گذريل هفتي کان وٺي روزاني بنيادن تي وفاقي اردو يونيورسٽي جو انتظامي بحران وڌيڪ شدت اختيار ڪندو پيو وڃي، پر افسوس جو اڃا تائين رياست ۽ وفاقي حڪومت خاموش تماشائي جو ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. هڪ ٽيليويزن چينل اهو تي منظر ڏسي انتهائي ڏک ٿيو، جڏهن وفاقي اردو يونيورسٽي جو پروفيسر ڊاڪٽر اصغر دشتي سخت اُس ۽ تپندڙ گرميءَ ۾ وائيس چانسلر جي گاڏي آڏو ليٽي احتجاج ڪري رهيو هو. ان موقعي تي استادن جو وڏو انگ سراپا احتجاج هو، جن جو بنيادي مطالبو اهو هو ته يونيورسٽي کي يونيورسٽيءَ جيان هلايو وڃي، نه ڪي ڪنهن ٽولي يا گينگ جي طرز تي.
حقيقت اها آهي ته يونيورسٽيون ڪنهن به سماج جي فڪري ۽ علمي بنيادن جو مرڪز هونديون آهن. اهي صرف عمارتن، ڪلاس رومن ۽ آفيسن جو مجموعو نه هونديون آهن، پر قومن جي مستقبل کي سنواريندڙ درسگاهون هونديون آهن. جڏهن ڪا يونيورسٽي بحران جو شڪار ٿئي ٿي ته حقيقت ۾ سڄو سماج فڪري ۽ علمي بحران ۾ داخل ٿي وڃي ٿو. افسوس سان چوڻو پوي ٿو ته اڄ وفاقي اردو يونيورسٽي به اهڙي ئي صورتحال سان منهن ڏئي رهي آهي، جتي علم ۽ تحقيق جي شمع روشن ٿيڻ بدران انتظامي ڇڪتاڻ، مالي بدحالي ۽ آئيني تڪرارن اونداهين جي راڄ کي جنم ڏنو آهي.
ڪراچي ۾ استادن، انساني حقن جي ڪارڪنن ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن پاران ڪوٺايل گڏيل پريس ڪانفرنس وفاقي اردو يونيورسٽي جي موجوده صورتحال بابت ڪيترائي سنجيده سوال اٿاريا آهن. اهي سوال رڳو ڪنهن هڪ فرد يا انتظاميا بابت نه، پر ان سڄي نظام بابت آهن، جيڪو ملڪ جي اعليٰ تعليم کي مسلسل زوال ڏانهن ڌڪي رهيو آهي. پريس ڪانفرنس ۾ شريڪ دانشورن، استادن ۽ سماجي اڳواڻن جنهن انداز سان يونيورسٽي جي حالتن جو ذڪر ڪيو، اهو نه صرف پريشان ڪندڙ هو پر هڪ قومي الميي جو احساس پڻ ڏياريندڙ هو. استادن جون پگهارون ۽ پينشنون رڪيل آهن، رٽائرڊ ملازم پنهنجن جائز حقن لاءِ دربدر آهن، بنيادي سهولتن جي کوٽ آهي، جڏهن ته ڪروڙين رپين جي لاڳت سان لڳايل سولر سسٽم به توانائيءَ جي بحران کي ختم ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. سوال اهو آهي ته جيڪڏهن قومي خزاني مان خرچ ٿيل وسيلا به مسئلا حل نه ڪري سگهيا آهن ته پوءِ انهن ناڪامين جو احتساب آخر ڪير ڪندو؟
جامعات ۾ اختلافِ راءِ ۽ تنقيد جمهوريت جو حسن هوندو آهي، پر جڏهن حالتون ايتريون خراب ٿي وڃن جو استاد امتحانن جي بائيڪاٽ تي مجبور ٿي وڃن ته اها خطرناڪ صورتحال جي نشاني هوندي آهي. اڄ وفاقي اردو يونيورسٽي ۾ امتحانن جي بائيڪاٽ کي ڏهه ڏينهن گذري چڪا آهن ۽ اڪثر شعبن ۾ تدريسي سرگرميون سخت متاثر ٿيون آهن. ان جو سڀ کان وڏو نقصان انهن شاگردن کي ٿي رهيو آهي، جن جو هن تڪرار سان ڪو به واسطو ناهي، پر سندن تعليمي مستقبل کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو ويو آهي. استادن پاران وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ضابطه خان شنواري جي پاليسين تي سخت تحفظات جو اظهار ڪيو ويو آهي. سندن موقف آهي ته ميرٽ ۽ شفافيت بدران پسند ۽ ناپسند جي بنياد تي فيصلا ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته ڪجهه فيصلا آئيني ۽ قانوني گهرجن سان به ٽڪراءَ ۾ آهن. اهي الزام پنهنجي نوعيت ۾ انتهائي سنگين آهن ۽ انهن جي غيرجانبدار جاچ انتهائي ضروري آهي ته جيئن حقيقت عوام آڏو اچي سگهي.
