غوثپور پوليس هٿان هڪ ڪروڙ انعام رکيل ڏوهاري مارجي ويو

غوثپور(رپورٽ:عبدالجبار اوڳاهي)غوثپور پوليس جي وڏي ڪامياب ڪارروائي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن  پوليس ۽ ڏوهارين جي فائرنگ جي ڏي وٺ کان پوءِ هڪ بدنام زمانه هڪ ڪروڙ انعام رکيل ڏوهاري ملگزار عرف ملھو بھلڪاڻي مارجي ويو،ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگهرو جي حڪم تي ايس ايڇ او خليل احمد ۽ ايس ايڇ او سڪندر علي پھنوار پاران  غوثپور جي حد ۾ نئين روڊ ويجهو انٽيليجنس بيسڊ آپريشن دوران وڏي ڪاميابي حاصل ٿي.مارجي ويل  ڌاڙيل وٽان ڪلاشنڪوف هٿ آئي،ملگلزار عرف ملھو بھلڪاڻي معصوم ٻارن مزمل ۽ گل حسن پهنور جي قتل ۽ شهيد پوليس اهلڪار محمود لاشاري جي قتل جي ڪيس جو به مکيه ملزم هو،ٻئي پاسي گهرو وزير سنڌ ضياء الحسن لنجار ڪشمور پوليس جي وڏي ڪاميابي تي ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب، ايس ايس پي ڪشمور محمد مراد گهانگھرو ۽ سڄي ٽيم کي شاباش ڏني.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.