جڏهن درياهه اُڃايل رهجي وڃي!

عبدالوهاب منشي

ڪجهه ڏينهن اڳ ڄامشوري کان ڪراچي ڏانهن ويندي اوچتو منهنجي نظر سنڌو درياهه جي پيٽ تي پئي. هر طرف واري  ئي واري، مٽي ئي مٽي، ۽ ويرانيءَ جو اهڙو منظر هو، ڄڻ زندگي هتان ڪوچ ڪري وئي هجي. سنڌو درياهه رڳو پاڻيءَ جي وهڪري جو نالو ناهي، پر سنڌ جي تهذيب، معيشت، زراعت ۽ سڃاڻپ جو بنياد آهي. هزارين سالن کان هي درياهه سنڌ جي ماڻهن کي زندگي بخشي رهيو آهي، پر اڄ صورتحال اها آهي جو زندگي ورهائيندڙ درياهه پاڻ پاڻيءَ جي هڪ هڪ ڦڙي لاءِ سڪي رهيو آهي. ان کان وڏو الميو ٻيو ڪهڙو ٿي سگهي ٿو ته جنهن ڌرتي سڄي خطي کي سيراب ڪيو، اڄ اُها پاڻ اُڃ جي عذاب ۾ مبتلا آهي.

سنڌ جي بئراجن ۽ واهن ۾ پاڻيءَ جي لڳاتار کوٽ لکين ايڪڙ زرعي زمين کي متاثر ڪيو آهي. آبادگار پريشان آهن، فصل تباهه ٿي رهيا آهن ۽ سنڌو درياهه جي آخري ڪنارن تي آباد ماڻهو سمنڊ جي وڌندڙ يلغار کي منهن ڏئي رهيا آهن. ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻيءَ جي شديد کوٽ سبب سمنڊ جو کارو پاڻي سنڌ جي زرخيز زمينن تائين پهچي ويو آهي، جنهن جي نتيجي ۾ لکين ايڪڙ زمين بنجر بڻجي چڪي آهي.

هن سموري صورتحال ۾ سڀ کان اهم سوال ارسا جي ڪردار تي اڀري ٿو. ارسا اهڙو ادارو آهي جنهن کي صوبن جي وچ ۾ پاڻيءَ جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻو هو، پر سنڌ جي ماڻهن جي دلين ۾ اهو احساس ڏينهون ڏينهن وڌيڪ گهرو ٿيندو پيو وڃي ته ساڻن  انصاف نٿو ڪيو وڃي. جڏهن سنڌ بار بار پاڻيءَ جي کوٽ جون دانهن ڪري، جڏهن آبي وسيلن جا ماهر خطري جون گهنٽيون وڄائيندا رهن ۽ جڏهن درياهه جو وهڪرو تاريخ جي سڀ کان هيٺين سطح تي پهچي وڃي، تڏهن ارسا جي ڪارڪردگي تي سوال اٿڻ فطري ڳالهه آهي.

افسوسناڪ حقيقت اها آهي ته سنڌو درياهه جو مسئلو هاڻي رڳو پاڻيءَ جو مسئلو نه رهيو آهي، بلڪه بقا جو مسئلو بڻجي چڪو آهي. جيڪڏهن درياهه ۾ مناسب مقدار ۾ پاڻي نه ڇڏيو ويندو ته رڳو زراعت نه، پر سڄو ماحولياتي نظام متاثر ٿيندو. تمر جا ٻيلا تباهه ٿيندا، سامونڊي حياتي ختم ٿيندي ۽ ساحلي آبادين جون زندگيون اجڙي وينديون.

سنڌ جا ماڻهو اهو سوال پڇڻ ۾ حق بجانب آهن ته آخر 1991ع واري پاڻي معاهدي جي روح مطابق مڪمل عملدرآمد ڇو نٿو ڪيو وڃي؟ سنڌ جي حصي واري پاڻي بابت هميشه شڪ ۽ شبها ڇو پيدا ٿين ٿا؟ ۽ هر ڏڪار يا خشڪ ساليءَ جو سڀ کان وڏو بار آخر سنڌ جي ماڻهن کي ئي ڇو کڻڻو پوي ٿو؟

هاڻي وقت اچي ويو آهي ته پاڻيءَ جي ورڇ بابت مڪمل شفافيت اختيار ڪئي وڃي. سڀني صوبن جي وچ ۾ اعتماد جي فضا پيدا ڪئي وڃي ۽ سنڌو درياهه کي رڳو هڪ آبي گذرگاهه نه، پر قومي امانت سمجهيو وڃي. ڇاڪاڻ ته جيڪڏهن سنڌ جو درياهه سڪي ويو ته نقصان رڳو سنڌ جو نه ٿيندو، پر سڄي پاڪستان جو ٿيندو.

سنڌو ندي اڄ خاموش ضرور آهي، پر سندس سڪل پيٽ هڪ سوال بار بار ورجائي رهيو آهي ته ڇا ارسا ۽ لاڳاپيل ادارا هن درياهه کي زنده رکڻ جي ذميواري نڀائي رهيا آهن، يا تاريخ کين اهڙي دور جي نگهبانن طور ياد رکندي، جن هڪ عظيم درياهه کي اُڃايل ڇڏي ڏنو؟

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.