”مان ۽ اٽلي ڪنهن جي آڏو هٿ ناهيون ٽنگيندا“ ٽرمپ جي بيان تي ميلونيءَ جي ڇتي تنقيد

اطالوي وزيراعظم جارجيا ميلوني آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي هڪ بيان کانپوءِ کيس ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.
آمريڪي صدر ٽرمپ هڪ اطالوي ٽي وي چينل کي انٽرويو ڏيندي چيو ته جارجيا ميلوني جي-سيون اجلاس ۾ ساڻس تصوير ٺهرائڻ لاءِ ڏاڍي منٿ ميڙ ڪئي هئي.
فرانس ۾ ٿيل اجلاس جي وڊيو ۾ ميلوني ۽ ٽرمپ کي صوفي تي گڏ ويٺل ڏٺو ويو هو، پر ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته هن رڳو مهرباني طور ميلوني سان ڳالهايو ۽ کيس هن سان ڳالهائڻ جي ضرورت نه هئي.
ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ميلوني تصوير جي درخواست ڪئي، مان تصوير نه ٺهرايان ها، پر مون کي مٿس ترس اچي ويو.
جارجيا ميلوني ٽرمپ جي بيان جو سخت لفظن ۾ جواب ڏيندي چيو ته ڊونلڊ ٽرمپ جا بيان مڪمل طور تي من گهڙت آهن، مون کي واقعي حيرت ٿي آهي.
مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته آمريڪا جو صدر پنهنجن اتحادين سان اهڙو رويو ڇو اختيار ڪري ٿو ۽ ائين پهرين ڀيرو ناهي.
هن چيو ته اها افسوس جوڳي ڳالهه آهي ته هو اولهه ۽ آمريڪي دشمنن سان اهڙو رويو نه ٿو رکي پر انهن جي اڳواڻن سان وڌيڪ عاجزيءَ سان پيش اچي ٿو.
ميلوني زور ڏنو ته هڪ ڳالهه کيس ياد رکڻ گهرجي ته مان ۽ اٽلي ڪڏهن به ڪنهن جي اڳيان هٿ نه ڦهلائيندا آهيون.
پرڏيهي ميڊيا موجب، ان معاملي تي اطالوي حڪومت جي ڪاوڙ جو اندازو ان ڳالهه مان لڳائي سگهجي ٿو ته پرڏيهي وزير انتونيو تاجاني ايندڙ هفتي آمريڪا جو طئي ٿيل دورو رد ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
اطالوي پرڏيهي وزير پنهنجي بيان ۾ چيو ته صدر ٽرمپ جا وزيراعظم جارجيا ميلوني بابت توهين جوڳا ۽ سنگين لفظ سڄي اٽلي جي توهين آهن.

 

You might also like