وفاقي وزير خزانه جناب محمد اورنگزيب ڪالهه شام قومي اسيمبلي جي بجيٽ اجلاس ۾ سال 2026 – 2027 جي لاءِ ساڍا 18 هزار ارب رپين جي سالياني بجيٽ پيش ڪئي جنهن ۾ پنج کرب رپين جو خسارو ڏيکاريو ويو آهي جڏهن ته خرچن جي پورائي لاءِ لڳ ڀڳ 15 هزار ارب رپين جي ٽئڪس وصولي جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي۔هن بجيث ۾ اهو به فيصلو ڪيو ويو آهي صوبا حاصل ٿيندڙ ٽئڪس وفاق حوالي ڪندا ۽ وفاق به پنهنجي پاران هدف کان وڌيڪ حاصل ٿيندڙ ٽئڪس پاڻ وٽ رکندوبجيٽ پيش ڪرڻ کان اڳ وزيراعظم جناب محمد شهباز شريف ڪابينه جي اجلاس جي صدارت ڪندي بجيٽ جي هدفن جي منظوري ڏني۔
هيءَ پهرين ملڪي بجيٽ آهي جيڪا ايران آمريڪا جنگ پاڪستان ڀارت جنگ پاڪستان افغانستان جنگ جي تناظر ۾ درپيش آيل معاشي ۽ مالي گهوٽالن کي نظر ۾ رکندي ٺاهي پيش ڪئي وئي آهي۔بجيٽ کي اسيمبلي مان پاس ڪرائڻ لاءِ حڪومت ۽ پ پ پ وچ ۾ صلح ٿي چڪي هئي پ پ پ پنهنجي هوڏ ۽ مطالبن تان هٿ کڻي به چڪي هئي پر بجيٽ پيش ٿيڻ کان ڪجهه لمحا اڳ حڪومت کي تڏهن وڏو ڌڪ لڳو جڏهن پ پ پ بجيٽ اجلاس ۾ شرڪت نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو جنهن ڪري اجلاس شروع ٿيڻ ۾ ٻن ڪلاڪن کان مٿي عرصو گذريو۔پارٽي چيئرمن بلاول ڀٽو اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ کان معذرت ڪئي البته ڪجهه ميمبرن کي اجلاس ۾ شرڪت ڪرڻ جي اجازت ملي۔چيو وڃي ٿو پ پ پ قيادت کي گلگت بلبستان مينڊنٽ چوري ڪرڻ جي سازش هٿ آئي آهي جنهن ۾ پ پ پ کي اتي حڪومت ٺاهڻ کان پري رکڻ جو منصوبو هو۔جيڪڏهن پ پ پ اجلاس جو بائڪاٽ جاري رکيو ته ن ليگ کي بجيٽ پاس ڪرائڻ ۾ ڏکيائون پيش اچي سگهن ٿيون بهرحال ان مسئلي تي پ پ پ ۽ ن ليگ قائدين وچ ۾ ڳالهيون جاري رهيون ۽ جاري آهن۔
سنڌ سميت چئني صوبن جي ترقياتي بجيٽ ۽ گرانٽس مان هزارين ارب روپين جي ڪٽوتي ٿيڻ ڪري ملڪ اندر غربت جو هڪ وڏو طوفان لڳندي نظر اچي رهيو آهي۔جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته هميشه جيان هن بجيٽ جا پيپر به آءِ ايم ايف ٺاهيا آهن رڳو وفاقي وزير خزانه اسيمبلي اجلاس ۾ اچي پيش ڪيا آهن۔وفاقي بجيٽ جي تناظر ۾ وري صوبن جو بجيٽون به ٺهي چڪيون آهن جيڪي رسمي طور صوبائي ايوانن ۾ پيش ٿيڻيون آهن۔صوبن رضاڪارڻي طور وفاق کان ملندڙ گرانٽ جا سوين ارب رپيا وفاق حوالي ڪري ڇڏيا آهن سنڌ اڳ ۾ ئي اهو اعلان ڪري ڇڏيو آهي ته سنڌ ۾ ترقياتي ڪمن وارا ميگا پراجيڪٽس ايندڙ بجيٽ ۾ شامل نه هوندا البته پراڻن رهيل پراجيڪٽس جي تڪميل لاءِ ڪوششون جاري رهنديون۔سياسي معاشي سماجي حلقن هن بجيٽ کي عوام ۽ ملڪ جي بقا لاءِ هاڃيڪار سڏيو آهي جنهن سان غربت بيروزگاري مهانگائي جو وڏو طوفان برپا ٿيندو جنهن مان ملڪ جي شايد ئي اوسر ممڪن ٿي سگهي۔ملڪ جون مالي حالتون خطي ۾ جاري جنگين جا اثرات پنهنجي جاءِ تي پر پاڪستان هلندڙ مالي سال دوران عرب ملڪن سميت آءِ ايم ايف کان ورتل قرضن جي به ادائيگي ڪئي آهي جنهن ڪري به ملڪ مالي بحران جو شڪار رهيو آهي۔ن ليگ ۽ سندس اتحادين جي حڪومت ملڪ کي قرضن کان آجو ڪرائڻ واري جيڪا ڳالهه ۽ خاطري ڪرائي هئي ان تي عمل ڪرائڻ ۾ بري طرح ناڪام و ئي آهي۔خاص ڪري آءِ ايم ايف جي چوڻ تي تيل گئس بجلي جا اگهه ٽيڻ چئوڻ تي وڌائڻ ڪري به ملڪ مالي ۽ غربت واري گهوٽالي طرف ڌڪجي چڪو آهي۔