بهرحال، هن سموري بحران کي صرف هڪ فرد يا هڪ انتظاميا تائين محدود ڪرڻ به مسئلي جو مڪمل حل نه آهي. حقيقت اها آهي ته پاڪستان جون گهڻيون سرڪاري يونيورسٽيون سالن کان مالي بحران، سياسي مداخلت، ناقص حڪمراني ۽ ڪمزور نگراني جهڙن مسئلن جو شڪار آهن. وفاقي اردو يونيورسٽي جو بحران دراصل انهيءَ وڏي قومي مسئلي جي هڪ جهلڪ آهي. هتي سوال وفاقي حڪومت، هائر ايجوڪيشن ڪميشن ۽ تعليم واري وزارت کان به پڇڻ گهرجي. جيڪڏهن هڪ قومي يونيورسٽي اهڙي سنگين بحران ۾ ڦاسي چڪي آهي جو استاد، ملازم ۽ شاگرد هڪ ئي وقت احتجاج ڪري رهيا آهن ته پوءِ رياستي ادارن جي خاموشي ڪيئن سمجهي سگهجي ٿي؟ اعليٰ تعليم ڪنهن به ترقي پذير ملڪ لاءِ خرچ نه، پر سيڙپڪاري هوندي آهي. جيڪڏهن يونيورسٽين کي مالي ۽ انتظامي تباهيءَ جي حوالي ڪيو ويندو ته ان جا اثر ايندڙ نسلن تائين محسوس ڪيا ويندا.
هن صورتحال ۾ ضرورت الزام تراشيءَ جي نه، پر فوري سڌارن جي آهي. سڀ کان پهرين هڪ آزاد ۽ شفاف جاچ ڪميشن جوڙي وڃي، جيڪا انتظامي، مالي ۽ آئيني معاملن جو جامع جائزو وٺي. ڊاڪٽر رضا چوهاڻ جي رپورٽ سميت سڀ لاڳاپيل دستاويز عوام آڏو آندا وڃن ته جيئن شڪ شبها ختم ٿي سگهن.
ان سان گڏ استادن، ملازمن ۽ رٽائرڊ ملازمن جي رهيل واجبات جي ادائيگي لاءِ خصوصي بيل آئوٽ پيڪيج جاري ڪيو وڃي. بنيادي سهولتون بحال ڪيون وڃن، مختلف شعبن ۾ داخلا جو عمل ٻيهر شروع ڪيو وڃي ۽ 2013ع ۽ 2017ع وارين آسامين بابت سينيٽ ڪميٽي جي سفارشن تي عملدرآمد يقيني بڻايو وڃي.
استادن جو اهو به الزام آهي ته ڏهه ڪروڙ رپين جو سولر سسٽم ناڪام ثابت ٿيو آهي، بجليءَ جو بحران برقرار آهي ۽ ذميوارن جو احتساب ناهي ٿيو. استادن ۽ ملازمن جون پگهارون، هائوس سيلنگ، پينشنون ۽ ميڊيڪل واجبات اڃا تائين التوا ۾ آهن.
صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، وفاقي وزير تعليم ڊاڪٽر خالد مقبول صديقي ۽ چيئرمين ايڇ اي سي کان مطالبو ڪيو ويو آهي ته ڊاڪٽر رضا چوهاڻ جي ايڇ اي سي رپورٽ منظرعام تي آندي وڃي، انتظاميا جي فيصلن جو آزاد آڊٽ ڪرايو وڃي ۽ ڊاڪٽر فيصل بيگ، ڊاڪٽر يوسف حميد سميت سڀني متاثر استادن ۽ ملازمن کي فوري طور بحال ڪيو وڃي.
وفاقي اردو يونيورسٽي صرف هڪ تعليمي ادارو نه، پر اردو ٻولي، تحقيق ۽ قومي سڃاڻپ جي علامت پڻ آهي. جيڪڏهن هي ادارو بحران جي استعارو بڻجي ويو ته اها رڳو هڪ يونيورسٽي جي ناڪامي نه هوندي، پر رياست جي تعليمي ترجيحن تي هڪ وڏو سواليا نشان هوندو.
جيڪڏهن احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌيو ته ان جو سڀ کان وڏو نقصان شاگردن کي ٿيندو. وائيس چانسلر اڄ هن عهدي تي آهي، سڀاڻي شايد نه هجي، پر شاگردن جو مستقبل ۽ يونيورسٽي جي ساک ڊگهي عرصي تائين متاثر رهندي. جڏهن استاد روڊن تي هجن، شاگرد غيريقينيءَ جو شڪار هجن ۽ يونيورسٽي انتظامي تڪرارن ۾ ڦاٿل هجي ته پوءِ علم جا ڏيئا نه ٻرندا آهن، پر قوم جي مستقبل تي اونداهيون ڇانئجي وينديون آهن.