آزاد ڪشمير ۾ بدامني پکيڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي آهي ۽ جوابي قدم طور جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو. ڪجهه گرفتاريون به ٿيون ، پر ان ڪالعدم ڪميٽي جا مرڪزي اڳواڻ اڃا تائين مفرور آهن. ٻئي پاسي آزاد ڪشمير جي سپريم ڪورٽ صدر آزاد ڪشمير پاران موڪليل ريفرنس ۾ فيصلو ڏيندي چيو آهي ته آزاد ڪشمير جي آئين تحت سڄي پاڪستان ۾ پکڙيل 12 سيٽن کي آئيني تحفظ حاصل آهي ۽ رڳو هڪ آئيني ترميم تحت انهن سيٽن کي ختم نٿو ڪري سگهجي. مسلم ليگ جي مخالفن جو دليل آهي ته ڪشميري مهاجرن جون هي 12 سيٽون سياسي مقصدن جي حاصلات لاءِ استعمال ٿينديون آهن. مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻن جي اهڙن بيانن ته "پنجاب جون 8 سيٽون سندن کيسي ۾ آهن”، ان تاثر کي وڌيڪ هٿي ڏني آهي. آزاد ڪشمير جي وزيراعظم فيصل راٺوڙ پڻ هڪ انٽرويو ۾ اهائي ڳالهه ڪئي آهي. هوڏانهن، آزاد ڪشمير جي اڳوڻي چيف جسٽس منظور گيلاني بي بي سي سان ڳالهائيندي چيو ته سيٽن جي خاتمي جو مطالبو آئيني، قانوني ۽ اخلاقي آهي. منظور گيلاني پنهنجي موقف جي وڌيڪ وضاحت ڪندي چيو ته مهاجر هن وقت پاڪستان جا شهري آهن، پر سندن نسبت ڪشمير سان آهي. منظور گيلاني چيو ته اهو مطالبو نئون ناهي.
هڪ سياسي مبصر جو چوڻ آهي ته پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ (ن) ڪيترا ئي ڀيرا ۽ تحريڪ انصاف هڪ ڀيرو آزاد ڪشمير ۾ برسرِاقتدار رهي، پر تحريڪ انصاف ۾ به اهي ئي اڳواڻ هئا جيڪي مسلم ليگ ۽ پيپلز پارٽي جي حڪومتن ۾ اهم عهدن تي فائز رهيا هئا. انهن سڀني پارٽين جي ڪاميابيءَ ۾ پاڪستان ۾ آباد آزاد ڪشمير جي 12 سيٽن جو اهم ڪردار هوندو آهي. اڳوڻي صدر پرويز مشرف جي سرپرستي ۾ ايم ڪيو ايم پڻ سنڌ مان ڪاميابي حاصل ڪئي هئي ۽ ايم ڪيو ايم جا ڪامياب اميدوار مظفرآباد جي حڪومت ۾ شامل ٿيا هئا. هڪ صحافي ڪشمير جي صورتحال جو تجزيو ائين ڪيو آهي ته ڪشمير ۾ 46 لک آبادي رجسٽرڊ آهي، جنهن مان 34 لک ووٽر آهن ۽ سڄي ڪشمير ۾ 33 انتخابي تڪ آهن، ائين سراسري طور هڪ تڪ هڪ لک ووٽرن تي ٻڌل آهي؛ جڏهن ته پاڪستان ۾ آباد ڪشميرين جو تعداد 25 لک آهي، جن مان 4 لک ووٽر آهن. ڪشمير ۾ آباد 450 ووٽر، پاڪستان ۾ رجسٽرڊ هڪ مهاجر ووٽر جي برابر آهن، اهو ئي سبب آهي جو پاڪستان ۾ ٿيندڙ آزاد ڪشمير جي سيٽن مان هڪ اميدوار رڳو 432 ووٽ کڻي چونڊجي ويندو آهي ۽ وزير به بڻجي ويندو آهي.