وفاقي حڪومت ٽيون ڏينهن جيڪا اقتصادي رپورٽ جاري ڪئي آهي تنهن ۾ به ڀلي ڀت اعتراف ڪيو ويو آهي ته غربت 28 ڏهائي 9 سيڪڙو کان تجاوز ڪري وئي آهي جيڪا ڪنهن تعجب کان گهٽ ناهي۔بلوچستان ملڪ جو انتهائي وڌيڪ غربت وارو صوبو قرار ڏنو ويو آهي۔شهرن جي مقابلي ۾ ٻهراڙيون غربت جو وڌيڪ شڪار آهن جتي في ماڻهو جي آمدني نو هزار رپيا ماهوار آهي جيڪا غربت جي حد ۾ اچي ٿي۔نئين سال جي بجيٽ پيش ٿيڻ کان اڳ پاڪستان جي قومي اقتصادي ڪائونسل جو اجلاس وزيراعظم جي صدارت هيٺ ٿي گذريو جنهن ۾ وفاقي ۽ صوبائي ترقياتي پروگرام لاءِ 3669 ارب رپين جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته ايندڙ مالي سال لاءِ معاشي ترقي جي شرح جو هدف 4 سيڪڙو ۽ مهانگائي ۾ واڌ جو هدف 8.2 سيڪڙو مقرر ڪيو ويو آهي.وفاق ۽ صوبن موجوده حالتن کي نظر ۾ رکندي پنهنجن سالياني ترقياتي پروگرامن ۾ 1046 ارب رپين جي گهٽتائي تي راضپو ظاهر ڪيو آهي.
ايندڙ مالي سال لاءِ وفاق جو ترقياتي بجيٽ 126 ارب رپين جي ڪٽوتي کانپوءِ هاڻي 1000 ارب رپيا مختص ڪيو ويو آهي، جڏهن ته صوبن پنهنجي ترقياتي پروگرامن لاءِ مختص بجيٽ ۾ 920 ارب رپيا گهٽ خرچ ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي.مختصص صوبائي فنڊن مان 920 ارب رپيا گهٽتائي ڪرڻ سان صوبن جي ترقي جون راهون سخت متاثر ٿينديون ۽ ترقي وارو عمل سالن جا سال پوئتي ڌڪجي ويندو۔ جڏهن ته حالتن کي نظر ۾ رکندي ملڪي دفاع کي وڌ کان وڌ مضبوط ڪرڻ لاءِ 3 هزار ارب رپيا رقم مخصوص ڪئي وئي آهي جيڪا اڳتي هلي وڌي به سگهي ٿي۔صدر مملڪت جناب آصف علي زرداري پنهنجي هڪ خطاب ۾ اڳ ئي چڪو آهي بلڪه اشارو ڪري چڪو آهي ته ملڪ جي دفاع کي مضبوط کان مضبوط بنائڻو آهي
نين مالي سال جي بجيٽ ۾ صرف انگن اکرن جو ڦير گهير آهي جنهن ۾ عوام کي غربت ۽ مهانگائي مان ڪڍڻ جو ڪو به واضح رستو نظر نٿو اچي جو چئجي ته بجيٽ عوامي مفادن ۽ غربت مٽائڻ جو جواز بڻبي۔عوام کي ڪو به مناسب رليف ناهي مليو جنهن سان اهي ٻن وقتن جي ماني کائي سگهن۔سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جي پگهارن ۽ پينشن ۾ مهانگائي مطابق واڌ نه ٿيڻ هي طبقو ويتر مهانگائي جو شڪار ٿيندو جنهن مان لڳي ٿو حڪومت پ پ پ جي ترجيحات ۽ مطالبن کي پاسيرو رکي ڇڏيو آهي۔جيتوڻيڪ وفاقي حڪومت نئين سال دوران نوجوانن کي لکين نوڪرين ڏيڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن لاءِ به وسيلا گهربل لازمي آهن جيڪي وفاق وٽ ناهن نٿو لڳي ته نوجوانن کي روزگار ملي سگهي سمورو ڍونگ ٿو لڳي۔ سرڪاري ملازم ۽ پينشنر جيڪا اميد ۽ آس لڳايو ويٺا هئا سان به سندن خوابن جو حصو بڻجي چڪي آهي اگيگا جا بجيٽ جي موقعي لڳندڙ ڌرڻا ۽ احتجاج به ڪنهن ڪم جا نه رهيا کين ساڳي پگهار تي ڪم ڪرڻو پوندو جنهن سان سرڪاري ادارن اندر ويتر ڪرپشن وڌندي۔احتجاج ڪندڙن کي پارليامينٽ تائين وڌڻ کان روڪڻ لاءِ مٿن تشدد ڪيو ويو ملازمن جي قائدين کي پڪڙيو ويو۔مخالف ڌر به بينر کڻي پارليمينٽ اندر احتجاج ڪيو ۽ بجيٽ کي عوام دشمن سڏيو۔