کٽمنڊو (ويب ڊيسڪ) اربع ڏينهن نيپال ۾ آيل ٻوڏ سبب فوتين جو انگ وڌي 616 ٿي ويو آهي.
نيپال پوليس موجب، ٻوڏ سبب حياتي وڃائيندڙن جو انگ 616 ٿي ويو آهي، ان کان اڳ فوتين جو انگ 579 ٻڌايو ويو هو.
ٻئي پاسي چيني سرڪاري ميڊيا موجب، تبت ۾ فوتين جو سرڪاري انگ وڌي 7 ٿي ويو آهي، جڏهن ته 554 ماڻهو اڃا تائين گم آهن.
ٻوڏ کانپوءِ نيپال ۾ عالمي امدادي ادارن ۽ ڪيترن ئي ملڪن جي حڪومتن هنگامي امداد ۽ ريسڪيو ڪارروائيون تيز ڪري ڇڏيون آهن، جڏهن ته نيپال ۾ اٽڪل 2 هزار ماڻهو اڃا تائين گم آهن.
هوڏانهن يورپي يونين، ڪئناڊا ۽ آمريڪا سميت ڪيترن ئي ملڪن نيپال کي امدادي سامان يا مالي مدد فراهم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
گڏيل قومن جي ترجمان موجب، 10 هزار کان وڌيڪ خاندانن کي خوراڪ ۽ صاف پيئڻ جي پاڻي جي فوري ضرورت آهي.
You might also like