پاڻي تي ڌاڙي خلاف قومي عوامي تحريڪ جون ريليون

حيدرآباد(پ ر) سنڌ ۾ پاڻي جي کوٽ، ذوالفقار آباد، سنڌو درياھ تي ڌاڙي، 28ھين ترميم، ڪرپشن، سنڌ ٽوڙڻ جي سازش سميت سنڌ دشمن منصوبن خلاف قومي عوامي تحريڪ جي مرڪزي سڏ تي متحد ۽  مضبوط سنڌ جي عنوان سان 11ھين ڏينھن به مختلف شھرن ۾ ريليون ۽ مظاھرا ڪيا ويا. ان ڏس ۾ حيدرآباد سٽي جي علائقن ڳوٺ خدابخش گوپانگ، ڳوٺ شير محمد جتوئي، ميرپورخاص ناڪو، ڳوٺ ولو خاصخيلي، ڳوٺ مولي ڏنو خاصخيلي ۽ ٻين ڳوٺن ۾ ڪارنر ميٽنگون ڪيون، جنھن جي اڳواڻي نور حسن جمالي، رابطا سيڪريٽري راول سيال، صدا بخش گوپانگ الطاف خاصخيلي ڪئي،. ڊگھڙي ۾ مجيد ٻگهيو، شوڪت نوحاڻي، نثار ڀرڳڙي، ايڊووڪيٽ ذاڪر حسين لغاري، بابو نوحاڻي، انور نوحاڻي نوري آباد ۾ لياقت علي گبول، شڪيل انصاري،  وحيد نواب پالاري ڳڙھي حسن ۾ گل کوسو، حاجي رسول بخش کوسو، وهاب سنڌي، ارشاد ڪنراڻي مٺي  ۾  وجي ساگر ۽ ٻين خطاب ڪيو. اڳواڻن چيو ته پ پ حڪمران سنڌ لاءِ خطرو بڻجي ويا آھن. سنڌو درياھ تي ڌاڙا ھڻي سنڌ جو معاشي قتل ڪيو پيو وڃي،هنن چيو ته  سنڌ جي عورتن لاءِ مقتل گاھ بنايو ويو آھي. روزانون نياڻيون قتل ڪيون وڃن ٿيون. پريا ڪماري سالن کان اغوا آھي. دادو مان معصوم اجالا کي اغوا ڪيو ويو آھي ھوڏانھن قومي عوامي تحريڪ جي سربراھ اياز لطيف پليجي چيو  ته سنڌ خطري ۾ آھي سنڌي ماڻهو پنهنجي درياھ، زمينن ۽ وسيلن کي بچائڻ لاءِ جدوجھد جاري رکن. سنڌ تي حملو ڪندڙن سان پيپلزپارٽي ئي سنڌ حڪومت گڏ آھي. هن چيو ته سنڌ جو پاڻي، زمينون، وسيلا ۽ هاڻي سنڌ جو تحت گاھ ڪراچي، سامونڊي پٽي ۽ ٿر جي معدنيات وفاق کڻڻ جا سانباها ڪري رهيو آهي

 

You might also like