روز ڪيتري ويھڪ صحت لاءِ نقصانڪار آھي؟

گهڻو وقت ويھڪ ڪرڻ سان ٿولھھ، ڪينسر ۽ دل جي بيمارين جهڙن سنگين طبي مسئلن جو خطرو وڌي ويندو آهي.

پر تمام گهٽ وقت ويهڻ به صحت لاءِ نقصانڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.

اها ڳالهه هڪ نئين طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.

اھڙي تحقيق جرنل آف اسپورٽ اينڊ هيلٿ سائنس ۾ ڇپي آھي، جنهن ۾ 41 هزار کان وڌيڪ ماڻهن جي ڊيٽا جو جائزو ورتو ويو.

تحقيق جو مقصد اھا ڄاڻ حاصل ڪرڻ ھو ته روزانو ڪيترا ڪلاڪ ويهڻ صحت لاءِ نقصانڪار نه هوندو آهي.

تحقيق مان خبر پئي ته جيڪي ماڻهو روزانو لڳ ڀڳ 4 ڪلاڪ ويهي گذارين ٿا، انهن ۾ مختلف بيمارين جو خطرو انهن ماڻهن جي ڀيٽ ۾ گهٽ هوندو آهي، جيڪي 2 ڪلاڪن کان گهٽ يا 8 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت ويهي گذارين ٿا.

پر ائين ڇو ٿيندو آهي؟

ماھرن موجب فائدي ۽ نقصان جي شرح هر فرد ۾ مختلف هوندي آهي.

جسماني طور سرگرم ماڻهن لاءِ مناسب وقت تائين ويهڻ صحت لاءِ فائديمند هوندو آهي، ڇاڪاڻ تھ ان سان هڏن تي دٻاءُ گهٽ ٿيندو آهي ۽ جسم کي بهتر نموني بحال ٿيڻ (ريڪوري) جو وقت ملندو آهي.

محققن ٻڌايو ته جيتوڻيڪ گهڻو وقت ويهڪ صحت لاءِ نقصانڪار آهي، پر سندن تحقيق مان ظاهر ٿئي ٿو ته ويهڻ ۽ صحت جي وچ ۾ لاڳاپو ايترو سادو ناهي.

هنن وڌيڪ چيو ته جسماني طور تمام گهڻو سرگرم ماڻهن لاءِ مناسب يا وچولو وقت ويهڻ حقيقت ۾ فائديمند ثابت ٿي سگهي ٿو.

تحقيق جو دائرو وڌائڻ سان اھا بھ خبر پئي ته ماڻهن جي ويهڻ جو اوسط وقت اهو طئي ڪري ٿو ته سندن صحت لاءِ ڇا فائديمند آهي ۽ ڪنهن به سبب سان موت جو خطرو ڪيئن گهٽجي سگهي ٿو.

تحقيق ۾ شامل 50 سيڪڙو کان وڌيڪ ماڻهو روزانو 4 ڪلاڪن کان گهٽ وقت ويهي گذاريندا هئا.

انهن ماڻهن جي صحت ۾ ان وقت بهتري ڏٺي وئي، جڏهن هنن جسماني سرگرمين جا 30 منٽ سمهڻ يا ويهڻ واري وقت جي جاءِ تي شامل ڪيا، جنهن سان ڪنهن به سبب سان موت جو خطرو 4 کان 6 سيڪڙو تائين گهٽجي ويو.

ساڳيءَ ريت جيڪي ماڻهو روزانو 4 ڪلاڪن کان وڌيڪ وقت ويهي گذارين ٿا، انهن جي صحت کي ان وقت فائدو پهچي ٿو جڏهن هو ويهڻ واري وقت ۾ 30 منٽن جي گهٽتائي ڪري جسماني سرگرمين کي پنهنجي روزاني معمول جو حصو بڻائين ٿا.

محققن موجب اهي نتيجا ان سفارش جي اهميت کي ظاهر ڪن ٿا ته گهڻو وقت ويهي رهڻ صحت لاءِ نقصانڪار آهي، تنهنڪري جسماني سرگرمين جو وقت وڌائڻ گهرجي.

You might also like