرائيلي ميڊيا موجب وزيراعظم اهو فيصلو آمريڪا سان مشاورت کانپوءِ ڪيو آهي.رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته اهو قدم علائقي ۾ وڌندڙ ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ سفارتي رابطا برقرار رکڻ جي ڪوششن جو حصو آهي.