آزاد ڪشمير پاڪستان جي چئين صوبن کان وڌيڪ خوشحال آهي. ان جي آبادي 4.46 ملين (گهٽ وڌ 44 لک 60 هزار) جي لڳ ڀڳ آهي. ڪشمير ۾ مڙسن ۾ خواندگيءَ (پڙهيل لکيل هجڻ) جو تناسب 88.9 سيڪڙو آهي ۽ عورتن ۾ اهو تناسب 68.2 سيڪڙو آهي. غربت جو تناسب (Absolute Poverty Estimate) لڳ ڀڳ 18 سيڪڙو جي ويجهو آهي، جڏهن ته Multidimensional Estimates غربت جو تناسب 25 کان 40 سيڪڙو جي قريب آهي.هن خطي ۾ بي روزگاريءَ جي سطح 10.3 سيڪڙو جي لڳ ڀڳ آهي. هڪ اندازي موجب 1.6 ملين (ٻهڪڙائي 16 لک) ڪشميري برطانيه ۾ آباد آهن. ٻين يورپي ملڪن ۾ پڻ ڪشميري رهواسي مستقل بنيادن تي مقيم آهن. برطانيه ۾ ڪشميري نسل جا ڪيترا ئي سياستدان لبرل پارٽي ۽ ڪنزرويٽو پارٽي جي اهم عهدن تي فائز رهيا آهن. اهي ماڻهو هر سال وڏي رقم (سرمائو) ڪشمير ۾ رهندڙ پنهنجن عزيزن کي موڪليندا آهن. ڪشميري پاڪستان جي سول بيوروڪريسي ۽ مسلح فوج ۾ پڻ اهم عهدن تي فائز رهيا آهن. اهڙي طرح وڪيلن، ججن ۽ سياستدانن مان ڪيترن ئي جو تعلق پاڪستان جي آزاد ڪشمير سان آهي.
رياست ڄمون ۽ ڪشمير گذريل صديءَ تائين ڊوگرا راڄ جي ماتحت رهي. ڪشميري اڳواڻ شيخ محمد عبدالله 1932ع ۾ "آل ڄمو اينڊ ڪشمير مسلم ڪانفرنس” قائم ڪئي هئي. اي جي ڪي ايم سي (AJKMC) ڊوگرا راڄ خلاف تاريخي ويڙهه وڙهي. چوڌري غلام عباس 1941ع ۾ مسلم ڪانفرنس کي شيخ عبدالله جي مسلم ڪانفرنس کان ڌار ڪري هڪ الڳ جماعت بڻائي ورتي. چوهدري غلام عباس ڪشمير جي پاڪستان سان الحاق جا وڏا حامي هئا. شيخ عبدالله پنهنجي جماعت جو نالو "ڄمو و ڪشمير نيشنل ڪانفرنس” رکيو هو. غلام عباس کانپوءِ سردار عبدالقيوم خان مسلم ڪانفرنس جي قيادت سنڀالي ورتي هئي. پيپلز پارٽي جڏهن ڊسمبر 1971ع ۾ پاڪستان ۾ برسرِاقتدار آئي، ته سردار ابراهيم ڪشمير ۾ پيپلز پارٽي قائم ڪئي. 90ع واري ڏهاڪي ۾ مسلم ليگ (ن)، جماعت اسلامي ۽ پوءِ تحريڪ انصاف ڪشمير ۾ پنهنجون شاخون قائم ڪيون ۽ اهي پارٽيون ڪيترا ئي ڀيرا اقتدار ۾ اچي چڪيون آهن.
آزاد ڪشمير جي حڪومتن اتان جي رهواسين جي بنيادي مسئلن کي نظرانداز ڪيو. ڪجهه سال اڳ اتي ڪڻڪ ۽ اٽو مهانگو ملڻ لڳو. خاص طور تي برفباري ۽ خراب موسم ۾ ڪڻڪ ۽ اٽو ناياب ٿي ويندو آهي. بجليءَ جا اگهه پڻ وڌيا. ان صورتحال ۾ 2023ع ۾ "جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي” جي نالي سان هڪ تنظيم قائم ڪئي وئي هئي. ان ڪميٽي سستي، معياري ڪڻڪ ۽ اٽي جي فراهمي ۽ بجلي جا اگهه گهٽائڻ لاءِ 2024ع ۾ هڙتال جو سڏ ڏنو. اهو سڏ ايترو اثرائتو رهيو جو حڪومت کي ڪميٽي جا مطالبا مڃڻا پيا. ڪميٽي 2025ع ۾ 38 نقطن تي ٻڌل منشور جاري ڪيو.حڪومت 30 نقطن تي عملدرآمد جو اعلان ڪيو. پر هاڻي ٻيهر ڪالعدم جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي 9 جون کان هڙتال جو اعلان ڪري ڇڏيو هو، جنهن جي ڪري ڪشمير ۾ صورتحال پرتشدد ٿي وئي ۽ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون. ڪشمير ۾ پيدا ٿيندڙ هن صورتحال جا مستقبل ۾ خطرناڪ نتيجا نڪري سگهن ٿا. پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير جي صورتحال تي تشويش جو اظهار ڪيو آهي ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته فوري طور تي ڳالهيون ڪيون وڃن. بلاول ڀٽو جي اها ڳالهه درست آهي ته ڳالهين جو عمل ٻيهر شروع ٿيڻ گهرجي.